Thursday 30 June 2022

Sindh in history today (1st July). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (1st JULY) 1st July BIRTH DATES MotiramValecha ‘Zindah’ (Sukkur>Ajmir/ birth1st July 1914), Muhammad Khan ‘Moulai’ (Poet/ birth1st July 1923), Sufi Ghulam Muhammad ‘Piyasi’ (Aliabad Sukkur/Poet/ birth1st July 1931), Dur Muhammad ‘Masroor’ (Poet/ birth1st July 1932), HashoShahdadpuri (KhairpurMirs>Ajmir/Artist &Writer/ birth1st July 1933), Dr.AbdulKhalq ‘Raz’ (Haji Khan Kalhoro/Poet & Scholar/ birth1st July 1934), Arjun ‘Hasid’ (Karachi > Ahmadabad/Poet & Scholar/ birth1st July 1934), Ahmad BuxBadvi ‘Masroor’ (Shikarpur/Poet/ birth1st July 1939), Abdul Fatah Abro(Journalist/ birth1st July 1940), Asandas ‘Khushnasib’ (Jati>Jhonagarah/Poet/ birth1st July 1944), Ram Belani ‘Khumar’ (Tharo Shah >Adipur/Poet/ birth1st July 1945), QaboolAbro (Shah Quli/Writer/ birth1st July 1948), SewalGunani (Pir Jo Goth > Ahmadabad/Actor/ birth1st July 1948), Mumtaz Ali Mangrio (Jacobabad/Journalist/ birth1st July 1949), Abdul MajeedAbupoto (Talpur Wada/Writer/ birth1st July 1966), Haq Nawaz Samo (Artist/ birth1st July 1968), Dr. Altaf ‘Aasi’ Chandio (poet/ birth1st July 1969), Imdad HussainBukhari (Writer/ birth1st July 1970), Niaz ‘Nashad’ Lashari (KaramLashari/Poet/ birth1st July 1970), Niaz Ali Lashari (Karam Ali/Journalist/ birth1st July 1972), Zamir HussainShaikh (Nasirabad/Journalist/ birth1st July 1973), Nahid Nazr Siyal (Writer/ birth1st July 1977), Khoso Baho (Journalist & Poet/ birth1st July 1987), Aslam Haepoto (Poet/ birth1st July 1988), DEATH DATES Faqir Darya Khan Abbasi (Lalorank/Saint/ date 1st July 1892), KhalifoMakarpiosani (Saint/ date 1st July 1951), Moulvi Abdul Hakim Brohi (Religious Scholar/ date 1st July 1956) EVENTS 1836: Colonel Pottenger informs Government of India that Ranjitsing has asked Sindh Rulers to restore Shikarpur to him and serious disput has occurred between Mir Naseer Khan of Hyderabad and Mir Ali Murad Khan of Mirpur. (Source: Colonel Pottenger’s letter No. 59). 1839: Lieutenant Charles, Commanding the Indus Flotia asks Ross Bell to precede to Lower Sindh and collect on the way all information regarding location of fuel depots for use of Steam boats. He is also asked to make arrangements for conveyance of Dak (post) between Shikarpur and Dadhar, Dadhar and Quetta.(Source: Government of India’s letters). 1853: The new Sindhi alphabet is published. It has been deviced by Mr. Ellis- Revenue Assistant to the Commissioner-in Sindh in consultation with a committee of local people with equal number of Hindus and Muslims. The number of letters is increased from 29 to 52 to meet the requirement of Sindhi sounds.(Source: Dr. Pathan’s Ph.D. Thesis “Contribution of Karachi towards development of Sindhi Literature & Language’). 1928: In the meeting of Pro-Sindh Separation Muslim leaders held at Karachi, arrangements are finalized regarding holding of ‘Sindh Muslim Political Conferences’ in various districts of Sindh so as create awareness about the importance of separation of Sindh from Bombay Presidency.(Source: G.M.Syed’s book ‘Sindh ji Bombay khan azadi’) 1948: The Quaid-i-Azam inaugurates State Bank of Pakistan (Source: Newspapers). 1950: Urdu College will be affiliated with Sindh and Punjab Universities, Government assures Moulvi Abdul Haq. (Source: Ibid). 1961: Karachi becomes 12th Division in West Pakistan. Districts of Labella are included in it. (Source: Ibid). TRANSLATION INTO SINDHI Sindh in history today (01st JuLy). Slection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Reseach by Dr.Pathan. 01 جولاء جي حوالي سان سنڌ جي "واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) [ ون-يونٽ, جيڪو ايسٽبلشمينٽ ٺاهيو هو, ان کي انھئ پاڻ ٽوڙيو. اڄ سنڌ کي وري صوبائي حيثيت ملي. سنڌ ۾ سياستدانن جي وڏي انگ وڏئ سرڪار جي سهولتڪار وارئ حيثيت ۾ ون-يونٽ ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي. ون-يونٽ خلاف تحريڪ هلائيندڙن مان ڪي وري ون-يونٽ جي ڇانو ۾ ٺھيل مغربي پاڪستان اسيمبلئ جا وڃي ميمبر ٿيا. ون-يونٽ خلاف شاگردن ۽ سياسي ڪارڪنن مثالي قربانيون ڏنيون. اڄ انھن کي سلام ڪرڻ جو ڏينھن آھي] *************** توجه طلب واقعا *************** 1.7.1836: ڪرنل پاٽينجر اڄ سنڌ مان پنهنجئ سرڪار کي ٻڌائي ٿو ته سنڌ داخلي ۽ خارجي مسئلن جي ور چڙھيل ملڪ بڻجي چڪو آھي. هڪ طرف رنجيت سنگ جو ميرن تي زور آھي ته شڪارپور پنهنجئ رضا خوشئ سان منهنجي حوالي ڪريو, نه آئون شڪارپور تي چڙھائي ڪري اها فتح ڪندس. پاٽينجر وڌيڪ لکي ٿو ته حيدرآبادي حاڪم مير نصير خان ۽ ميرپوري حاڪم مير علي مراد وچ ۾ پرڳڻن جي مالڪئ تان شديد اختلاف پيدا ٿي چڪا آھن. 1.7.1839: فرنگي عملدار راس بيل تي ڪم رکيو ويو ته هو ڏکڻ سنڌ ۾ سنڌوندئ ۾ ھلندڙ آگبوٽن لاء ڪي اهڙا هنڌ تجويز ڪري جتي پتڻ/بندر ٺاهجن. آگبوٽن کي ڪٿي ڪٿي تيل ۽ ٻرڻ لاء ڊيپو ٺاهڻ گهرجن. کيس اهو به چيو ويو ته هو شڪارپور کان ڍاڍر ۽ ڍاڍر کان ڪوئٽيا تائين سرڪاري ٽپال پهچائڻ جو سلسلو به جاري ڪري. 1.7.1839: ڪمپني حڪومت سنڌ ۾ مقيم پنهنجي نمائندي جي اها گذارش قبول ڪئي ۽ منظوري ڏني ته ٻروچن کي فوج ۾ ڀرتي ڪجي. [جيئن سنڌي فوج ۾ ڀرتي نه ڪجن ۽ جيئن ان سان سنڌ ۾ نسلي يا ٻروچ غير ٻروچ تضاد/اختلاف وڌائي سگهجي. هن ڪوشش اڳتي هلي سنڌ ۾ بلوچ ريجمينٽ ٺاهڻ جو جواز پيدا ڪيو] 1.7.1853: هندو ۽ مسلمان ڪميٽي ميمبرن جي مدد سان ايلس جي جوڙيل, ٻاونجاه حرفن واري سنڌي الفابيٽ سرڪار شايع ڪرائي. 1.7.1922: خلافيتن جڏهن فرنگي حڪومت خلاف رڻ ٻاري ڏنو ته انگريزن پنهنجي وفادار پيرن ۽ وڏيرن کان "امن سڀا" جي نالي سان جماعتون ٺھرائڻ شروع ڪيون. سنڌ دوست ۽ فرنگي دشمن عوام انهن وڏيرن ۽ پيرن خلاف به زبان کولڻ شروع ڪئي ۽ سندن انھئ انگريز-دوستئ جي ندا ڪئي. اڄوڪئ "الوحيد" جي پرچي ۾ ان حوالي سان هڪ خبر شايع ٿي, ڪنهن تبصري کان سواء اها هتي ڏجي ٿي: " ڳوٺ ڇڄڙن, تعلقي قمبر مان پنجن شخصن محمد رمضان, حاجي مددالله, سائين رکيو, رحيداد ۽ پنجو لکن ٿا ته جنهن صورت ۾ پير صالح شاه راڻيپور واري کي اسلام سان همدردي ڪانه آھي, پر اٽلندو امن سڀا ۾ شريڪ ٿي اسلام جي چمڪندڙ بجلئ کي ڦوڪار ڏئي رهيو آھي, تنهن ڪري ان جي گمراهئ جي حالت ڏسي پنهنجي زبان بچائڻ واسطي اسان انھئ پير جي مريدئ تان استعيفا ٿا ڏيون ۽ اميد ٿا ڪريون ته ٻيا مسلمان ڀائر, اهڙن حقن کان گمراه ٿيل پير مرشدن کان استعيفا ڏئي پنهنجو ايمان بچائيندا" 1.7.1928: ڪراچئ ۾ سنڌي مسلمانن جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ سنڌ کي ممبئئ کان الڳ ڪرڻ واري شعور ڏيڻ لاء ”سنڌ مسلم پوليٽيڪل ڪانفرنسن" سڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ اهڙئ پهرينء ڪانفرنس لاء ”آڌرڀاء ڪميٽي" پڻ جوڙي وئي. 1.7.1948: پاڪستان جي بانئ ڪراچئ ۾ ”اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان" جو افتتاح ڪيو. 1.7.1950: مولوئ عبدالحق پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسان جيڪو " اردو ڪاليج" قائم ڪري رهيا آھيون, ان جو سنڌ ۽ پنجاب يونيورسٽين سان الحاق ڪرائبو. [اسان جي ڪنهن پير, وڏيري يا امير کي شايد قيامت تائين خيال نه ايندو ته ڪو سنڌ ۾ ”سنڌي ڪاليج" قائم ڪجي. جنهن ڪري سمورا علوم سنڌئ ۾ ترجمو ڪرڻ جو جواز پيدا ٿيندو ۽ سنڌي ٻولي ترقي ڪندي] 1.7.1959: سرڪار "اردو انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام" پراجيڪٽ لاء ڪثير تعداد ۾ مالي گرانٽ منظور ڪئي. ["سنڌي انسائيڪلوپيڊيا" مرتب ڪرڻ جو خيال "سنڌي لئنگويج اٿارٽئ" کي ڏاڍو دير سان آيو. اهو عملي جي تحقيقي تربيت ۽ منصوبه بندي سان نانئ ويڙهو بڻائي شروع ڪيو ويو. ان ڪري هن اهميت واري ڪم ۾ وڏا نقص رهجي ويا. مثال طور جيڪو ان ۾ مون بابت ذڪر آھي, اهو مون کان ڪونه ورتو ويو. هن ڪتاب لاء گڏ ڪيل واقعن جي ڇنڊ ڇاڻ نه ڪئي وئي.] 1.7.1961: ڪراچئ کي لس ٻيلو ضلعو شامل ڪري, ان کي مغربي پاڪستان جي ٻارهين ڊويزن بڻايو ويو. ************* { پهرين جولاءِ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] پهرين جولاءِ 1914ع شاعر موتي رام وليچا زندهه (سکر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين جولاءِ 1923ع شاعر محمد خان مولائي (وڳڻ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين جولاءِ 1924ع ليکڪ رام ڪرشن هيرانند راهي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين جولاءِ 1933ع آرٽسٽ هاشو شهدادپوري جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جولاءِ 1934ع شاعر ڊاڪٽر عبدالخالق راز جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جولاءِ 1939ع شاعر احمد بخش مسرور بدوي(شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جولاءِ 1940ع صحافي عبدالفتاح ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جولاءِ 1944ع شاعر آسنداس خوشنصيب (جاتي) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جولاءِ 1945ع شاعر رام بيلاڻي خمار (ٺارو شاهه) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جولاءِ 1948ع ليکڪ قابل ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جولاءِ 1949ع صحافي ممتاز علي مڱريو (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جولاءِ 1934ع شاعر ڊاڪٽر عبدالخالق راز جو جنم ڏينهن آهي. پهرين جولاءِ 1970ع سياستدان طارق مسعود آرائين(نوابشاهه) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] پهرين جولاءِ 1892ع بزرگ فقير دريا خان عباسي جو لاڏاڻو ٿيو. پهرين جولاءِ 1956ع مذهبي عالم مولانا عبدالحڪيم بروهي لاڏاڻو ڪري ويو. پهرين جولاءِ 2005ع اداڪار ۽ صداڪار اي آر بلوچ جي وفات جو ڏينهن آهي.

No comments:

Post a Comment