Sunday 3 July 2022

Sindh in history today (4th July). By.Dr.Pathan

[Sindh in history today (4th July). Slection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Reseach by Dr.Pathan.]
SINDH IN HISTORY (4th July) 4th July BIRTH DATES Lutfullah Badvi (Shikarpur/Poet & Scholar/ birth 4th July 1904), Abdul Sattar Pirzado (Sukkur/Ex-Chief Minister of Sindh/ birth 4th July 1907), Zeenat Abdullah Channa (Shikarpur/Founder of ‘Adyoon’ Magazine/ birth 4th July 1919), GhulamHalai (Poet/ birth 4th July 1920), MohsanKakrai (Poet/ birth 4th July 1937), Imam Dino ‘Aasi’ (Poet/ birth 4th July 1947), Shoukat Hussain Shoro (Haji Noor Muhammad Shoro/Writer/ birth 4th July 1947), Ashok Makhijani (Nagpur/Artist/ birth 4th July 1951), DEATH DATES Mohsan Abbasi (Poet/ date 4th July 2005), EVENTS 1916: It is reported from a French source that the firm of Pohomal & Brothers, with branches in Algiers, Ceuta, Melilla and Tenerife is suspected of assisting in distribution of German Oriental propaganda literature.(Source: ‘Source-Material on Sindh Works’, compiled by Gul Hayat Institute). 1926: Meeting of Calcutta Hindus protests against the Government Communiqué of ‘No Music Before Mosque;. J.N.Basu, the President, dwelt on the legal aspect of the question. Goswami characterized the action as a ‘pig-headed and perverse’. (Source: Indian Annual Register, Vol-11, 1926) 1939: Sir Sikandar Hayat Khan, Premier of Punjab, speaking at a luncheon party in Bombay, stressed on need for drawing up an alternative scheme of Federation to one adumbrated in the Government of India Act. Present one permits interference in provinces/state by Centre, he says. (Source: Indian Annual Register, Vol-11,1939). 1941: The Conference of Hindu leaders which is held in Benares,considers the riots situation in India, and comes to the conclusion that Hindus should organize volunteer defence associations in their wards, or grups of villages. Pandit Madan Mohan Malviya addresses the Conference, and among others Dr.Shyama Mukherji, Master Tara Sing and Dr. B.S.Moonji are present. (Source: Indian Annual Register, Voll-11,1946). 1950: Pakistan will crush Communists with iron hand, says Liaquat Ali Khan, the Prime Minister of Pakistan, in London (Source: Newspapers). 1962: Ladies stage protest in front of the President House against withdrawal of Family Law Act. (Source: Ibid). 1972: Sindhi is declared as the provincial language of Sindh (Sourse: Newspapers). 1977: I am ready to sign PNA-PPP agreement today, says Z.A.Bhutto, the Prime Minister of Pakistan. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). TRANSLATION INTO SINDHI جولاء جي حوالي سان سنڌ جي "واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 4.7.1839: پاٽينجر اڄ گورنر جنرل کي سنڌ جي صورتحال بابت گهڻو ڪجه لکي ٿو,جنهن جي وڏي تاريخي اهميت آھي. خط جهڙوڪ اڻ-ٻڌايل ڳالهين تان پڙدو هٽائي ٿو. پاٽينجر لکي ٿو: 1). مون ميرن کي صاف لفظن ۾ ٻڌايو آھي ته ڪراچي بندر هاڻي انگريز سرڪار جو بندر آھي, 2). مير بندر ذريعي ايندڙ ويندڙ سامان تي اسان جي مرضئ ۽ م نظورئ سان محصول هڻي سگهندا, 3). جڏهن جان ڪين فوج وٺي ڪراچئ اچي رهيو هو ته مير نور محمد خان پاڻ صلاح ڏني هئي ته فرنگي فوج منوڙو ٻيٽ پنھنجي هٿ هيٺ رکي, 4). ميرپور واري مرحوم علي مراد (مير شير محمد جي والد) گهڻو اڳ آڇ ڏني هئي ته هو اسان سان باقي ميرن کان الڳ ٺاه ڪرڻ گهري ٿو. مان ميرپوري حاڪم, سندس خاندان ۽ ملڪيت جي تفصيلي رپورٽ ٺاهي جلد موڪليندس. 4.7.1840: سنڌ جي غلامئ ۾ اڃا ڪجه سال پيا آھن. پر, سنڌ ۾ فرنگي عملدار ڪيترين ڳالهين ۾ جهڙوڪ آزاد ۽ خود مختيار هئا. اڄ ممبئي سرڪار کان ڏکڻ سنڌ واري فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ کي حڪم پهتو ته ڪڇ, گجرات ۽ سنڌ جي سرحدي ۽ وچ واري پرڳڻي جي سروي ڪرايو ۽ اها رپورٽ ٺاهي موڪليو. 4.7.1840: ميجر آئوٽرام اڄ پنهنجي گورنر جنرل کي لکي ٿو ته مير مبارڪ خان 19 جولاء 1839 تي وفات ڪري ويو هو. اسان جي سرڪار سندس زندگئ ۾ کيس شاه شجاع کي ست لک روپيا ڏن ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو. هو ڏن ڏڻ کان اڳ مري ويو ۽ هاڻي سندس پونئرين مان ڪوبه ست لک روپيا ڏن ڏيڻ لاء تيار ڪونهي. هوڏانھن شاه شجاع باه ٻاري ڏني آھي ته ڏن وٺي ڏيو, پوء ان لاء ڇونه مرحوم مير جي ملڪيت وڪرو ڪئي وڃي. 4.7.1916: هند جي فرنگي سرڪار کي جاسوسن ذريعي سڌ پئي ته سنڌي واپاري پوهومل جنھن جون ڪيترن ملڪن ۾ تجارتي ڪوٺيون آھن, سو انھن ڪوٺين ذريعي مختلف ملڪن ۾ جرمنئ جا ترجمو ٿيل ڪتاب, پمفليٽ ۽ ٻيو مواد پهچائن ٿا. اهو لٽريچر برطانيه ۽ انگريزن جي خلاف هوندو آھي. 4.7.1926: ڪلڪتي ۾ اتان جي سرڪار مسجدن اڳيان ميوزڪ وڄائڻ تي پابندي وڌي. انھئ ڳالھ اتان جي هندن کي ناراض ڪري ورتو ۽ ڪلڪتي ۾ وڏو احتجاجي ميڙاڪو ڪيائون. [واقعي بيان ڪرڻ جو مقصد اهو آھي ته اهو ٻڌائي سگهجي ته سنڌ ۾ ھندو خواھ مسلمانن مذهبي ڪٽرپڻي پکيڙڻ جون بلاشڪ گهڻيون غلطيون ڪيون, پر هن قسم جون ڀيانڪ غلطيون نه ڪيائون] 4.7.1950: پاڪستان جي وزير اعظم لنڊن ۾ تقرير ڪندي چيو ته ملڪ ۾ ڪميونسٽن کي مضبوط هٿن سان چٿيو ويندو. 4.7.1972: پيپلز پارٽئ جي حڪومت سنڌي ٻولئ کي "صوبائي ٻولي" بنائڻ جو فيصلو ڪيو.[جنھن تي جلد ئي پناهگيرن رڻ ٻاري ڏنو ۽ اسيمبلئ ۾ پاس ٿيل بل گهٽين ۾ رد ڪيو ويو ۽ ان کي نفرت خواه مفادن جو بنياد بڻائي سنڌ جي حڪمرانئ ۾ دائمي حصيداري حاصل ڪري ورتائون] 4.7.1977: ذوالفقار علي ڀٽي چيو ته مان اڄ پي.اين.اي واري ٺاه تي دستخط ڪرڻ لاء تيار آھيان. [پر ڪجھ ڪلاڪن کان پوء ڪايا پلٽجي وئي] *************** {4 جولاء تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 4 جولاءِ 1904ع شاعر ۽ اسڪالر لطف الله بدوي(شڪارپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 جولاءِ 1907ع سنڌي جي اڳوڻي وڏي وزير عبدالستار پيرزادو (سکر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 جولاءِ 1919ع ليکڪا ۽ عورتن جي رسالي جي ايڊيٽر زينت عبدالله چناجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 جولاءِ 1920ع شاعر ابڙو غلام هالائي جو جنم ڏينهن آهي. 4 جولاءِ 1937ع شاعر محسن ڪڪڙائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 جولاءِ 1947ع شاعر امام ڏنو آسي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 جولاءِ 1947ع ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار ۽ ڪالم نگار شوڪت حسين شوروجو جنم ڏينهن آهي. 4 جولاءِ 1951ع اداڪار اشوڪ ماکيجاڻي (ناگپور) جو جنم ڏينهن آهي. 4 جولاءِ 1969ع مصور سعيد منگي(خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. 4 جولاءِ 1972ع صحافي حاجي محمد عظيم (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 4 جولاءِ ناليواري شاعره ۽ ليکڪا زيب نظاماڻي جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 4 جولاءِ 2000ع ناليواري راڳي علڻ فقيرجو انتقال ٿيو. 4 جولاءِ 2005ع شاعر محسن عباسي جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment