Thursday 14 July 2022

Sindh in history today (14t July). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (14th JULY) 14th July BIRTH DATES Gobindram Bakhro (Writer/ birth 14th July 1914), Abdullah ‘Asar’ (BeroChandio/Poet/ birth 14th July 1920), ParmAbechandani (Khairpur> New Delhi/Writer/ birth 14th July 1926), Syed Madad Ali Shah ‘Manzar’ (Poet/ birth 14th July 1942), Asghar Khaskhili (Bhirya/Poet/ birth 14th July 1937), Syed Zafar Hussain (Hyderabad/Professor & writer/ birth 14th July 1937), Mahtab Mahboob (Karachi/Writer/ birth 14th July 1945), Ahmad Ali Chandio ‘Sabir’ (Shahdadkot/Poet & Artist/ birth 14th July 1952), Mir Inayat Ali Talpur (Tando Muhammad Khan/Politician/ birth 14th July 1952), Muzafar Hussain ‘Tayab’ (Hala/Poet/ birth 14th July 1957), Muhabati Manzoor Zardari (Jam Zardari/Poet/ birth 14th July 1961), Shah Khalid Bukhari (BukhariBerri/Poet/ birth 14th July 1979), Imam Bux ‘Aajiz’ Jamali (Shahbeg Jamali/Poet/ birth 14th July 1984), DEATH DATES Moulvi Muhammad Hashim Ansari (Phulji/Religious Scholar/ date 14th July 1962). EVENTS 1909: Brahamu Samaj Mandil celebrates Sadhu Hiranand Memorial Day at Khalikdina Hall. Seth Harchandrai is in chair. Prof. S.C.Shahani and Prof.T.L.Wasvani pay homage to the founder of Brahma Samaj, Social reformer, founder of N.H. Academy of Hyderabad- Sadhu Hiranand. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1920: The Daily Al-Wahid, Karachi carries the report about departure of Special Train booked by Jan Muhammad Junijo and other for Sindhi migrants. It is told that more than 50000 people were present at Larkana Railway station on this occasion. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1924: Chaudhri Lal, minister of Punjab is unseated for procuring votes by false personation. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1924). 1930: In a meeting of Hindus and Muslims of Kambar taluka, Non-Cooperation Movement launched by Khilafat & Congress is condemned at length and it is resoled to ask Government to take proper steps for separating Sindh from Bombay Presidency. Mukhi Gobindram- the Mukhi of 74 Hindu Panchayats takes active part. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1940: The important meeting of the Working Committee of the Sindh Muslim League held at Karachi with Haji Abdullah Haroon in chair resolve to hold Sindh Provincial Muslim League Conference at Larkana and Sir Sikandar Hayat, Premier of Punjab be requested to preside. (Source: ‘Source-Material on Sindh Muslim League’, compiled by Gul Hayat Institute) 1942: The All-India Congress Committee passes ‘Quit-India Resolution’. 1945: The official announcement of the failure of the leaders conference is made by Lord Wavell when the conference resumed its sitting at Simla for the last time.”On final examination and analysis of the Wavell Plan we found that it was a snare. There was the contribution of Gandhi Hindu Congress, who stand for Indian’s Hindu National independence as one India”, says M.A.Jinnah. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1945). 1955: Muslim League adopts resolution ‘One-Unit’ resolution. (Source: Newspapers). 1972: Larkano witnesses ugly language riots. Curfew is imposed. (Source: ibid) 1977: Civil war had knocked doors of our society , my action was timely and it will pave way for restoration of peace in the country, says Zia in its first Press Conference. (Source: Newspapers). " سنڌ جي ڪمال ۽ زوال جي واقعاتي تاريخ-(14 جولاء)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ ڪجھ واقعا ] 14.7.1909 ساڌو هيرانند ۽ سندس خاندان "برهمو سماج" کي سنڌ ۾ منظم ڪيو. ڪراچئ ۾ "برهمو سماج منڊل" نالي تنظيم انھئ اثر هيٺ قائم ٿي. انھئ منڊل طرفان اڄ سيٺ ھرچند وشنداس جي صدارت ۾ خالقڏني هال ۾ ساڌو هيرانند جو ڏينھن ملهايو ويو. پروفيسر شھاڻئ ۽ ٽي.ايل. واسواڻئ ساڌو هيرانند جي سماجي, صحافتي ۽ مذھبي خدمتن تي روشني وڌي. 14.7.1920 تاريخ جا ورق ٻڌائن ٿا ته ڪيترن سنڌي ماڻھن "جتي پڄي نه سگهجي,اتي ڀڄڻ ڪم وريامن جو" جي غلط منطق تي عمل ڪري, سنڌ ۽ سنڌي قوم سان بي انصافي پئي ڪئي آھي. انھن مڙس ٿي حالتن کي منھن نه ڏنو. عرب آيا ته ڪيترن هندن ملڪ ڇڏيو. ارغون ۽ ترخان آيا ته ڪيترا سنڌي لڏي ويا. انگريزن سان اسان جا خلافتي وڏڙا ڪاوڙيا ته انھن افغانستان هجرت ڪئي. اهو هڪ غلط سياسي فيصلو هو, جن نه فقط ڪيترا خاندان تباه ڪرايا, پر سياسي مقصدن لاء لڏ پلاڻ ڪرڻ جي روايت قائم ٿي. رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي جي قيادت مان هجرت ڪندڙن جي پهرين اسپيشل ٽرين لاڙڪاڻي مان نڪتي ته پنجاه هزار ماڻھن کين الوداع ڪيو. انھئ واقعي جا تفصيل اڄ "الوحيد“ اخبار ۾ شايع ٿيا. 14.7.1921 قمبر ۾ ھندن توڙي مسلمانن جي گڏيل گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ خلافت ۽ ڪانگريس طرفان حڪومت خلاف هلندڙ تحريڪن جي مذمت ڪئي وئي ۽ سرڪار کان مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ کي الڳ صوبي بنائڻ لاء تحرڪ وٺي. هن موقعي تي امن سڀا قائم ڪئي وئي, جنهن لاء رئيس قائم خان شيخ کي صدر ۽ مکي گوبندرام کي نائب صدر چونڊيو ويو. 14.7.1940 حاجي عبدالله هارون جي صدارت ۾ ڪراچئ ۾ سنڌ مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪميٽئ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عنقريب لاڙڪاڻي ۾ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس ڪوٺرائي ويندي, جنھن جي صدارت پنجاب جي وڏي وزير سر سڪندر حيات کان ڪرائبي. 14.7.1940 "الوحيد" جي اڄوڪي پرچي ۾ مسجد منزل گاه انڪواري ڪورٽ جي ڪاروائي ڇپي. ان مطابق علي محمد شاه راشدئ ان ۾ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته خانبهادر الله بخش سومري پاڻ اهڙي سياست کيڏي, جنهن جي نتيجي ۾ مسجد منزل گاه وارا فساد ٿيا. هن طرف وري مسٽر لولا اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مسلم ليگ جي سياست ۽ ذھنيت ئي فسادن جو ڪارڻ ھئي. مسلم ليگ کي فقط سومري جي وڏ-وزارت/حڪومت کي ڊاهڻو هو,انھئ معمولي ڪم لاء ھنن غير معمولي فساد ڪرايا. 14.7.1942 آل انڊيا ڪانگريس "هندستان ڇڏيو" تحريڪ بابت ٺھراء پاس ڪيو. سنڌ هن تحريڪ ھلڻ کان پوء پنهنجو مثالي ڪردار ادا ڪيو ۽ نتيجي ۾ ڪيترا سنڌي ڪانگريسي جيلن ۾ ويا.هن موضوع تي گل حيات ۾ معياري ۽ مقداري مواد موجود آھي. 14.7.1950 لڳ ڀڳ هزار پناهگيرن وزير اعظم لياقت علي خان جو گهر اڳيان اچي دانھون ڪوڪون ڪيون ته هو اميدن ۽ آسرن تي هتي اچي پهتا آھن, سندن واهر ڪريو. 14.7.1955 مسلم ليگ "ون-يونٽ“ جي حق ۾ ٺھراء پاس ڪيو. 14.7.1972 لساني فسادن لاڙڪاڻي کي پنهنجئ لپيٽ ۾ ورتو. ڪراچئ ۾ اتر ڪراچي ان آگ ۾ جلندي رهي. ڀٽي اڄ پراڻن ۽ نون سنڌين وچ ۾ ٿيل ٺاھ جا تفصيل اعلان ڪيا. 14.7.1977 ضياء الحق پهرين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گهرو لڙائي ملڪ ۾ در کڙڪائڻ تي هئي ۽ مون مارشل لا لڳائي وقت تي انھئ جو رستو روڪيو آھي. 14.7.2003 سنڌ يونيورسٽئ جي وائيس چانسلر مظھرالحق صديقئ جي صدارت هيٺ نسيم کرل جي ورسي ملهائي وئي. هن موقعي تي حميد سنڌئ, غلام نبي مغل, تاج بلوچ وغيره نسيم کرل جي زندگئ ۽ ادبي خدمتن تي روشني وڌي. [جنم ڏينهن]: 14 جولاءِ 1907ع ليکڪ غلام اصغر ونڊير جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1919ع سماج سڌارڪ ۽ قانوندان آخوند الهه بچايو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1914ع ليکڪ گوبندرام جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1920ع شاعر عبدالله اثر (ٻيڙو چانڊيو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1926ع ليکڪ پرم اڀيچنداڻي (خيرپور / دهلي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1937ع ليکڪ سيد ظفر حسن (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1937ع شاعر اصغر خاصخيلي (ڀريا) جو جنم ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1942ع شاعر مدد علي شاهه منظر (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1945ع ليکڪا مهتاب محبوب جو جنم ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1952ع شاعر احمد علي صابر چانڊيو (شهداد ڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1952ع سياستدان مير عنايت علي ٽالپرجو جنم ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1957ع شاعر مظفر حسين طيب (هالا) جو جنم ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1961ع شاعر محبتي منظور زرداري جو جنم ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1979ع شاعر شاهه خالد بکري جو جنم ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1984ع شاعر امام بخش عاجز جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو]: 14 جولاءِ 1962ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد هاشم انصاري (ڦلجي اسٽيشن) جو لاڏاڻو ٿيو. 14 جولاءِ 1975ع برصغير جو مشهور موسيقار مدن موهن ديهانت ڪري ويو. 14 جولاءِ 1978ع سنڌي ادب جي مشهور ڪهاڻيڪار نسيم کرل(خيرپور) کي قتل ڪيو ويو. 14 جولاءِ 2005ع سياستدان ۽ ڪلاسيڪل وڏيري شاهنواز جوڻيجي جو انتقال ٿيو۔

No comments:

Post a Comment