Tuesday 5 July 2022

Sindh in history today (6th July). By. Dr.Pathan

[Sindh in history today (6th JuLy). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan.] SINDH IN HISTORY TODAY (6th JULY) 6th July BIRTH DATES Bhagat Teeonram (Khando/Singer & Poet/ birth 6th July 1887), Nizam-u-din ‘Nizam’ Gopang (Ali Sher Gopang/Poet/ birth 6th July 1914), Rasheed Bhatti (Sukkur/Writer, Journalist & political Activist/ birth 6th July 1933), Dholan Rahi (Ajmir/Poet, Musician & Artist/ birth 6th July birth 6th July1949), Dr. Ghulam Muhammad Lakho (Scholar/ birth 6th July 1954), Nawaz Bhuitto (Bago Bhutto/Journalist/ birth 6th July 1959), Azam Bhatti (Tando Muhammad/writer./ birth 6th July 1977) DEATH DATES Moulana Muhammad Hayat Katbari (religious Scholar/ date 6th July 1939), Jethmal Parsram (Hyderabad/Journalist, writer & freedom Fighter/ date 6th July 1948), VeromalBegraj (Sukkur/Journalist & Freedom Fighter/ date 6th July 1956), Faqir AandalSaeen (Bekari/Poet/ date 6th July 1972), Moulana Jan Muhammad Soomro (Shikarpur/Religious Scholar/ date 6th July 2006) EVENTS 1843:E.J.Brown, Commissioner in Sindh, under the instructions of Sir Charles Napeir sends a petition from ex-Ruler Mir Sobdar Khan to the Secretary to the Governor of Bombay and invites his attention that ex-rulers are using abusive language in their petitions. (Source: ‘Correspondence related to Sinde’.) 1927: Announcement of Judgment in favour of anti-Rasool Arabi has created resentment in Punjabi Muslims. They violated Section 144 and brought out possession. Handsome number of them is arrested. (Source: The Indian Annual Register, Voll-11, 1927). 1938: The question whether Bengalis should be compelled to learn Hindustani (Urdu) is discussed at a meeting of the Corporation of Calcutta, when several Councillors protested against any such move and suggest that those who come Bengal to live or conduct business should learn the language of the province.(Source: The Indian Annual Register, Voll-11, 1938). 1941: K.B. Allah Bux Soomro, Premier of Sindh, in an interview at Lahore, while appealing for communal unity says that ‘any gesture from the British Government towards indian aspirations would be in the interest of Britain herself at this stage’. (Source: The Indian Annual Register, Voll-11, 1941) 1948: Pir Illahi Bux is nominated to discuss the matters relating to handing over administration of Karachi to the centre. (source: Newspapers). 1956: Pakistan Government orders a survey of property-less Indian Muslim Migrants so as they can be provided helping hand by virtue of alloting of property. (Source: Ibd). 1961: Z.A.Bhutto is appointed as an Acting Foreign Minister of Pakistan (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1972: Agitation by Urdu-speaking people starts in Karachi and Hyderabad. The Government and leaders of Urdu-speaking segment of our society seems to be determined to divide old and new sindhis. Rais Amrohvi’s couplet in Daily Jang puts feul on fire. (Source: Newspapers) 1977: Democracy will be restored with in 90 days, Zia assures nation. Justice Abdul Qadir is appointed as the Governor of Sindh. (Source: Newspapers). TRANSLATION INTO SINDHI جولاء جي حوالي سان سنڌ جي "واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجھ طلب واقعا *************** 6.7.1839 سنڌ جي تاريخ جو نازڪ ترين, بلڪ, منحوس ترين سال آھي. اسان جي وڏڙن کان پهريون منوڙو کسجي ويو ۽ پوء ڪراچي. اڄ پاٽينجر ڀڄ منجهان پنهنجي گورنر جنرل ڏي خط لکي ٿو, جيڪو وڏي سائيز وارن ڇهن پنن تي ڇپيل آھي. خط جهڙوڪ فرنگين جي بدنيتئ ۽ سنڌ جي بدقسمتئ جي ڪهاڻي آھي. پاٽينجر هي خط ان وقت لکيو, جڏهن هو بيمارئ سبب سنڌ ڇڏي رهيو هو. هن سان حيدرآباد کان ڪراچئ تائين ميرن جا نمائندا ملندا رهيا ۽ فرنگي سرڪار جي نفسياتي طور تي آڻ مڃيندا رهيا. پاٽينجر کي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته منوڙي تي قبضي ڪرڻ وقت اسان ڪا مزاحمت نه ڪئي ۽ جيڪڏهن اسان تي اهو ڏوه ثابت ٿئي ته ڏنڊ ۾ حيدرآباد انگريزن کي ڏينداسين. پاٽينجر سان جن وڏي ادب احترام سان بنان هٿيار ملاقات ڪئي, انھن ۾ ڪراچئ جو گورنر الله رکيو جمعدار, صادق شاه, زين العابدين شاه ۽ اسماعيل شاه ذڪر لائق آھن. انهن مان هڪڙو نمائندو/وڪيل مير حڪمران طرفان مهر لڳل ۽ دستخط ٿيل پنا به کڻي آيو ته پاٽينجر کي جيڪو وڻي سو لکي ۽ اهو اسان کي منظور هوندو. ٻيٽ ۽ ڪراچئ وڃائڻ سان حڪمران حوصلو, همت ۽ معامله فهمئ جي سگه وڃائي ويٺا ۽ آڻ مڃي ويٺا. 6.7.1843 قيدي ميرن جيڪي فرنگي سرڪار کي پٽيشنون موڪلي, نيپيئر جي ڏاڍ ۽ ڦرلٽ جون شڪايتون ڪيون, اهي خط راء ڏيڻ لاء نيپيئر کي موڪليا ويندا هئا. اڄ نيپيئر جي سيڪريٽرئ ممبئي جي گورنر کي لکيو ته ميرن پنهنجي خطن ۾ غلط زبان ڪم آندي آھي ۽ اجايا بھتان لڳايا آھن. نيپيئر جي سيڪريٽرئ برائون E.J.Brown وڌيڪ لکي ٿو ته ميرن جا اهي گذارش ناما اوهان سڌو گورنر جنرل کي ڏياري موڪليو ۽ اسان ڏانھن موڪلڻ جي ضرورت ڪانهي. 6.7.1848 صوبائي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو ته سيٺ نائونمل تي ملٽري ٽربيونل ۾ ڪيس هليو هو ۽ هن خلاف کيس صفائئ جي موقعي ڏيڻ کان سواء سندس غير حاضري ۾ فيصلو ڏنو ويو هو. عدل ۽ انصاف جي تقاضا اها آھي ته کيس پنهنجئ صفائئ پيش ڪرڻ جو موقعو ڏجي, سو ان سلسلي ۾ جوڳا اپاء وٺي رپورٽ ڏني وڃي. 6.7.1938 مادري ٻولئ سان محبت ڪيئن ڪجي ۽ ڇو ڪجي؟ ان جو مثال تاريخ هن ريت سمجھائي ٿي. ڪلڪتي جي ڪارپوريشن ۾ رٿ آئي ته بنگالي اردو ٻولي سکن. پر ڪائونسلر انھئ ڳاله تي مستحڪم رهيا ته بنگال ۾ جيڪو رهندو, اهو لازمي طور تي بنگالي سکندو ۽ ڳالهائيندو. بنگالين تي ٻي ٻولي مسلط ڪري نه ٿي سگهجي. 6.7.1948 "ڪراچي وفاق حوالي ڪرڻ لاء سنڌ ڪهڙا حق ۽ شرط رکي؟". ان لاء اسان جي سنڌي سياستدانن پير الاهي بخش تي ڳالهين ڪرڻ جو بار رکيو. هن جو مطلب ته اسان جا وڏڙا ڪراچئ جي مالڪئ تان هٿ پٽي چڪا هئا. 1839۾ به اسان جي وڏڙن پهريون ڪراچئ جي مالڪئ تان هٿ کنيو ۽ پوء ڳالهيون ڪيون. هڪ صدئ کان پوء به وس وارن سنڌين ساڳي تند تنواري. 6.7.1956 " جاچ ڪريو ته ڪهڙن پناهگيرن کي اڃا مال ملڪيت نه ملي آھي ته جيئن سندن سار لهجي"- وفاقي سرڪار جو حڪم. 6.7.1961 ذوالفقار علي ڀٽو وزير خارجه مقرر ٿيو. 6.7.1972 سنڌ اسيمبلئ سنڌي ٻولئ بابت اسيمبلئ ۾ بل پاس ڪيو پر ان کي روڊن رستن تي رد ڪرڻ جي شروعات ٿي. ڪراچئ ۽ حيدرآباد ۾ اردو ڳالهائيندڙن وڳوڙ ڪيو. 6.7.1977 " چونڊون 90 ڏينھن ۾ ڪرائبيون. اسان جي حڪمن کي ڪورٽ ۾ چئلينج نه ڪري سگهبو"- چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل ضياء الحق جو قوم کي خطاب. [جنم] : 6 جولاءِ 1887ع شاعر ۽ گلوڪار ڀڳت ٽيئون رام جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 6 جولاءِ 1914ع شاعر نظام الدين ”نظام“ گوپانگ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 6 جولاءِ 1930ع اديب تارا مير چنداڻئ جو جنم ڏينهن آهي. 6 جولاءِ 1933ع ليکڪ ۽ صحافي رشيد ڀٽي (سکر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 6 جولاءِ 1938ع ليکڪ گهنشام پنجابي جنم ڏينهن آهي. 6 جولاءِ 1949ع شاعر ۽ موسيقار ڍولڻ راهي (اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 6 جولاءِ 1955ع صحافي اسحاق مڱريو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 6 جولاءِ 1959ع صحافي ۽ ليکڪ نواز احمد ڀٽو جو جنم ڏينهن آهي. 6 جولاءِ 1969ع سماجي اڳواڻ بشير احمد جوکيو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 6 جولاءِ 1969ع هدايتڪار، ڪالم نگار ۽ سنڌ فنڪار ويلفيئرٽرسٽ جي چيئرمين حميد ڀٽو جو جنم ڏينهن آهي. 6 جولاءِ 1977ع ليکڪ، شاعر، ڪمپيئر ۽ صحافي اعظم ڀَٽي جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو]: 6 جولاءِ 1948ع ليکڪ صحافي ۽ آزادي جي تحريڪ ۾ شامل ڄيٺمل پرسرام جو انتقال ٿيو. 6 جولاءِ 1956ع آزادي جي ويڙهه وڙهندڙ۽ صحافي ويرومل بيگراج جو انتقال ٿيو. 6 جولاءِ 1972ع شاعر آندل فقيرجو انتقال ٿيو. 6 جولاءِ 2003ع اردو جي معروف اديب ۽ ڪالم نگار حميد ڪاشميري جو انتقال ٿيو. 6 جولاءِ 2006ع عالم مولانا جان محمد سومروجو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment