Monday 18 July 2022

Sindh in history today (19th July). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (19th JULY) 19th July BIRTH DATES ParwatiChavila (Karachi >Mumbai/Singer/ birth 19th July 1932), S.Kumar (Nasirabad>Mumbai/Stage Director/ birth 19th July 1941), SitalHemrajani (Writer/ birth 19th July 1941), QaziShafiq Ahmad Mahesar (Arif Mahesar/Politician/ birth 19th July 1947), Muhammad ShafiQureshi (Dadu/Journalist/ birth 19th July 1950), ParwanoSehwani (Sehwan/Poet/ birth 19th July 1958), Dr.Sakhi Qabool Muhammad 1V (Daraza/Gadi Nasheen/ birth 19th July 1962), Nasir Mirza (TandoThorho/Poet/ birth 19th July 1956), Ali Bux ‘Raza’ (Mirzapur/Poet/ birth 19th July 1960), DEATH DATES MunshiUdharamThanwardas (Text Book writer & Educationist/ date 19th July 1883), Syed ‘Miskeen’ Hajan Shah (Khahi/Poet/ date 19 July 1937), Moulvi Abdul Haq (Pad eidan/Religious Scholar & Freedom Fighter/ date 19th July 1958), EVENTS 1909: Mr. Wright, Educational Inspector of Sindh presides over Conference in N.J.V.High School at Karachi in which Course Outline for Anglo-Vernacular schools was discussed. The Conference is also attended by the principals of N.H. Academy of Hyderabad and Nau Vidyala of Hyderabad including Head Masters of A.V. schools. (Source: The Daily Sindh Gazette, Karachi) 1910: The Sindh Commissioner directs to the District Local Board Larkano to open Dispensaries at Dadu, Bubak and Warah (Source: Commissioner’s letter No 1416). 1920: First Karwan of Sindhi migrants reaches Jalalabad. They migrated on the call of Khilafat Committee and in protest against Government’s anti-Turkey and anti-Islam policy. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1921: Aman Sabha is formed at Ladyoon and our upper class of the area is in fron row of the Sabha. Khair Muhammad Chandio (President), Metharam Ajit Sing (Vice Presidnt), Varomal Parmanand (Secretary) and Bulchand Bhupatrai (Treasurer) are elected as office-bearers. There is lengthy list of members of the Working Committee.(Source: The Daily Gazette, Karachi). Aman Sabha will guide people to be faithful, loyal and sincere subjects of the Government and remain away from freedom fighters. 1936: The Socialist Conference is held at Karachi and attended by Pandit Jawaharlal Nehru. In this conference the attitude of the Socialists towards Congress is explained and Congress is advised to include socialism in its program )Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1936). 1950: We want to make Pakistan a America of East, says Liaquat Ali Khan, Prime Minister of Pakistan (Source: Newspapers). 1958: General elections are postponed till February 1959. (Source: Official Announcement). 1969: Shaikh Mujeeb was not author of 6-points, but it was assignment for him designed by Government officer, says Chowdhri Muhammad Ali in an interview. (Source:The Chittan, journal). [ السلام عليڪم. صبح بخير. نمستي. جگ جگ جيئو. اسان جا وڏڙا ڏکين حالتن ۾ ڪيئن ڦاٿا ۽ ڪيئن انھن مان جند ڇڏايائون, اهو سبق سکڻ لاء تاريخ پڙھڻ ضروري آھي. اسان جي وڏڙن اسان لاء گل پوکيا يا ڪنڊا پوکيا ۽ اسان ايندڙ نسلن لاء ڇا پيا پوکيون, اهو سمجهڻ لاء تاريخ جو مطالعو ضروري آھي. اچو ته پنهنجي تاريخ پڙھو] ”سنڌ جي ڪمال ۽ زوال جي واقعاتي تاريخ"-(19 جولاءِ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ واقعا ] 19.7.1851 اڄ برگيڊيئر جنرل ۽ سنڌ جي ڪمشنر وچ ۾ خان ڳڙھ (جيڪب آباد) شھر ۾ ڪئنٽونمينٽ ايريا جي حدن بابت لکپڙھ ٿي. ياد رهي ته فرنگين عوام ۽ امن امان تي گرفت رکڻ لاء لڳ ڀڳ سمورن وڏن شهرن ۾ ڪئنٽومينٽس ٺاهيون. 19.7.1855 مير حڪمرانن ميهڙ ۽ ٽڳڙ تعلقن ۾ ڪنهن کي جاگيرون, باغ ۽ جو ٻيو ڪجھ ڏنو هو, انھن بابت جاگيرن جي کاتي جي اسسٽنٽ ڪمشنر رپورٽ تيار ڪري, سنڌ جي ڪمشنر کي ڏياري موڪلي. ياد رهي ٽڳڙ آڳاٽو تعلقو هو, ان منجهان لب درياه تعلقو قائم ٿيو, جنهن کي پوء ڏوڪري تعلقو نالو ڏنو ويو. هاڻي ڏوڪري تعلقي کي ٽوڙي ان مان باڪراڻي تعلقو ٺاهيو ويو آھي. 19.7.1909: مسٽر رائيٽ) Wright) ، سنڌ جي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر, صدارت هيٺ اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچي ۾ ڪانفرنس ٿي ته جيئن اينگلو ورنيڪيولر اسڪولن جي لاءِ ڪورس/ نصاب تي غور ڪجي. ڪانفرنس ۾ اين ايڇ اڪيڊمي حيدرآباد جي پرنسپال ۽ حيدرآباد جي نو ودياليه سميت ڪيرن پرنسپالن به شرڪت ڪئي. (ذريعو/مآخذ: ڊيلي سنڌ گزيٽ ، ڪراچي) 19.7.1920: افغانستان ڏانھن هجرت ڪندڙ سنڌي مهاجرن جو پهريون ڪاروان جلال آباد پهتو. اهي خلافت ڪميٽي جي سڏ تي ۽ حڪومت جي ترڪي- مخالف ۽ اسلام دشمن پاليسي جي خلاف احتجاج ۾ لڏي ويا ھئا. (ذريعو: روزانه الوحيد ، ڪراچي). 19.7.1921: امن سڀا نالي تنظيم سرڪار-پرستن جي سوچ جو نتيجو هو. اهڙئ تنظيم ٺاهڻ جو مقصد هو ته جيئن فرنگي سرڪار سان وفادارئ ڪرڻ جي عملي ثابتي ڏجي. اڄ لاڏيون ۾ امن سڀا قائم ڪئي وئي, جنهن جا عهديدار ٿيا: خير محمد چانڊيو (صدر) ، ميٺارام اجيت سنگ (نائب پريزيڊنٽ) ، ويرومل پرمانند (سيڪريٽري) ۽ بولچند ڀوپتراء (خزانچي), (ذريعو: دي ڊيلي گزيٽ ، ڪراچي). 19.7.1936: ڪراچئ ۾ سوشلسٽ ڪانفرنس ٿي, جنھن جي صدارت پنڊت جواهر لال ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ ڪانگريس تي بار رکيو ويو ته اها پنهنجي پروگرام ۾ سوشلزم کي شامل ڪري. (مآخذ/ انڊين ائنيول رجسٽر, سال 1936, واليوم ٻيو) نوٽ: انڊين ائنيوئل رجسٽر پهريون ٽماهي ۽ پوء ڇهماهي رسالو هو. 1919 کان شروع ٿيو هو ۽ ان جو هڪ هڪ واليوم 500 صفحن جيترو هو. گل حيات انسٽيٽيوٽ ان جي 1919 کان 1947 تائين انڊيڪس ٺاهي رکي آھي. 19.7.1950: "اسان پاڪستان کي اوڀر جو آمريڪا بڻائڻ چاهيون ٿا" ، پاڪستان جي وزير اعظم لياقت علي خان جو عزم. (ذريعو: اخبارون). 19.7.1969: "شيخ مجيب 6 پوائنٽس جو ليکڪ نه هو ، پر اها سوچ مغربي پاڪستان جي سياستدانن ۽ حڪمرانن جي هني. "ڇه پوانٽس" هڪ حڪومتي آفيسر طرفان تيار ڪيا ويا هئا" - چوڌري محمد علي جو انٽرويو ۾ اظھار. (ذريعو: چٽان, رسالو). 19.7.1992 آرمئ جي ترجمان برگيڊيئر آصف هارون چيو ته انٽيليجنس جي آڌار تي پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته ايم ڪيو ايم جناح پور يا اردو ديس جي نالي سان آزاد رياست ٺاهڻ گهرن جو ارادو رکن ٿا. [جنم ڏينهن]: 19 جولاءِ 1932ع گلوڪاره پاروتي چاولا (سيوهڻ / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 جولاءِ 1941ع ليکڪ سيتل هيمراجاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 جولاءِ 1941ع اسٽيج ڊائريڪٽر ايس ڪمار (نصير آباد / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 جولاءِ 1947ع سياستدان قاضي شفيق احمد مهيسر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 جولاءِ 1950ع صحافي محمد شفيع قريشي (دادو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 جولاءِ 1958ع ليکڪ پروانو سيوهاڻي جو جنم ڏينهن آهي. 19 جولاءِ 1962ع درگاهه سچل سرمست جي گادي نشين سخي قبول محمد فاروقي (چهارم) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو]: 19 جولاءِ 1883ع ليکڪ منشي اوڌارام جي وفات ٿي. 19 جولاءِ 1937ع شاعر مسڪين حاجن شاهه جو انتقال ٿيو. 19 جولاءِ 1958ع مذهبي اسڪالر مولوي عبدالحق (پڊ عيدن) جو انتقال ٿيو. 19 جولاءِ 1969ع مذهبي اسڪالر ۽ شاعر مولوي احمد ملاح جو لاڏاڻو ٿيو.

No comments:

Post a Comment