Monday 4 July 2022

Sindh in History today (5th July). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (5th JULY) 5th July BIRTH DATES Syed Gul Muhammad ‘Gul’(Tando Ali Sher/Poet & Politician/ birth 5th July 1903), Narain Batheja (Sukkur>Kalyan Camp/Writer/ birth 5th July 1905), Ushila Puship (Shikarpur> Ulhasnagar/Writer/ birth 5th July 1923), Ustad Gulzar Ali Khan (Dehat/Singer/ birth 5th July 1938), Tariq Ashraf (Hyderabad/Founder of ‘Suhni’ Magazine & writer/ birth 5th July 1940), Dada Sindhi (Dad Laghari/Writer/ birth 5th July 1945), Fahmida Hussain Memon (Tando Jam/Chairperson Sindhi Language Authority/ birth 5th July 1948), Shuhba ‘Wahid’ (Poet/ birth 5 th July 1951), Dr.Noor Afroz Khowaja (Hyderabad/Scholar/ birth 5th July 1953), Gul Hassan Kalmati (Gadap/Scholar/ birth 5th July 1959), Mushtaq Nizamani (Director RozayDhani Chair/ birth 5th July 1966), Sanwal Mirali (KhudaBuxMirali/Writer/ birth 5th July 1967), Wazir ‘Farhad’ Solangi (Miani/Poet/ birth 5th July 1967), Sher Aalam Jokhio (Gadap/Journalist/ birth 5th July 1968), Mevo Majrooh Menghwar (Kadhan/Journalist/ birth 5th July 1973), DEATH DATES Syed Anwar Ali Shah (Jahanpur/Poet/ date 5th July 1951) EVENTS 1851: Sindh Commissioner writes to the Government of Bombay apprising of the Batai System in Sindh. (Source: Sindh Commissioner’s letter No.1293). 1927: Punjab Muslim League adopts resolution condemning the judgment of Mr. Justice Dalip Sing in the case in which writer had attacked founder of Islam. The judgment was in favour of writer. This book was later on translated and published by Nathoram in Sindh and translator was killed in the court bu Ghazi Abdul Qayoom. (Source: The Indian Annual Register, Voll-11, 1927 and Newspapers). 1929: Congress Working Committee at its meeting held at New Delhi records it opinionthat all members of the legislatures should resign their seats. (The Indian Annual Register, Voll-11,1929). 1948: Khan Ghani son of Khan Abdul Ghaffar Khan, Khan Abdullah son of Dr.Khan and Master Abdul Karim are arrested under Section 40 of the NWFP Criminal law. (Source: Newspapers). 1954: The Communist Party is declared unlawful by all provincial governments of Pakistan. (Source: Newspapers). 1961: U.K supports Pakistan on Pakhtonistan issue, whereas Afghanistan intends to support Pakhtonistan. (Source: Ibd). 1973: American military aid to Pakistan is important to maintain balance of power in the region, says Z.A.Bhutto, Prime Minister of Pakistan. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1976: Engineering College and Cadet College is announced for Baluchistan (Source: Newspapers). 1977: Zia-ul-Haq imposes Martial Law, assemblies are dissolved and leading leaders from PNA and PPP including Z.A.Bhutto, Prime Minister of Pakistan are arrested.(Source: Newspapers). TRANSLATION INTO SINDHI Sindh in history today (5th July). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. 5 جولاء جي حوالي سان سنڌ جي "واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 5.7.1840: ليفٽيننٽ برائون اڄ سکر مان ڏکڻ سنڌ واري فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ کي خط لکي ٻڌائي ٿو ته ڪي اوپرا, شايد ايراني يا عرب خيرپور پهتل آھن. ھو ٻه راتيون مير رستم خان جي وزير غورئ جا مهمان ٿي رهيا. هاڻي خبر نه ٿي پئي ته ڪاڏي گم ٿي ويا. تون ايڏانھن نظر رکجان. 5.7.1927: پنجاب مسلم ليگ هڪ ٺھراء پاس ڪري جسٽس دليپ سنگ جي انھئ فيصلي جي ندا ڪئي, جنهن ۾ جج انھئ ليکڪ ۽ پبلشر کي آزاد ڪري ڇڏيو, جنھن پنهنجي ڪتاب ۾ نبي ڪريم صلي الله جي شان مبارڪ ۾ گستاخي ڪئي هئي. [سالن کان پوء اهو ساڳيو ڪتاب سنڌ ۾ نٿورام ترجمو ڪري ڇپرايو. مٿس توهين مذھب جو ڪيس هليو ۽ ڪيس هلڻ دوران عبدالقيوم کيس ڪورٽ ۾ قتل ڪيو هو] 5.7.1948: عبدالغفار خان جي پٽ خان غني, ڊاڪٽر خان جي پٽ خان عبدالله کي سرحد/ڪي.پي.ڪي حڪومت سيڪشن 40 هيٺ گرفتار ڪيو. [ ٻين صوبن جي خانن پنهنجي سياسي فلسفي ۽ شعور ڪري ڀوڳيو. سنڌ ۾ وري سورهيه بادشاه ۽ جي.ايم.سيد پنهنجي سياسي نظرين ۽ قدرن ڪري ڏکن جا ڏينھن ڏٺا] 5.7.1954: پاڪستان جي صوبائي حڪومتن وڏئ سرڪار جي هدايتن جي پوئوارئ ۾ ڪميونسٽ پارٽئ کي غيرقانوني چئي پابندي مڙھي ڇڏي. 5.7.1977: جنرل ضياء الحق ملڪ سان مارشل لا لاڳو ڪري ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو, اسيمبليون ٽوڙيون ۽ ڀٽي سميت مکيه سياسي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو. *************** {5 جولاء تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 5 جولاءِ 1903ع شاعر ۽ سياستدان سيد گُل محمد شاهه (ٽنڊو غلام علي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 جولاءِ 1905ع ليکڪ نارائڻ بائيجا (سکر / هندستان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 جولاءِ 1923ع ليکڪا سشيلا پشپ (شڪارپور / الهاس نگر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 جولاءِ 1938ع ڪلاسيڪل راڳ جو گلوڪار استاد گلزار علي خان جو جنم ڏينهن آهي. 5 جولاءِ 1940ع ليکڪ ۽ "سهڻي" جي ايڊيٽر طارق اشرف جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 جولاءِ 1945ع اسڪالر ۽ محقق داد سنڌي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 جولاءِ 1948ع اسڪالر، محقق ۽ ليکڪا ڊاڪٽر فهميده حسين جو جنم ڏينهن آهي. 5 جولاءِ 1951ع شاعر شعبان واحد جو جنم ڏينهن آهي. 5 جولاءِ 1953ع اسڪالر ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر نور افروز خواجه (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 5 جولاءِ 1959ع ليکڪ، محقق ۽ تاريخدان گُل حسن ڪلمتي(گڏاپ) جو جنم ڏينهن آهي. 5 جولاءِ 1966ع محقق مشتاق نظاماڻي (خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. 5 جولاءِ 1967ع ليکڪ سانول ميرالي جو جنم ڏينهن آهي. 5 جولاءِ 1967ع شاعر ۽ سياسي، سماجي ورڪر وزير فرهاد جو جنم ڏينهن آهي. 5 جولاءِ 1968ع سماجي ورڪر شير عالم جوکيو (ڪونڪر) جو جنم ڏينهن آهي. 5 جولاءِ 1973ع صحافي ميوو مجروح مينگهواڙ (ڪڍڻ) جو جنم ڏينهن آهي. 5 جولاءِ 1981ع سماجي ورڪر خادم لاشاري (جوهي) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 5 جولاءِ 1951ع شاعر سيد انور علي شاهه(جهانپور) جو انتقال ٿيو. 5 جولاءِ 2008ع ڪالم نگار، ليکڪ، سماجي اڳواڻ زاهد حسين پيرزادو گذاري ويو.

No comments:

Post a Comment