Saturday 16 July 2022

Sindh in history today (17th July). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (17th JULY) 17th July BIRTH DATES NawabGhulamHyderLaghari (Tajpur/Poet/ birth 17th July 1871), Prof. LalsingAjwani (Khairpur> India/Scholar/ birth 17th July 1899), TilokTulsyani (Darbelo>Ajmir/Journalist/ birth 17th July 1910), Jethanand ‘Betab’(Hyderabad > Hyderabad Dakan/Poet/ birth 17th July 1921), PiralKambar (Poet/ birth 17th July 1933), Yar Muhammad Jhangi (Dadu/Writer/ birth 17th July 1936), Sadhu Ram ‘Ajib’ (Sukkur> India/Poet/ birth 17th July 1936), EishwarBharthi (Tando Adam > Ahmadabad/Writer/ birth 17th July 1942), DEATH DATES Syed Ali Akbar Shah Janshahi (Saint/ date 17th July 1923), HasaramPamnani (Rohri/Freedom Fighter, Social Worker/ date 17th July 1940), Chhutal Khan ‘Miskeen’ (Poet/ date 17th July 1974), Shah Muhammad Noonhani (Kangoro/Poet/ date 17th July 1978), Fakir Muhammad Lashari (Warah/Journalist/ date 17th July 1993), EVENTS 1854: First ever Annual Report of the Karachi Municipality is made public. It reveals that last year the annual income of the Municipality was Rs.13514 and the Development works included digging of new Wells, Water supply to Bunder Road area, construction of a school building and purchase of a plot for Hospital etc (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1909: Harchandrai Vishindas, the president of Sindh Hindu Sabha sends telegram to the Viceroy of India protesting against demand of Sindh Muslims regarding representation in reformed Legislative Councils. He writes that the demand of Muslims is causing deep resentment among other communities. (Source: The Daily Gazette, Karachi) 1920: Munshi Allah Bux, Moulvi Muhammad Azim; Qazi Azizullah; Wadero Muhammad Amin and Haji Ghulam Muhammad Hakro , all belonging to Buthi village were suppose to appear in person before Deputy Collector of Ratodero for explaining their position regarding advocating Non-Co-Operation, but they remained absent on plea that they were not bound to obey orders of the Government that is anti-Islam and anti-people. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1928: The eminent leaders of Hindu and Muslim communities and other minorities of Sindh enter into a ‘Communal understading and Pact’ agreeing to the separation of Sindh from Bombay Presidency. (Source: The Daily Gazette,Karachi). 1932: The Prime Minister’s award regarding communal representation in Indian Provincial councils is announced simultaneously in England and India. It proposes separate electorate. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1932). 1934: A public meeting is held at village Hasul of taluka Kamber after Sun set. Moulvi Muhammad Ibrahim Buthvi and Moulvi Abdul Karim Buthvi advised people to vote for Haji Abdullah Haroon and Shaikh Abdul Majeed Sindhi candidates for Bombay Legislative Council. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1948: KalatState National Party formed in 1930 is declared unlawful. (Source: Newspapers). 1955: Khan Abdul Ghafar Khan launches anti-One-Unit movement. (Source: ibid). 1976: 159 Jining factories, 35 Flour mills;675 Rice mills of Sindh are nationalized. (Source: Newspapers). 1993: President Ishaq and Prime Minister Nawaz Sharif agree to step down from their offices. (Source: ibid) سنڌ جي ڪمال ۽ زوال جي واقعاتي تاريخ-(17 جولاء)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق" [ ڪي واقعا] 17.7.1854: ڪراچي ميونسپالٽئ جي سڀ کان پهرين سالياني رپورٽ پڌري ڪئي وئي. اها ظاهر ڪري ٿي ته گذريل سال ميونسپالٽئ جي سالياني آمدني 13514 روپيا هئي ۽ جيڪي ترقياتي ڪم ڪرايا ويا انھن ۾ نوان کوه جي کوٽائڻ ، بندر روڊ واري پاسي ڏانهن پاڻي جي فراهمي ، اسڪول جي عمارت جي تعمير ڪرڻ ۽ اسپتال لاءِ پلاٽ جي خريداري وغيره شامل آھن (ذريعا/مآخذ: ڊيلي گزٽ اخبار، ڪراچي). 17.7.1909: هرچندراء وشنداس ، سنڌ هندو سڀا جي صدر ، اڄ انڊيا جي وائسراء ڏانهن ٽيليگرام موڪلي ته سنڌي مسلمانن جي سڌاريل قانون ساز ڪائونسلن ۾ وڌيڪ نمائندگي گهرڻ سان ٻين برادرين جي وچ ۾ سخت ناراضگي جو سبب بڻجي رهيو آهي. ان ڪري انھن ڪائونسلن ۾ مسلمانن کي سندن مطالبي مطابق وڌيڪ سيٽون نه ڏنيون وڃن. (ذريعو: ڊيلي گزيٽ اخبار ، ڪراچي) 17.7.1920: لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ بٺئ جي رهواسين, هر هڪ :منشي الله بخش ، مولوي محمد عظيم ؛ قاضي عزيز الله؛ وڏيرو محمد امين ۽ حاجي غلام محمد هڪڙي کي رتوديري جي ڊپٽي ڪليڪٽر جي اڳيان پيش پئي صحائي ڏيڻي هئي ته عدم سهڪار وارئ تحريڪ ۾ ڇو حصو ورتو. مگر اهي ڏسي وائسي غير حاضر رهيا ۽ ان جواز ڏنائون ته اسلام مخالف ۽ عوام دشمن حڪومت جو حڪم نه مڃيو ويندو . (ذريعو: روزانه الوحيد ، ڪراچي). 17.7.1928: سنڌ جي تاريخ جو هڪ روشن ڏينھن آھي. اڄ هندو, مسلم برادرين ۽ سنڌ جي ٻين اقليتن جي نامور اڳواڻ بمبئي پريزيڊنسي کان سنڌ جي عليحدگي تي راضي ٿي هڪ ٺاه ڪيو (ذريعو: روزاني گزيٽ ، ڪراچي). 17.7.1932: "صوبائي ۽ مرڪزي ڪائونسلن ۾ اجتماعي/گڏيل نمائندگئ بدران مذھبي (Communal) بنيادن تي چونڊون ٿينديون"- برطانه جي وزير اعظم جو بيان انگلنڊ ۽ هندستان ۾ هڪ وقت جاري ڪيو ويو (ذريعو: Indian Annual Register,1932, Voll 2nd). 17.7.1934: سج لٿي کان پوءِ تعلقي قمبر جي ڳوٺ حاصل ۾ هڪ عوامي گڏجاڻي منعقد ٿي. مولوي محمد ابراهيم بٺوئ ۽ مولوي عبدالڪريم بٺوي ماڻهن کي ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي چونڊن ۾ حاجي عبدالله هارون ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي کي ووٽ ڏيڻ جي صلاح ڏني. (ذريعو: روزانه الوحيد ، ڪراچي). 17.7.1948: "قلات اسٽيٽ نيشنل پارٽي" جيڪا 1930 ۾ ٺاهي وئي هئي, اڄ ان کي سرڪار غيرقانوني قرار ڏنو. (ذريعو: اخبارون). 17.7.1976: سنڌ جي 159 جيننگ فيڪٽريز ، 35 فلور ملز ؛ 675 رائيس ملز کي سرڪار نئشنلائيزڊ ڪري پنھنجئ تحويل ۾ ورتو. (ذريعو: اخبارون). [جنم ڏينهن]: 17 جولاءِ 1871ع شاعر نواب غلام لغاري (تاجپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 جولاءِ 1910ع صحافي ۽ آزادي واري تحريڪ جي ڪارڪن تلوڪ تلسياڻي(ڪنڊيارو / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 جولاءِ 1921ع شاعر ڄيٺانند بيتاب (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 جولاءِ 1933ع شاعر پيرل قمبرجو جنم ڏينهن آهي. 17 جولاءِ 1936ع ليکڪ يار محمد جهانگي (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 17 جولاءِ 1936ع شاعر ساڌورام عجيب (سکر) جو جنم ڏينهن آهي. 17 جولاءِ 1942ع شاعر ايشور ڀارتي (ٽنڊو آدم / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. [وڇوڙو]: 17 جولاءِ 1816ع اسڪالر حافظ ابو محمد سالم جو انتقال ٿيو. 17 جولاءِ 1940ع آزادي تحريڪ جي اڳواڻ حسارام پمناڻي (روهڙي) جي وفات ٿي. 17 جولاءِ 1974ع شاعر ڇٽل خان مسڪين جو انتقال ٿيو. 17 جولاءِ 1978ع شاعر شاهه محمد نوحاڻي جو انتقال ٿيو. 17 جولاءِ 1993ع ناليواري صحافي فقير محمد لاشارئ جي روڊ حادثي ۾ وفات ٿي. 17 جولاءِ 2007ع اداڪار وفا ڀٽي جي وفات ٿي.

No comments:

Post a Comment