Friday 8 July 2022

Sindh in history today (9th July). By. Dr.Pathan

[Sindh in history today (9th JuLy). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan.] SINDH IN HISTORY TODAY (9th JULY) 9th July BIRTH DATES Khalil Sarhandi (Poet/ birth 9th July 1916), Girdhar Mirani (Bubak>Mumbai/Singer/ birth 9th July 1931), Iqbal Junijo (GulanWahan/Folklore Poet/ birth 9th July 1947), Nizamuddin Bhatti (Sukkur/Journalist/ birth 9th July 1963), Abdul HaqSario (Dokri/Writer/ birth 9th July 1964), Essa Memon (Khohara/Writer/ birth 9th July 1985) DEATH DATES Moulana Muhammad Hassan Katbari (Religious Scholar/ date 9th July 1858), Khair Muhammad Chandio (Politician/ date 9th July 1954) EVENTS 1940: M.A.Jinnah commenting of the Congress Working Committee resolution passed at Delhi regarding National Government, says that Muslim League now firmly stands convinced that the only solution is division of India as laid down by the Muslim League at Lahore. (Source: The Indian Annual Register, Voi-11,1940). 1946: Sindhi Circle is formed by teachers and taughts of D.J.Sindh College Karachi with Aims & Objects to promote Sindhi literature and language. Regular literary sittings are arranged for this purpose also. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1946: G.M.Syed, leader of opposition in Sindh Legislative Assembly addresses a communication to the Viceroy, requesting him to call upon the Premier Sindh Sir Ghulam Hussain Hidayatullah to tender his resignation as he had forfeited the confidence of the majority. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1946) 1947: Sir Cyril Radcliffe takes office as chairman of the two Boundary Commissions of Punjab and Bengal. (Source: Various books on the history of Pakistan). 1948: Pakistan’s first postal stamp is made available for sale. This may be kept in mind that it was 1853, when first ever postal stamp was introduced and issued in Sindh, and even in India. It was known as ‘Sinde Dock Ticket’.(Source:Dr.Pathan’s Ph.D thesis and Azimussan’s book ‘History of Karachi’). 1950: It is raining at Khokhrapar and Indian Muslim refugees are facing odd hour’s there. NGOs and Individuals from Sindh are reaching there to provide food and cloth to rain-affected. (Source: Newspapers) 1972: Two persons are killed on 3rd day of the language agitation. Army is called out and curfew is imposed in Hyderabad and in some areas of Karachi. Federal cabinet discusses Sindh situation. (Source: Newspapers). 1977: Ban is imposed on Trade Union activities and weapon licenses are withdrawn. Martial Law Authorities promulgates new Ordinance. (Source: Ordinance). TRANSLATION INTO SINDHI جولاء جي حوالي سان سنڌ جي "واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 9.7.1842: ليفٽيننٽ برائون سکر مان پنهنجئ سرڪار کي ڀنگ ڀاڙي ۽ سبزل ڪوٽ بابت رپورٽ ڏياري موڪلي ٿو. هو لکي ٿو ته ٽيه چاليه سال اڳ ڀنگ ڀاڙو مير رستم علئ خان آف بهاولپور کان حاصل ڪيو هو. ڀنگ ڀاڙي جي 25 ڳوٺن مان ميرن کي 60000 روپيا سالياني آمدني ٿيندي آھي. اهڙئ ريت سبزل ڪوٽ جي ٽيهن ڳوٺن مان ميرن کي سالياني هڪ لک روپيا اپت ٿيندي آھي. انھئ هڪ لک روپين کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويندو آھي. ٻه حصا حيدرآباد واري مير نصير خان کي ملندا آھن ۽ هڪ حصو اڳ مير رستم علي خان کڻندو هو, پر هاڻي اهو حصو مير علي مراد خان کي ملندو آھي. [فرنگين انھئ سال کان سوچيو ته ڀنگ ڀاڙي ۽ سبزل ڪوٽ وارو پرڳڻو ميرن کان کسي بهاولپور واري خان کي ڏجي ته جيئن هڪ طرف بهاولپور جي خان جي دوستئ مان ڪمپنئ لاء فائدو وٺجي ۽ ٻئي طرف ميرن کي نقصان ڏجي ۽ کين فرنگين جي طاقت جو احساس ڏيارجي] 9.7.1920: سنڌ جي خلافت ڪميٽئ طرفان "هجرت تحريڪ" جو ذيلي شعبو قائم ڪيو ويو. جنهن طرفان اڳتي هلي مختلف شهرن ۾ ”ھجرت ڪميٽيون" قائم ٿيون ۽ انھن ڪميٽين ماڻھن کي سنڌ مان لڏڻ جي صلاح ڏني. 9.7.1946: ڪراچئ جي ڊي.جي ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن سنڌي ٻولئ ۽ علم ادب جي واڌاري ۽ سڌاري لاء ”سنڌي سرڪل" ٺاهي. انھئ طرفان ڪيتريون گڏجاڻيون ٿيون ۽ ليڪچر ڪرايا ويا. [ياد رهي ته انگريزي ٻولي جو وهنوار وڌي چڪو هو ۽ انھئ ٻولئ جي راڄ ختم ڪرڻ لاء ھئ سرڪل ٺھي ته جيئن عوامي ذھن ٺاهي سگهجن ته انگريزئ ٻولئ جي ڄاڻ ۽ واهپو وڏ-ماڻھپائپ جو لازمي ۽ آخري شرط ڪونهي. پر, وڏو ماڻھو اهو آھي جيڪو پنهنجئ ٻولئ ۽ علم ادب ۾ مهارت رکي. قومي تشخص ٻولئ ۽ علم ادب جي بنياد تي ٿيندو آھي] 9.7.1946: سنڌ اسيمبلئ ۾ قائد حزب اختلاف جي.ايم.سيد اڄ ھندوستان جي وائسراء کي لکيو ته سنڌ جو وڏو وزير سر غلام حسين هدايت الله اڪثريت جي حمايت وڃائي چڪو آھي, ان ڪري کيس چئو ته استعيفا ڏئي. 9.7.1947: پنجاب ۽ بنگال کي ورهائڻ لاء ھڪ ڪميشن جوڙي وئي هئي. سر ريڊڪلف انھئ ڪميشن جي چيئرمن طور عهدو سنڀاليو. 9.7.1948: پاڪستان پنهنجي پهرين پهرين ٽپال جي ٽڪلي جاري ڪئي. [ياد رهي ته گڏيل هندستان ۾ ٽپال جي پهرين ٽڪلي 1853 ۾ سنڌ ۾ جاري ڪئي وئي هئي ۽ ان کي "سنڌ ڊاڪ" جو نالو ڏنو ويو هو] 9.7.1950: کوکڙا پار ۾ هڪ طرف پناهگيرن جا اچي هجوم پهتا ته ٻئي طرف سخت بارش منھن شروع ٿي وئي. سنڌ جي سماجي تنظيمن ۽ خير خواه ماڻھن کي جهٻو اچي ويو. جن اتي ديڳيون چاڙھيون ۽ اتي لٽن ڪپڙن جا انبار لڳائي ڇڏيا. 9.7.1972: سنڌي ٻولئ سان ڪيل نفرت جي بهاني ٽئين ڏينھن تي به لساني هنگاما جاري رهيا. ڪراچئ ۽ حيدرآباد جي وڌيڪ علائقن ۾ ڪرفيو لڳايو ويو ۽ امن امان قائم ڪرڻ لاء فوج کان مدد ورتي وئي. [دهشگردن بي گناه ماڻھن کي ماري, حڪومت تي دٻاء وجهي, پنهنجي من-پسند مقصد حاصل ڪرڻ جي سنڌ ۾ اها روايت قائم ڪئي] 9.7.1977: پاڪستان ۾ مارشل لا ريگيوليشن لاڳو ڪري اسلحي جا ليسن رد ڪيا ۽ ٽريڊ يونئين جي سرگرمين تي پابندي وڌي. *************** {9 جولاء تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 9 جولاءِ 1931ع راڳي گرڌار ميراڻي (بوبڪ / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 9 جولاءِ 1947ع سگهڙ اقبال احمد جوڻيجو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 9 جولاءِ 1963ع ليکڪ غلام عباس عباسي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 9 جولاءِ 1963ع صحافي نظام الدين ڀٽي (سکر) جو جنم ڏينهن آهي. 9 جولاءِ 1964ع ليکڪ عبدالحق ساريو (ڏوڪري) جو جنم ڏينهن آهي. 9 جولاءِ 1977ع شاعر اعظم ڀٽي (ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي. 9 جولاءِ 1985ع ليکڪ عيسى ميمڻ (کهڙا) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 9 جولاءِ 1943ع مذهبي اسڪالر ۽ عالم مولانا اشرف علي ٿانوئ جو لاڏاڻو ٿيو. 9 جولاءِ 1954ع سياستدان خير محمد چانڊيو جو انتقال ٿيو. 9 جولاءِ 1858ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد حسن ڪٽبري جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment