Thursday 28 July 2022

Sindh in history today (29th July). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (29th JULY) [Sindh in history today (29th July). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan.] 29th July BIRTH DATES Hidayat Ali ‘Najfi’ (Lalurank/Poet/ birth 29th July 1894), Rani Gidwani (Hyderabad >Mumbai/Singer/ birth 29th July 1933), Hussain Bux Chandio (BaghLabhar/Journalist/ birth 29th July 1951), ‘Ashiq’ Halai (Poet/ birth 29th July 1961), Lalan Channo (Sobhodero/Poet/ birth 29th July 1965) DEATH DATES Agha Ghulam Nabi ‘Soofi’ (Poet / date 29th July 1938) EVENTS 1843: Captain Young is appointed as Judge Advocate for Sindh. (Source: Governor-General’s letter/order No.267). 1849: Major Jacob informs the Sindh Commissioner that the boundary between the territories of His Highness the Khan of Kelat and Mir Ali Murad Khan Talpur of Khairpur has been settled by arbitration to the satisfaction of the parties concerned. (Source: Jacob’s letter No. 160). 1857: The Collector of Shikarpur furnishes a statement to the Sindh Commissioner showing the sums released from the ferries between Sukkur and Rohri and between Sadar Bazar and Peer Subra. This may kindly be noted that in those days ferries were the source of transportation and communication between places cited above. (Source: The Collector’s letter No.241). 1948: NWFP Muslim League blames the provincial Government that it is not taking the notice of anti-country activities of Khan Abdul Ghafar Khan. (Source: Newspapers). 1954: K-2, the world’s second highest mountain is conquered by an Italian expedition led by Professor Desio. (Source: Newspapers). What a difference is between professors of other countries and professors of my province, and attitude/policies of other Governments and Governments of these countries! 1960: President Ayub lays the foundation stone of the Mausoleum of the Quaid-i-Azam at Karachi. (Source: ibid). 1972: G.M.Syed terms Language Bill against the interests of Sindh and Sindhis. (Source: Newspapers). 1973: Pir Pagaro is elected president of combined Muslim League. Mumtaz Doultana and Sardar Shoukat Hayat are expelled from party for siding PPP. (Source: ibid). 1977: Hearing starts regarding the petition of Ahmad Raza Kasuri about murder of his father. (Source: ibid). 1996: Fifteen new federal minister and ministers of State including Asif Zardari take oath of their offices. Research by Dr.Pathan. 29 جولاء جي حوالي سان سنڌ جي "واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 29.7.1839: اسان جي حڪمرانن ته ڪراچي فرنگين کي لکي ڏني, پر سنڌ جي عوام کي اها ڳالھ ڪانه وڻي, ان ڪري ماڻھن پنهنجو هنيانء ٺارڻ لاء ڪراچئ ٻاهران ڪئپٽن هينڊ کي ماري وڌائون ۽ ليفٽيننٽ ڪليرڪ تي حملو ڪيائون. اڄ پاٽينجر ڪڇ مان ليفٽيننٽ ڪرنل سپلر کي خط ۾ تاڪيد ڪري ٿو ته ڏوهن کي ڇڏڻو ڪونھي, اڳواڻ ۽ ڪن خاص ساٿيرن کي ڦاهئ تي لٽڪائبو. ڪجھ قيدي ميرن جي عملدارن جي هٿ هيٺ بند آھن. مناسب اهو ٿيندو ته اهي تون پاڻ وٽ قيد ۾ رک. مان مير حڪمرانن سان هن مسئلي تي ڳالهائيندس. 29.7.1843: ڪئپٽن ينگ کي سنڌ لاءِ جج ايڊووڪيٽ مقرر ڪيو ويو. (ذريعو: گورنر جنرل جو خط نمبر 267). 29.7.1849: ميجر جيڪب جي سنڌ ڪمشنر کي ٻڌايو ته قلات جي خان ۽ خيرپور جي مير علي مراد خان ٽالپر جي وچ ۾ ڪيتري عرصي کان جيڪو ملڪن جي حدن وارو معاملو هلندڙ ھئو سو مون ڌرين جي اطمينان مطابق حل ڪيو آهي. (ذريعو: جيڪب جو خط نمبر 160). 29.7.1857: ڪراچي بندر جي اهميت ۽ افاديت جڏهن روز به روز نمايان ٿيندي وئي ته سنڌ ڪمشنر صوبائي ۽ مرڪزي حڪومت جو ڌيان ڇڪرايو ۽ اڄ ان جي وسعت ۽ وڌيڪ ٻيڙن جي لنگانداز ٿيڻ واري گذارش ڪئي وئي. 29.7.1948: سرحد جي صوبائي مسلم ليگ صوبائي حڪومت تي الزام مڙهيو ته اها خان عبدالغفار خان جي ملڪ دشمن سرگرمين جو نوٽيس نه وٺي رهي آهي. (ذريعو: اخبارون). 29.7.1950 ملڪ جي وزير اعظم لياقت علي خان کي انڊيا کان آيل پناهگيرن جي آبادڪارئ جو وڏو اونو هوندو هو. هن جيڪي به پنهنجي ملڪ ۾ دورا ڪيا,انھن جي گهڻائي مهاجر ڪئمپن جي دورن جي هئي. اڄ ماريپور پناهگير ڪئمپ جو معائنو ڪيو ۽ سرڪاري ادارن طرفان ورتل قدمن تي غير اطميناني ڏيکاري. 29.7.1960: اڄ صدر ايوب, ڪراچي ۾ قائد اعظم جي مزار جو سنگ بنياد رکيو. (ذريعو: اخبارون) 29.7.1972: جي ايم سيد سنڌي ٻولئ واري بل تي راء ڏيندي چيو ته اهو سنڌ ۽ سنڌين جي مفادن جي خلاف هو. (ذريعو: اخبارون). 29.7.1972: "سنڌ پاڪستان کان الڳ ٿيڻ نه ٿي چاهي ۽ سنڌوديش ڪونه ٺھندو"- ذوالفقار علي ڀٽو. 29.7.1973: پير پاڳاري کي گڏيل مسلم ليگ جو صدر چونڊيو ويو. ممتاز دولتانا ۽ سردار شوڪت حيات کي پيپلز پارٽي سان واسطا رکڻ ڪري پارٽي مان خارج ڪيو ويو آهي. (ذريعو: اخبارو). 29.7.1974: "پختونستان فقط منھنجي لاش تي ٺاهي سگهجي ٿو"- ذوالفقار علي ڀٽو. 29.7.1977: احمد رضا قصوري جي والد جي قتل بابت درخواست جي ٻڌڻي شروع ٿي. (ذريعو: اخبارون) 29.7.1996: آصف زرداري سميت پندرهن نون وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن پنهنجن عهدن جو حلف کنيو. [جنم]: 29 جولاءِ 1894ع شاعر هدايت الله نجفي (لالو رائنڪ). 29 جولاءِ 1933ع گلوڪاره راڻي گدواڻي (حيدر آباد / بمبئي). 29 جولاءِ 1951ع صحافي حسين بخش چانڊيو . 29 جولاءِ 1961ع شاعر عاشق هالائي. [وفاتون]: 29 جولاءِ 1883ع مذهبي اسڪالر مولانا غلام حيدر ڪٽباري . 29 جولاءِ 1938ع شاعر آغا غلام نبي صوفي. 29 جولاءِ 1997ع قومپرست سياستدان ۽ وڪيل چاچو حفيظ قريشي. 29 جولاءِ 2005ع راڳي استاد وريل داس(شڪارپور).

No comments:

Post a Comment