Sunday 17 July 2022

Sindh in history today (18th July). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (18th JULY) 18th July BIRTH DATES NanikChawla (Ulhasnagar/Singer/ birth 18th July 1948), BarkatBaoch (Hussainabad/Poet/ birth 18th July 1953), DEATH DATES Moulana Muhammad Ali Shah (Khairpur/Religious Scholar/ date 18th July 1967), MushtaqBhurgri (Poet/ date 18th July 2007) EVENTS 1914: Hindus are serious in reconstruction of their society by virtue of forming NGOs of their own. Today, ‘Shri Barhma Khastri Sahitya Mandli’ is established in Karachi. Seth Naraindas Variram Chapter, Dr.Narsidas Pitambardas Sodho; Jamnadas Vilabhdas Sadani; Rochiram Gangaram Sadani; Maniklal Maghomal Jethmilani and Pahlajrai Haromal are its founder members. This may kindly be noted that Rochiram Sadani was an outstanding writer and it was his initiate to form NGO of this type. (Source: Annual Report of the Mandli). 1926: All-India Cow Conference is held in Calcutta in which Government is urged to regulate salaughter og cattle by legislation. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1926). 1931: The Bengal Provincial Hindu Conference held at Burdwan under presidency of Mahraj Srish Chandra Nundy of Kasimabad passes the resolution on the issue of separation of Sindh from Bombay Presidency. The text of the resolution is :’ The question is utter disregard of determined opposition of the Hindus of Sindh who will have to bear a large proportion of the inevitable increased taxation in relation to their population, as compared with Moslems of Sindh’.(Source: The Daily Gazette, Karachi). 1932: Prof. J.S.Kriplani of Sindh and Director of the Gandhi Ashram is sentenced to six months’ imprisonment under Section 17 (A) of the Criminal Law Amendment Act. He will be placed in ‘A’ class. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1932). 1935: The Daily Al-Wahid of Karachi in the course of its editorial criticizes G.M.Syed and other leaders for not taking interest in enrolment of peasants as qualified voters. The editorial blames that leaders of upper class formed HARI COMMITTEE a few years ago for protection of their own interests, where as they have nothing to do with welfare of working class. It is time to create vote-bank of this lower class, but our leaders are now avoiding and depriving lower class of their Right of vote. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1936: Indian States Peoples’ Conference is held at Karachi and attitude of subjects of States was discussed and defined. (Source: The Indian Annual Register,Vol-11,1936) 1939: Sj. Subash Chandra Bose deploring the policy of Congress says that ‘ a wave of intolerance is now sweeping over higher ranks of Congress leadership. The slightest criticism of any action of their throws them into a rage and the whole machinery of propaganda in their hands is at once put in operation. In this way the ordinary Congressman is terrorized into silence’. (Source; The Indian Register, Vol-11,1939). 1947: First Special train reaches Karachi. It is beginning of the greatest migration of Indian Muslims to Sindh and wave continued after reaching of Biharis in 1972 and onward. (Source: Newspapers). 1948: By virtue of promulgation of an ordinance, clause 92 A is added in the interim Constitution of Pakistan that empowers Governor-General to dissolve any provincial government.(Source: Newspapers). This may kindly be noted that very drastic decisions are taken when Quaid-i-Azam is in Ziyarat and health is in serious condition. 1955: Government of Pakistan files a petition praying for special leave to appeal against the judgment of a Full Bench of Lahore High court in the habes corpus petitions filed on behalf of ex-Major General Akbar Khan and other Rawalpindi Conspiracy Case prisoners including Faiz Ahmad Faiz. (Source: Newspapers). 1993: Entire political setup in the Pakistan is changed. Assemblies are dissolved. President Ishaq and Prime Minister Nawaz quit their offices. World Bank Vice President Moeen Qureshi is sworn in as care taker Prime Minister. National Assembly polls will be on 6th of October and Provincial Assemblies polls are due on 9th October.(Source: ibid) TRANSLATION INTO SINDHI " سنڌ جي ڪمال ۽ زوال جي واقعاتي تاريخ-(18 جولاءِ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق" [ ڪي واقعا] 18.7.1842 اڄ آئوٽرام کي گورنر جنرل جي سيڪريٽرئ خط لکي ٻڌايس ته تنهنجي اها صلاح ته سبزل ڪوٽ ميرن کان کسي ۽ سنڌ کان ڪٽي بهاولپور اسٽيٽ سان ملائجي/ڏجي, گورنر جنرل کي پسند آئي ۽ ھاڻي تو لاء حڪم آھي ته سبزل ڪوٽ جي اهميت ۽ آمدنئ بابت تفصيلي رپورٽ ٺاهي موڪل. ياد رهي ته فرنگين ميرن کي مات ڏيڻ لاء سڀ ڪجھ ڪيو: هنن تي خراج مڙھيو, پاڻ ۾ اختلاف پيدا ڪرايا, هنن کان پرڳڻا کسيا. 18.7.1842 اڄ مير رستم علي خان, اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ ليفٽيننٽ برائون کي خط لکي ٻڌايو ته مير علي مراد ڪا ڳاله ٻڌڻ مڃڻ لاء تيار ڪونهي سو مان هن سان هڪ هڪاڻي ڪرڻ لاء پنهنجي فوج وٺي خيرپور پهچان ٿو. ڏسو ڪيڏي نه ڏک جي ڳالھ آهي جو هڪ ننڍڙي فرنگي ملازم کي ايترو بااختيار ۽ منصف ڄاڻي, هن سان سور سليو وڃي. جڏهن ڌرتئ-دشمنن کي ايئن معتبر ڪبو آھي ته اهي ڪمزورين مان فائدا وٺندا آھن ۽ ڀينگ ڪندا آھن. 18.7.1848 سيٺ نائونمل ۽ مير علي مراد حدون اورنگهي به انگريزن سان وفاداري ڪئي. ڪم لٿي کان پوء ٻنھي کي انگريزن تڪليفون ڏنيون. سيٺ نائونمل ڀاڳ وارو جو سندس قدردان گورا پيدا ٿي پيا. نيپيئر هن سان ذاتي وير وڌو, ڇو ته نائونمل آئوٽرام جي ويجهو هو ۽ آئوٽرام نيپيئر جو مخالف هو. اڄ سنڌ جي ڪمشنر سنڌ جي جج ايڊوڪيٽ جنرل کي خط لکي هدايت ڪئي ته هو نائونمل کي گهرائي پنهنجئ صفائئ پيش ڪرڻ جو موقعو ڏئي. 18.7.1914: اهو هڪ تاريخي سچ آھي ته سنڌو هندن کي پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن ڏيکارڻ جو بهتر موقعو پهريون دفعو انگريزن جي دور ۾ مليو. هن پاڻ کي زندگئ جي هر شعبي ۾ منظم ڪرڻ جو آغاز ڪيو. هنن انگريزن جي دور ۾ ڪيتريون ئي سماجي تنظيمون ٺاهيون. انھن مان فقط هندن کي ئي فائدو نه ملندو هو, ليڪن سڀني مذھبن وارا انھن مان لاٻ پرائيندا هئا. اڄ ڪراچي ۾ ‘شري برھما کشتري ساھتيه منڊلي’ قائم ٿي آهي. سيٺ نارائنداس ويرام چٽپار ، ڊاڪٽر نرسيداس پتامرداس سوڊو ؛ جمناس ولابداس سڏاڻي؛ روچيرام گنگارام سڏاڻي ؛ ماڻڪلال منگھومل جيٺملاڻي ۽ پهلاجراء هرومل ان جا باني ميمبر ٿيا. (ذريعو: منڊلي جي سالياني رپورٽ). 18.7.1931: مهراج سريش چندر نندي جي صدارت هيٺ" بنگال صوبائي هندو ڪانفرنس" ٿي. ان ۾ ممبئي پريزيڊنسي کان سنڌ جي عليحدگي واري مسئلي تي قرارداد پاس ڪئي وئي, جنهن ۾ چيو ويو ته ' سنڌ جي هندن جي پرعزم مخالفت کي قطعي نظرانداز ڪندي سنڌ کي ڌار صوبي بنائڻ تي زور ڏنو پيو وڃي ، جيڪڏهن سنڌ الڳ ٿي ته ھندن کي ناگزير وڌندڙ ٽيڪس جو وڏو حصو برداشت ڪرڻو پوندو'. (ذريعو : ڊيلي گزيٽ ، ڪراچي). ان دور جي هندو توڙي مسلمان سنڌ سان هن ڪري زيادتي ڪئي جو هنن ٻين ماڻھن ۽ پارٽين کي سنڌ جي اندروني مسئلن ۾ مداخلت ڪرڻ جو موقعو ڏنو, جن سنڌي هندو توڙي مسلمانن کي پنهنجي مفاد ۾ استعمال ڪيو. 18.7.1932: سنڌ جي ڪانگريسي اڳواڻ پروفيسر جي. ايس ڪرپلاڻئ کي فوجداري قانون جي ترميمي ايڪٽ جي سيڪشن 17 (اي) تحت 6 مهينن جي قيد جي سزا ٻڌائي وڃي ٿي. کيس. ھو گانڌي آشرم جو ڊائريڪٽر به هو. (ذريعو: Indian Annual Register, 1932, Voll-11). 18.7.1935: روزاني "الوحيد" ڪراچئ پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ ، جي ايم سيد ۽ ٻين اڳواڻن تي هارين جا نالا ووٽرس لسٽ ۾ داخل ڪرائڻ واري ڪم ۾ دلچسپي نه وٺڻ تي تنقيد ڪئي. ايڊيٽوريل الزام مڙهيو ته اعليٰ طبقي جي اڳواڻن پنهنجي مفادن جي تحفظ لاءِ ڪجھ سال اڳ هاري ڪميٽي ٺاهي هئي ، حالانڪ انهن جو زرعي پورهيت طبقي جي ڀلائي سان ڪو به واسطو نه آهي. هي وقت هن هيٺين طبقي جو ووٽ بينڪ ٺاهڻ جو آهي ، پر اسان جا اڳواڻ هاڻي لوئر طبقي کي انهئ حق کان محروم ڪري رهيا آهن. (ذريعو: روزانه الوحيد ، ڪراچي). 18.7.1936: ڪراچي ۾ "انڊين اسٽيٽس پيپلز ڪانفرنس" منعقد ٿي, جنهن ۾ رياستن جي رعيت بابت روين تي بحث ڪيو ويو ۽ اهو رايو جوڙيو ته رياستي رعيت کي بنيادي حق به حاصل ڪونھن ۽ باشعور ماڻھون سندن حق لاء جاکوڙ ڪندا ۽ عوامي شعور کي اڀاريندا. (ذريعو: Indian Annual Register, 1936, Voll-11) 18.7.1939: سباش چندر بوس ڪانگريس جي تنقيد نه برداشت ڪرڻ وارئ پاليسئ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ‘عدم برداشت جي لهر هاڻي ڪانگريس قيادت جي اعليٰ صفن مٿان ڇانيل آهي. انهن جي ڪنهن به عمل جي معمولي تنقيد انهن کي ڪاوڙ ۾ اڇلائي ٿي ۽ انهن جي هٿ ۾ پروپيگنڊا جي سموري مشين هڪدم آپريشن ۾ اچي وڃي ٿي. اهڙي طرح سان عام ڪانگريسي ڪارڪن خاموشي ۾ دهشت زده ٿي وڃي ٿو ’. (ذريعو: Indian Annual 1939,Register,) 18.7.1947 پناهگيرن جي پهرين خاص ٽرين ڪراچي پهتي. ان سان هندستاني مسلمانن جي سنڌ ۾ سڀ کان وڏي لڏپلاڻ جي شرعات ٿي (ذريعو: اخبارون). 18.7.1948: هڪ آرڊيننس جي پاڪستان جي عبوري آئين ۾ شق 92 اي شامل ڪئي وئي آهي جيڪو گورنر جنرل کي اختيار ڏئي ٿو ته هو ڪنهن به صوبائي حڪومت کي تحليل ڪري سگهي ٿو. (ذريعو: اخبارون) ڌيان ۾ ڪرڻ جي ڳالھ ھئ آھي ته ان وقت سخت فيصلا ڪيا وڃن ٿا جڏھن قائداعظم زيارت ۾ آھي ۽ سندس صحت خراب حالت ۾ آھي. 18.7.1993: پوري پاڪستان ۾ سياسي جوڙجڪ تبديل ٿي وئي. صدر اسحاق ۽ وزيراعظم نواز پنهنجن عهدن کي ڇڏي ڏنو. ورلڊ بينڪ جو نمائندو معين قريشي سنڀاليندڙ وزيراعظم جو حلف کڻي ورتو. هن اعلان ڪيو ته قومي اسيمبلي جون چونڊون 6 آڪٽوبر تي ٿينديون ۽ صوبائي اسيمبلي جون چونڊون 9 آڪٽوبر تي ٿيڻيون آهن. [جنم ڏينهن:] 18 جولاءِ 1911ع سياستدان آغا غلام نبي پٺاڻ(سلطان ڪوٽ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 جولاءِ 1927ع شهنشاهه غزل مهدي حسنجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 جولاءِ 1936ع سياسي اڳواڻ عبداللطيف ميمڻ (پير ڳوٺ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 جولاءِ 1945ع شاعر ۽ ليکڪ الهجڙيو شاد(جهڏو) جو جنم ڏينهن آهي. 18 جولاءِ 1948ع گلوڪار نانڪ چاولا (الهاسنگر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 جولاءِ 1953ع شاعر برڪت بلوچ جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 18 جولاءِ 1967ع مذهبي عالم مولانا محمد علي شاهه جو لاڏاڻو ٿيو. 18 جولاءِ 1885ع قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي فرزند شاهنواز ڀٽوکي فرانس ۾ زهر ڏئي شهيد ڪيو ويو. 18 جولاءِ 2007ع شاعر مشتاق ڀرڳڙي جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment