Saturday 2 July 2022

Sindh in history today (3rd July). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (3rd JULY) 3rd July BIRTH DATES Tirath Bhagwani (Writer/ birth 3rd July 1924), Mirza Nadar Baig (Hyderabad/Writer/ birth 3rd July 1929), Gul Muhammad ‘Ashiq’ (Deplo/Poet/ birth 3rd July 1935), Anb Shaikh (Bhabhrijiwandh/Poet/ birth 3rd July 1945) DEATH DATES Makhdoom Muhammad UsmanQureshi (Larkano/Religious Scholar/ date 3rd July 1918), Mirza Kalich Baig (Hyderababd/Great Scholar, Writer & Poet/ date 3rd July 1929) EVENTS 1844: Lieutenant Colonel Outram writes to Major General William Napier criticizing Sir Charles Napier’s Sindh policy and undue actions taken soon after conquest of the country. Later on this letters was published by press and integrity of Sir Chales Napier stood questioned.(Source: Governor-General’s letter No.514). 1856: Political Superintendent, Upper Sindh Frontier (Jacobabad) informs the Sindh Commissioner that hostilities are reported between Murres and Bugtis and Nathanee branch of Bugtis is in trouble.(Source: Letter No.229) 1857: Government of Bombay asks Sindh Commissioner to offer his comments on three projects to be launched very soon. The projects are: (a) The means of transport between Ghizri Bunder and the Harbor of Karachi, (b) The means of water transport between Indus and Keamari and (c) The means of supplying drinking water to Karachi and its environs. (Source: Sindh Commissioner’s letter No.183). 1949: Muslim League leaders demand Ch.Khalq-u-Zaman to resign as president of the Muslim League. (Source: Newspapers). 1952: The work starts on Kashmore-Jacobabad Railway Project. (Source: Newspapers). 1958: Now One-Unit is becoming matter of anxiety for Punjab leaders. Prime Minister Malik Feroz Khan Noon says that this scheme needs to be reviewed and suggests that changes in its administrative setup must be brought. (Source: Newspapers). 1964: Raj Gopal Acharya proposes that Kashmir administration should be handed over to U.N.O for supervision, till the dispute is resolved between India and Pakistan. (Source: The Hindutan Times) 1967: Kazi Fazlullah joins West Pakistan ministry.(Source: An interview with Kazi Fazlullah by Dr.Pathan). 1972: National Assembly to approve Simla Agreement. It is our great and historic achievement, says Z.A.Bhutto. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1977: PNA rejects amendment suggested by the Government and insists on acceptance of its new demands and proposal. (Source: Ibid) TRANSLATION INTO ENGLISH [جيڪڏهن چاهيو ٿا ته ڪو اڳواڻ اوهان سان ويساه-گهاتي نه ڪري ۽ ابتيون سبتيون ڳالهيون ڪري, سبز باغ ڏيکاري اوهان کي چڳ-وڍيو نظرياتي يا سياسي مريد نه بڻائي, ته تاريخ جو مطالعو ڪيو. تاريخ عملن جو رڪارڊ آھي ۽ تاريخ ڪوڙ کي ڪوڙ ۽ سچ کي سچ ثابت ڪندي آھي.] ******* Sindh in history today (3rd July). Slection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Reseach by Dr.Pathan. 3 جولاء جي حوالي سان سنڌ جي "واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 3.7.1844: فريب ۽ دهمان سان نيپيئر سنڌ تي قبضو ڪيو ته سندس اها مڪاري ۽ سازش هن جي زيردست فرنگي عملدارن کي به وڻي. خاص طور تي ليفٽيننٽ ڪرنل آئوٽرام پهريون نيپيئر خلاف ٻين فرنگي عملدارن ڏي خط لکيا ۽ پوء اخبارن ۾ لکي هن لاء باه ٻاري. 3.7.1856: اڳ خانڳڙه شھر هو, پوء ان کي جيڪب آباد نالو ڏنائون. انهئ پرڳڻي کي اپر سنڌ فرنٽيئر چوندا هئا. انھئ پرڳڻي جو پوليٽيڪل سپريڊنٽ اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي خط لکي ٻڌائي ٿو ته هتي مرين ۽ بگٽن ۾ ويڙھ شروع ٿي وئي آھي ۽ بگٽين جو چڱو خاصو نقصان ٿيو آھي. [فرنگي انھن جابلو قبيلن کي منھن ڏئي نه پيا سگهن. هو پرڳڻي ۾ ڏوه ڪري جبل تي چڙھي ويندا هئا. انھن کي سرڪار پاڻ ۾ ويڙهائي سندن قوت ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي] 3.7.1857: ممبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو ته; 1). گذرئ کان بندر تائين رستي ٺاهڻ,2).سنڌوندئ مان ڪياماڙئ تائين پاڻي پهچائڻ ۽ 3). ڪراچي شهر ۽ ان جي پس گردائئ کي پيئڻ جي پاڻي پهچائڻ لاء الڳ الڳ ٽي پرجيڪٽس ٺاهي موڪل ته جيئن توکي منظوري ۽ ڏوڪڙ ڏئي انھن تي ڪم شروع ڪرائجي. 3.7.1921: مانجهند ۾ سرڪار-پرست تنظيم "امن سڀا" قائم ڪئي وئي. زميندار تيجومل خانچند کي ان جو صدر ۽ ميونسپل ڪائونسلر سيٺ ٽھلرام پرسومل کي ان جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. امن سڀائون فرنگي عملدار پاڻ ذاتي دلچسپي وٺي قائم ڪرائيندا هئا. 3.7.1929: 1923ع ۾ مذھبي جنون ۽ ڪٽرپڻي جو آغاز ٿيو. انھئ سال ڪراچئ ۾ آريا سماجين "شڌي سڀا" جي شاخ کولي سنڌ جي سنجوڳي شيخن کي وري هندو بنائڻ جي تحريڪ هلائي. رد عمل ۾ مسلمانن مان مذھبي اڳواڻن به هندن کي مسلمان ڪرڻ شروع ڪيو. هندو توڙي انڌ جي گهوڙي تي ايئن چڙھيا جو سالن تائين سنڌ ۾ مذھبي ۽ جنون راڄ ڪيو. نفرتون ايتريون وڌي ويون جو پيئڻ جو پاڻي هندن لاء ۽ مسلمانن لاء الڳ رکيو ويو. اڄ "الوحيد" اخبار "شڌي تحريڪ" ڪري ٿيل غلط اثر بابت تفصيلي ايڊيٽوريل لکيو. 3.7.1952: ڪشمور-جيڪب آباد ريلوي پراجيڪٽ تي ڪم شروع ڪيو ويو. 3.7.1958: ون-يونٽ ٺھيئي ڪجھ سال به گذري ويا, پر پريشاني پنجاب ۾ به پيدا ڪري وڌائين. ان کي ڌيان ۾ رکندي ملڪ جي وزير اعظم فيروز خان نون چيو ته هن اسڪيم تي نظرثانئ جي ضرورت آھي.[ياد رهي ته ون-يونٽ خلاف تحريڪ فقط سنڌ ۾ ڪانه هلي هئي. سرحد/پي.ڪي.پي ۾ زور سان هلي هئي. 3.7.1967: قاضي فضل الله کي مغربي پاڪستان حڪومت ۾ وزير مقرر ڪيو ويو. [ياد رهي ته ون-يونٽ دور ۾ اسان جا سياستدان ته ميمبرئ يا چند وزارتن تي خوش ٿي ويا. سنڌ کي وڏا نقصان هن دور ۾ مليا. ڀارت کي ٽي نديون وڪرو ڪيون ويون ۽ سنڌ ۾ بئراج ٺاهي زمينون ٻين کي ڏنيون] 3.7.1972: ذوالفقار علي ڀٽي چيو ته "شملا معاهدو ڪا معمولي ڳاله ناهي. اهو هڪ تاريخي اهميت وارو ڪارنامو آھي ۽ نئشنل اسيمبلئ کان ان جي منظوري ورتي ويندي. 3.7.1977: وري پي.پي.پي ۽ پي.اين.اي جي ڳالهين ۾ گهوٽالو پئجي ويو. حڪومت مخالف ڌر وارن کي ٺاه ۾ ڪجھ ردوبدل لاء چيو ۽ پي.اين.اي وارن چيو ته ڪنهن ڦير گهير کان سواء جيئن جو تيئن ٺاه قبول ڪيو وڃي. *************** {3 جولاء تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 3 جولاءِ 1924ع ليکڪ تيرٿ باگواڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 3 جولاءِ 1929ع ليکڪ مرزا نادر بيگ (حيدر آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 3 جولاءِ 1935ع شاعر گل محمد اشق (ڏيپلو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 3 جولاءِ 1945ع شاعر انب شيخ جو جنم ڏينهن آهي. 3 جولاءِ 1955ع شاعره زبيده ميتلو (قمبر) جو جنم ڏينهن آهي. 3 جولاءِ 1965ع براڊڪاسٽر، صحافي ۽ شاعر امين ارباب(ماتلي) جو جنم ڏينهن آهي. 3 جولاءِ 1970ع صحافي غضنفر ثناگر (ڳڙهي ياسين) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 3 جولاءِ 1918ع مذهبي اسڪالر مخدوم محمد عثمان قريشي جو لاڏاڻو ٿيو. 3 جولاءِ 1929ع جديد سنڌي ادب جي بانيڪار شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي وفات ٿي. 3 جولاءِ 1979ع لوڪ گلوڪار عالم لوهارجو انتقال ٿيو. 3 جولاءِ 2004ع ناليوارو اداڪار حسام قاضي دل جي دوري سبب ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. 3 جولاءِ 2017 نامياري اسڪالر ۽ تعليمدان پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment