Friday 29 July 2022

Sindh History (30th July). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (30th JULY) [Sindh in history today (30th July). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan.] 30th July BIRTH DATES Moulvi Nazir Hussain ‘Jalali’ (Larkano/Freedom Fighter/ birth 30th July 1903), Parsram ‘Zia’ (Tando Adam >Ajmir/Poet/ birth 30th July 1911), Arbab Noor Muhammad Palijo (Bano/Politician/ birth 30th July 1915), Eshwar Chandar (Hyderabad >Ajmir/Fiction writer/ birth 30th July 1937), Syed Akbar Rashdi (Pir Jo Goth Larkano/Politician/ birth 30th July 1951), Dr.Razia Khokhar (Sukkur/Writer/ birth 30th July 1962) DEATH DATES Mian Abdul HalimMekan (Shahdadkot/Religious Scholar/ date 30th July 1979) EVENTS 1857: The Collector of Upper Sindh request Sindh Commissioner for approval and sanction of the construction of a cause way at Rohri. The estimated cost is told as Rs.3,300 and it is pointed out that expenditure be met partly from the Ferry Fund and partly from municipal funds. (Source: The Collector’s letter No.242) 1920: The Hyderabad District Congress Committee decides by 17 to 10 votes to recommend the principle of Non-Co-Operation to the Special Indian Congress. (Source: ‘Source-Material on Sindh Congress’, compiled by Gul Hayat Institute). 1954: Tribunal constituted to probe into anti-Qayani riots completes it job. The report is submitted to the Punjab Government. (Source: Newspapers). 1969: Government relaxes restrictions on activities of political parties which can hold indoor meetings of Working Committees and Conventions also. (Source: ibid). 1978: Bhutto Government damaged name, fame and democratic norms of the country, polls after accountability, says Lt. General Chishti. (Source: ibid). 1993: Pakistan has the technical capacity to manufacture a nuclear device. Caretaker Prime Minister Moeen Qureshi tells Vice President of U.S.A in Washington. (Source: ibid). 1996: Transport strike to protest against imposition of new taxes paralyses life in Pakistan. (Source: ibid). . Research by Dr.Pathan. 30 جولاء جي حوالي سان سنڌ جي "واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 30.7.1839: اڄ پاٽينجر پنهنجي گورنر جنرل ڏي سندس سيڪريٽرئ معرفت تفصيلي خط لکي ميرن ۽ سنڌ ملڪ بابت وڏا احوال اوريا آھن. ان جون خاص ڳالهيون هي آهن: 1.مير چون ٿا ته فرنگي فوج کي سنڌ ۾ رکڻ تي ايندڙ خرچ ٽي لک روپيا ورتو ويندو, اهو "ڪمپنئ جو روپيو" نه مگر "حيدرآبادي روپيو" هوندو, 2. مير چون ٿا ته فرنگي فوج جي ڇانوڻي ٺٽي يا سيوهڻ ۾ قائم ڪجي. پر جيڪڏهن حيدرآباد ۾ ڇانوڻي قائم ڪجي ته اها شهر کان پري هجي, 3.ميرن جو خيال آھي ته ڪراچئ تي سندن مالڪي ٻيهر قائم ڪجي. پاٽينجر لکي ٿو ته مون کين کولي کولي ٻڌايو آھي. هر ڪو فيصلو گورنر جنرل ڪندو. 30.7.1859: سنڌ جي ڪمشنر اڄ پنهنجي مراسلي نمبر 244 ذريعي صوبائي حڪومت کي گذارش ڪئي ته ڪراچئ ۾ ”بينڪ آف بامبي" جي شاخ کولي وڃي. 30.7.1920: حيدرآباد جي ضلعي ڪانگريس ڪميٽئ جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ 27 ميمبرن شرڪت ڪئي. انھن مان 17 ميمبرن راء ڏني ته انڊين نئشنل ڪانگريس جي ٿيندڙ اجلاس ۾ ”عدم تعاون تحريڪ" هلائڻ جو فيصلو ٿئي ته اصولي طور تي ان جي تائيد ڪئي وڃي. (حوالو: ‘سنڌ ڪانگريس تي گل حيات انسٽيٽيوٽ پاران مرتب ڪيل مواد). 30.7.1969: سرڪار سياسي پارٽين جي سرگرمين تان پابنديون ختم ڪري, کين ايتري اجازت ڏني ته بند ڪمرن ۾ پنهنجا ڪنوينشن ڪوٺائن ۽ ورڪنگ ڪميٽئ جون گڏجاڻيون ڪن. (حوالو: سرڪاري نوٽيفيڪيشن) 1978: "ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ملڪ جي نالي ، ناموس ۽ جمهوري قدرن کي نقصان پهچايو. اول احتساب ڪبو ان کانپوءِ چونڊون ڪرائبيون"- ليفٽيننٽ جنرل چشتي. (حوالو: اخبارون) 30.7.1993: پاڪستان وٽ ايٽمي هٿيار تيار ڪرڻ جي فني صلاحيت موجود آهي. نگران وزيراعظم معين قريشي واشنگٽن ۾ U.S.A جي نائب صدر سان سچي ڪئي ۽ ٻڌايو. [جنم ڏينهن]: 30 جولاءِ 1893ع فاطمه جناح. 30 جولاءِ 1930ع شاعر ۽ مذهبي اسڪالر مولوي نذير حسين جتوئي جلالي (لاڙڪاڻو). 30 جولاءِ 1911ع شاعر پرسرام ضياء (ٽنڊو آدم) . 30 جولاءِ 1915ع سياستدان ارباب نور محمد پليجو. 30 جولاءِ 1937ع ناليواري ڪهاڻيڪار ايشور چندر(حيدر آباد / اجمير) . 30 جولاءِ 1951ع سياستدان سيد علي اڪبر شاهه راشدي. 30 جولاءِ 1962ع اسڪالر ڊاڪٽر رضيه کوکر (سکر)

No comments:

Post a Comment