Wednesday 27 July 2022

Sindh in history today (28th July). By. Dr.Pathan

Sindh in history today (28th JuLy). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. BIRTH DATES Kazi Ali Akbar Darazi (Rohri/Poet & writer/ birth 28th July 1895), Laxman Punjabi (TandoAllahyar>Ajmir/Freedom Fighter &Writer/ birth 28th July 1921), BihariKaramchand (Shikarpur>Mumbai/Writer/ birth 28th July 1934), NirmalJadwani (Karachi >Mumbai/Artist/ birth 28th July 1946), Dr. Jawed Qazi (Shikarpur/Writer/ birth 28th July 1953), Badar Ansari (Kamber/Poet/ birth 28th July 1983) DEATH DATES Khowaja Muhammad ZamanSani (Lunwari/Saint/ date 28th July 1831), Mir Ahmad Ali Faiz Muhammad Khan (Khairpur/ date 28th July 1907), Syed Ghulam Abbas Shah (Shahjahanyan/Saint/ date 28th July 1939), Mushtaq Ali ‘Mustaq’ (Poet/ date 28th July 1972), Muhammad Alim ‘Shanmam’ Dogar (GulDogar/Poet/ date 28th July 1988), Muhammad Ramzan Naval (Poet/ date 28th July 2005). EVENTS 1909: Anjuman Momenin of Karachi requests Rais Ghulam Muhammad Bhurgri to head the Anjuman as its President. (Source: The Daily Sindh Gazette, Karachi) 1920: Responding the call of Sindh Khilafat not to co-operate with the Government, following Khilafat workers of Larkano District tender their resignation from Government service. They are: Allah Bux (Primary Teacher, School Mangwani), Jahan Khan , Muhammad Hussain; Imdad Ali ; Hout Khan; Soomar; Haji Ahmad,; Mureed Ahmad; Muhammad Bux (All from Police Department, Kambar), Muhammad Musa (Kotwal, Kambar), Noor Muhammad (Kotwal, Kambar). Sirai Muhammad Khan Gopang and Sirai Allahdino Siyal resigned as member of the Kambar Municipality.(Source: Newspapers). 1934: 4th Sindh Azad Conference is held at Karachi and it is presided over by Ghulam Hussain Hidayatullah. The object of the Conference is to make the public opinion in favour of the separation of Sindh from Bombay Presidency.(Source: The Daily Sindh Gazette, Karachi). This may kindly be noted that prior to this three Conferences were held on 18th of April, 1932 (At Karachi with Shaikh Abdul Majeed Sindhi in chair), on 15th of November, 1932 (At Hyderabad with Allama Yousif Ali of Punjab in chair) and on 26th of April, 1934 (At Sukkur with K.B.Pir Bux in chair). 1969: Swat, Dir and Chitral are annexed to West Pakistan (Source: ibd). 1977: All political leaders including Z.A.Bhutto and Moulana Mufti are released. (Source: ‘Source-Material on Bhutto Family’, compiled by Gul Hayat Institute). Research by Dr.Pathan. 28 جولاء جي حوالي سان سنڌ جي " ڪمال ۽ زوال جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 28.7.1849: سيٺ نائونمل سرڪار جي چوڻ تي پنهنجي طرفان حڪومت کان گهر ڪئي ته کيس سندس خدمتن جي موٽ ۾ 1500 يا 2000 بيگن تي مشتمل جاگير ۽ ڪو مناسب لقب القاب يا خطاب ڏنو وڃي. ياد رهي ته سيٺ نائونمل فرنگين کي سنڌ تي قبضي ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪئي هئي. هن کي ڪراچئ جو ڪاردار بڻايو ويو هو. پر جيئن ته آئوٽرام جو يار هو ۽ آئوٽرام وري نيپيئر جو مخالف هو, ان ڪري نيپيئر نائونمل کي نوڪرئ مان به ڪڍيو ۽ تڪليف به ڏني هئي. 28.7.1909: ڪراچي جي انجمن مومنين رئيس غلام محمد ڀرڳڙي کي انجمن جي صدر ٿيڻ جي درخواست ڪئي. ھن مان رئيس غلام محمد ڀرڳڙئ جي شخصيت ۽ حيثيت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ڀرڳڙئ اها آڇ ان ڪري قبول نه ڪئي جو هو مذھبي بنيادن تي سنڌ جي صفبندي نه پيو چاهي. (ذريعو: ڊيلي گزيٽ ، ڪراچي) 28.7.1920 "الوحيد" اخبار جي انتظاميه سرڪار طرفان مقرر ڪيل تاريخ تائين ٻن هزار روپين جي ضمانت ادا ڪري نه سگهي, ان ڪري اڄ اخبار شايع ٿي نه سگهي. 28.7.1920: "عدم تعاون جي تحريڪ" زور تي آھي. اڄ جن سرڪاري نوڪرين تان مستعفي ٿيا, اهي آھن: الله بخش (پرائمري استاد ، اسڪول منگواڻي) ، جهان خان ، محمد حسين ؛ امداد علي ؛ هوت خان ؛ سومر ؛ حاجي احمد ، مريد احمد؛ محمد بخش (سمورا پوليس کاتي قمبر جا) ، محمد موسيٰ (ڪوٽوال ، قمبر) ، نور محمد (ڪوٽوال ، قمبر). سرائي محمد خان گوپانگ ۽ سرائي الله ڏنو سيال قمبر ميونسپالٽئ جي ميمبري تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. (ذريعو: نيوز پيپرز) 28.7.1934: سنڌ کي ممبئئ کان جدا ڪرڻ وارئ تحريڪ دوران مسلمانن چار وڏيون ڪانفرنسون ڪوٺايون. پهرين 18 اپريل 1932 تي, ٻي 15 نومبر 1932 تي, ٽين 26 اپريل 1934 تي ۽ اڄ چوٿين سنڌ آزاد ڪانفرنس ڪراچي ۾ ٿي ۽ ان جي صدارت غلام حسين هدايت الله ڪئي. (ذريعو: ڊيلي گزيٽ ، ڪراچي) 28.7.1969: سوات ، دير ۽ چترال کي اولهه پاڪستان ۾ ضم ڪيو ويو (ذريعو: سرڪاري پڌرائي) 28.7.1977: مارشل لا حڪومت طرفان بند ڪيل سياستدانن مان ذوالفقار علي ڀٽي ۽ مولانا مفتي سميت سڀ سياسي اڳواڻ آزاد ڪيا ويا. (ذريعو: ‘ڀٽي فيملي تي گڏ ڪيل مواد’ ، گل حيات انسٽيٽيوٽ). [جنم ڏينهن]: 28 جولاءِ 1895ع ليکڪ قاضي علي اڪبر درازي (روهڙي) . 28 جولاءِ 1921ع ليکڪ لڪشمڻ پنجابي (ٽنڊو الهيار / اجمير). 28 جولاءِ 1934ع ليکڪ بهاري ڪرمچند (شڪارپور / بمبئي). 28 جولاءِ 1937ع سياستدان ڊاڪٽر عبدالغفار جتوئي. 28 جولاءِ 1934ع ليکڪ بهاري ڪرمچند (شڪارپور / بمبئي) . 28 جولاءِ 1946ع ترقي پسند ليکڪا ۽ شاعره فهميده رياض. 28 جولاءِ 1953ع ليکڪ ڊاڪٽر جاويد قاضي (شڪارپور) . 28 جولاءِ 1983ع شاعر بدر انصاري (قنبر) . 28 جولاءِ 1986ع باليووڊ اداڪاره هما قريشي. [وڇوڙو]: 28 جولاءِ 1831ع بزرگ خواجه محمد زمان (ٻيو). 28 جولاءِ 1988ع شاعر محمد عالم شبنم . 28 جولاءِ 2005ع شاعر محمد رمضان نول. 28 جولاءِ 2010ع ليکڪ حليم بروهي. 28 جولاءِ 2013ع ڪامريڊ نصر الله جسڪاڻي.

No comments:

Post a Comment