Saturday 23 July 2022

Sindh in history today (24th July). By.Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (24th JULY) UNIQUE WAY OF CREATING LOVE & UNDERSTANDING FOR HISTORY. 24th July BIRTH DATES Lekhraj Thakur (Hyderabad/Social worker/ birth 24th July 1921), Lilaram Dewandas (Thar Shah > Ahmadabad/Journalist/ birth 24th July 1924), Akhtar Adeeb (Lakhi/Poet/ birth 24th July 1932), Syed Murad Ali Shah (Politician/ birth 24th July 1938), Tolaram Raheja (Sukkur > Poono/Writer/ birth 24th July 1939), Mahboob Qadri (Dhour/Poet/ birth 24th July 1980) DEATH DATES Khowaja Ghulam Farid (Mithankot/Saint & poet/ date 24th July 1901), Wahadat Ali Nuqrij (Poet/ date 24th July 1965), Miskeen Jahan Khan Khoso (Social worker/ date 24th July 1980), EVENTS 1925: Khadhar dress is made indispensable for Congress members in party meetings. Secretary of the All-India Congress Committee issues circular. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1925). 1939: Masjid Manzilgah Restoration Committee of the Sindh Muslim League , in its meeting held at Sukkur with Muhammad Ayub Khuhro condemns Sindh Government’s policy regarding Masjid Manzilgah issue and decides to observe ‘Masjid Manzilgah Day’ on 18th of August. (Source: Newspapers). 1946: A resolution opposing grooping of Sindh with Punjab is passed at a Conference held under the auspices of the Sindh Provincial Muslim League. Shaikh Abdul Majeed Sindhi presiding. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1946). 1950: Muhajreen have submitted 60 applications for party tickets to contest election for Sindh Provincial Assembly. The number of application is not less than the number of applications submitted by Old Sindhis. The matter is discussed in the meeting of the Sindh Muslim League Parliamentary Board. Muhammad Ayub Khuhro is in chair.(Source: Newspapers). 1954: The Communist Party of Pakistan and its all branches are declared unlawful. (Source: ibd). 1964: Combined Opposition Parties (COP) in its meeting held at Dhaka decides to take part in the next election. The Alliance agree on a manifesto providing for Parliamentary system, Provincial Autonomy, Freedom of Judiciary and lifting ban on political parties.(Source: Newspapers). 1965: Moulana Bhashani of East Pakistan demands Pakistan’s withdrawal from CENTO, SEATO and military alliances. (Source: ibd). 1972: Conditions of Karachi are taking new shape. Peace will not be needed by some people. Violence erupts and curfew is imposed in many areas. The city opted for blood-bath from this year and will complete its half century very soon. [ جڏهن ڪڙم قبيلي ۽ ذات پات کي قوم چيو ويندو آھي ته پوء اصل "قوم" گم ٿي ويندي آھي. اها گم ٿيل ۽ وڃايل قوم فقط تاريخ جي ساڃھ ۽ مطالعي سان سان پاڻ کي ڳولهي سگهندي آھي. اسان هڪ وڃايل/گم ٿيل قوم آھيون. اچو ته تاريخ پڙھي پاڻ ڳولهيون.] "سنڌ جي ڪمال ۽ زوال جي واقعاتي تاريخ-(24 جولاءِ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [واقعا] 24.7.1841 فرنگين جو ڏکڻ سنڌ ۾ مقرر ڪيل پوليٽيڪل ايجنٽ پنهنجئ سرڪار کي ٻڌائي ٿو ته سکر ۽ ڪراچئ ۾ فرنگي ڪئمپن جي روانگي ۽ آمدني تجارتي مال تي سنڌ جي حڪمرانن جا ٻنھي شھرن ۾ محصول لڳائڻ جا الڳ الڳ طريقا آھن, ان ڪري سمگلنگ وڌي وئي آھي. جيڪا جتي مهانگي ملي ٿي, اها ٻئي هنڌان سمگلنگ ٿي اچي ٿي. اجازت ڏيو ته يڪسان محصول لڳائڻ لاء خيرپور ۽ حيدرآباد جي ميرن سان ڳالهائجي 24.7.1843 ڪمپني حڪومت جي هدايتن مطابق اڄ نيپيئر مير سهراب خان ٽالپور جي لکيل وصيعت گورنر جنرل کي ڏياري موڪلي. اهو هڪ اهم تاريخي دستاويز آھي, جنھن مان خبر پئي ٿي ته مير سهراب خان پرڳڻو پنهنجي ٽن پٽن (مير رستم خان, مير مبارڪ خان ۽ مير علي مراد خان) کي ورهائي ڏنو هو. هر هڪ کي جيڪي ڳوٺ/ شهر مليا, وصيعت ۾ انھن جا نالا ڏنا ويا آھن. وصيعت ۾ اهو به لکيو ويو آھي ته انھن مان جيڪا آمدني ٿيندي, اها چئن حصن ۾ ورهائبي ۽ ان مان ٻه حصا مير رستم خان کي ڏنا ويندا. (حوالو/نيپئر جو خط, ڊاڪيومينٽ نمبر 151) 24.7.1925: آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽئ جي سيڪريٽرئ سرڪل جاري ڪيو ته اڳتي ڪانگريسي کڌر جو ٺھيل لباس پائن ته جيئن پري کان سڃاتا وڃن. (ذريعو: انڊين ائنيوئل رجسٽر ، سال1925 واليوم ٻيو). مسلم ليگين وري پوء ”جناح ڪئپ" پائڻ شروع ڪئي. هي واقعا ٻڌائن ٿا ته سياست ماڻھن جي ثقافت - خاص طور تي لباس - کي به بدلائڻ شروع ڪيو. آزادئ لاء جاکوڙيندڙ پارٽين آزادي کان اڳ عوام کي ثقافتي غلام بڻائڻ شروع ڪيو. 24.7.1939: سنڌ مسلم ليگ جي "مسجد منزلگاه بحالي ڪميٽئ" جي محمد ايوب کهڙو جي صدارت هيٺ سکر ۾ گڏجاڻي ٿي جنھن ۾ سنڌ حڪومت جي مسجد منزلگاهه جي مسئلي تي اختيار ڪيل سستئ جي مذمت ڪندي, اعلان ڪيو ته 18 آگسٽ تي ”مسجد منزلگاہ ڏينهن“ ملهايو ويندو. (ذريعو: اخبارون). 24.7.1946: ڪراچئ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌئ جي صدارت ۾ "سنڌ صوبائي مسلم ليگ جي ڪانفرنس", جنھن ۾ سنڌ کي پنجاب سان ملائڻ خلاف ٺھراء پاس ڪيو ويو. (ذريعو: انڊين ائنيوئل رجسٽر ، سال 1946 واليوم ٻيو). 24.7.1948 سنڌ جي تاريخ اهڙن واقعن سان ڀري پئي آھي جو انھن کي پڙھڻ وقت تعجب,ڏک ۽ بي بسئ جا ڳوڙھا اکين ۾ اچي وڃن ٿا. روزنامه "مجاهد" اخبار پير الاهي بخش جاري ڪئي هئي. پير الاهي بخش ڪراچي وفاق حوالي ڪرڻ وارين ڳالهين ۾ مکيه ڪردار هو ۽ هن ڪراچي مرڪز حوالي ڪرڻ ۾ وفاقي حڪومت جو ساٿ ڏنو هو. اڄ ”مجاهد" اخبار ڪراچئ کسجي وڃڻ تي رت جا ڳوڙھا وهايا آھن. اڄوڪي ايڊيٽوريل جو عنوان اٿس " ڪراچ وئي". 24.7.1950: سنڌ اسيمبلئ جون چونڊون ٿيڻ واريون هيون. پناهگيرن 60 سيٽن تي سنڌ مسلم ليگ کان پارٽي ٽڪيٽ جي لاء درخواستون ڏنيون. پراڻن سنڌين به 60 ٽڪيٽن لاء درخواستون ڏنيون. ملڪ کي جڙيئي ٽي سال به ڪونه ٿيا ته پناهگيرن اسيمبلئ ۾ 60 سيٽون گهريون. مطلب ته هاڻي پراڻا سنڌي سوڙ پائي سمهي پون! محمد ايوب کهڙي جي صدارت ۾ ”مسلم ليگ پاريامينٽري بورڊ“ جي گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ ٽڪيٽن ڏيڻ وارن مامرن تي بحث ڪيو ويو. (ذريعو: اخبارون). 24.7.1954: ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان ۽ ان جي سڀني شاخن کي غير قانوني قرار ڏئي بندش وڌي وئي. (ذريعو: اخبارون) 24.7.1964: گڏيل اپوزيشن پارٽين جي اتحاد (COP) جو ڍاڪا ۾ اجلاس ٿيو, جنھن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ اليڪشن ۾ حصو وٺبو. سمورين شامل پارٽين: پارلياماني نظام ، صوبائي خودمختياري ، عدليه جي آزادي ۽ سياسي جماعتن تي پابندي ختم ڪرڻ واري منشور جي متفق راء سان منظوري ڏني. (ذريعو: اخبارون) 24.7.1972: امن جي دشمنن ڪراچي کي وري "ڪوس جو شھر" بڻايو. مختلف هنڌن تي خوني فساد ٿيا ۽ انھن کي روڪڻ لاء ڪرفيو لڳايو ويو. دوستن جي ڌيان تي آڻجي ٿو ته ڪراچئ, حيدرآباد, ميرپورخاص, نواب شاه ۽ سکر ۾ جيڪا شهري دهشتگردي ٿي آھي, اهو سمورو مواد گل حيات ۾ موجود آھي. [جنم ڏينهن]: 24 جولاءِ 1924ع ليکڪ ليلا رام ديون داس (ٺارو شاهه / احمد آباد) . 24 جولاءِ 1932ع شاعر غلام شاهه عرف اختر اديب. 24 جولاءِ 1938ع سياستدان سيد مراد علي شاه. 24 جولاءِ 1939ع ليکڪ تولا رام راهيجا (سکر / پونو) . 24 جولاءِ 1954ع ليکڪ رزاق مهر (لاڙڪاڻو). 24 جولاءِ 1955ع شاعر ۽ ڪالم نگار قاضي منظور(غوثپور) . 24 جولاءِ 1956ع درگاهه جهوڪ شريف جي سجاده نشين صوفي عطاء الله ستاري. 24 جولاءِ 1980ع شاعر محبوب قادري. [وڇوڙو]: 24 جولاءِ 2013ع سنڌ نيشنل موومينٽ جو سربراهه، قومپرست سياستدان علي حسن چانڊيو

No comments:

Post a Comment