Friday 22 July 2022

Sindh in history today (23rd July). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (23rd JULY) [Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan.23rd July] BIRTH DATES Abdul Aziz ‘Aziz’ Abro (Piyaro Wahan/Poet/ birth 23rd July 1920), Atta Muhammad Siddiqui (Shahdadkot/Journalist/ birth 23rd July 1950), Sanam Najib (Poetess/ birth 23rd July 1968) DEATH DATES Minyon Abdul Rahim (Religious Scholar/ date 23rd July 1885), Asadullah Shah Hussaini ‘Bekhud’ (Takhur/Poet/ date 23rd July 1980), Kazi Abdul Hai ‘Qail’ (Ratodero/Poet/ date 23rd July 1989), EVENTS 1843: The Governor-General of India writes to the Sindh Governor making enquiries and asking for some papers required in connection with the alleged cession to His Highness Mir Ali Murad Khan of lands held by Mir Rustom Khan. (Source: The Governor-General’s letter No.260). 1846: The Governor-General of India asks the Sindh Governor to apprise him of the steps he will take for making and proposing Rules for administration of Civil Justice in Sindh (Source: Governor-General’s letter No.263). 1948: Karachi is now under control of the Pakistan Government. Hashim Raza is appointed first Administrator, whereas Kazim Raza is made Inspector-General of Police. Sindhi nationalists fear about the future of their biggest city. Some of them blame that a ‘protected constituency’ is being managed with vote bank of Muhajreen. (Source: Newspapers). 1952: Muhajreen take out procession and encircle Prime Minister House in Karachi. They demand proper rehabilitation. (Source: Newspapers). 1961: Alliance of Iran, Pakistan and Turkey can be misused against Soviet Union, doubts USSR. (Source: Newspapers). 1963: Ghulam Nabi Memon and Muhammad Khan Junijo are inducted in West Pakistan ministry (Source: Newspapers). 1973: Pakistan recognizes new Kabul regime led bu Daud. (Source: Newspapers). 1988: MRD rejects Ziz’s decision of non-party polls. (Source: ‘Source-Material on MRD’, compiled by Gul Hayat Institute). "سنڌ جي ڪمال ۽ زوال جي واقعاتي تاريخ-(23 جولاءِ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ واقعا ] 23.7.1839 اتر سنڌ ۾ مقرر ٿيل فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ اڄ مير علي مراد خان کي خط لکي چئيس ٿو ته تنهنجي خاص ماڻهونء علي حسين هڪ اٺ به تو طرفان تحفي ۾ ڏنو ۽ حال احوال به ڪيائين. مان موٽ ۾ ٻه پستول سوکڙئ طور موڪليان ٿو. تون سچئ دوستئ جو دم ھڻين ٿو پر ان کي پنھنجي قول ۽ فعل سان ثابت ڪري ڏيکار. خان آف قلات سان مهاڏو اٽڪايو اٿئي, ان جي راز کان به واقف ڪجانء. 23.7.1843: ڪم لٿو ته ڊکڻ وسريو وانگر نگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ته پنهنجي سنڌي خيرخواهن کان منهن مٽي, کين پريشان ڪرڻ شروع ڪيائون. مير علي مراد خان پنهنجن سان به ڦٽائي فرنگين جي وڏي مدد ڪئي هئي. اڄ هندستان جي گورنر جنرل سنڌ جي گورنر نيپيئر کي لکت ۾ تحقيقات ڪري اهي دستاويز ڏياري موڪل, جن مان ثابت ٿئي ٿو ته مير علي مراد ڪيتري ئي زمين مير رستم علي خان کان زورئ ڇڏائي. (ذريعو: گورنر جنرل جو خط نمبر 260). 23.7.1846: انگريز وڏي عرصي کان هندستان جي وڏي حصي تي قابض ھئا ۽ هنن جو اتي پنهنجو عدالتي نظام رائج هو. اهي سنڌ ۾ به پنهنجئ مرضئ وارو نظام آڻڻ پيا چاهين. ان ڪري اڄ گورنر جنرل سنڌ جي گورنر کان پڇيو ته کيس اهو ٻڌائجي ته سنڌ ۾ سول جسٽس جي انتظام رکڻ لاء ھو ڪهڙا رولس Rules for adminstration of Civil Justice ٺاهڻ ۽ تجويز ڪرڻ گهري ٿو. (ذريعو: گورنر جنرل جو خط نمبر 263). 23.7.1920 خلافت تحريڪ انگريزن کي نسورو نڪ ۾ دم ڏنو. هن پارٽئ طرفان مختلف ڳوٺن ۽ شھرن ۾ ”خلافت ڪانفرنسون" ٿيون. سڀ کان پهرين ۽ وڏي ڪانفرس جنورئ 1920 ۾ حيدرآباد ۾ ٿي هئي, جنهن جي صدارت علامه غلام احمد ملڪاڻئ ڪئي هئي. ان کان پوء حيدرآباد ۾ ٻي ڪانفرنس اڄ ٿي. خلافت جي واقعاتي تاريخ گل حيات جي ويب تي رکيل آھي. وڌيڪ تفصيل اتان ڏسي وٺجو. 23.7.1936 سنڌ ممبئي کان الڳ ٿي صوبائي حيثيت ورتي ته سنڌ ۾ نئين سياسي صفبندي شروع ٿي. اڄ ڪراچئ ۾ حاجي عبدالله هارون جي جاء تي مسلمان سياستدانن جي گڏجاڻي ٿي ته ڪا نئين سياسي پارٽي ٺاهجي. اڳتي هلي ھنن ڪوششن اهو رنگ لاتو جو "سنڌ اتحاد پارٽي" ٺھي. 23.7.1948: ڪراچي هاڻي پاڪستان سرڪار جي قبضي ۾ آئي. هاشم رضا کي پهريون ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو ، ۽ ڪاظم رضا کي انسپيڪٽر جنرل پوليس بڻايو ويو. اهي ٻئي غير سنڌي ۽ هندستان کان آيل هئا. سنڌي پنهنجي وڏي شهر جي مستقبل بابت پريشان ٿي ويا. ڪن اهو محسوس ڪيو ته مهاجرن جي ووٽ بئنڪ سان هڪ ”محفوظ حلقو“ بڻايو پيو وڃي. (ذريعو: اخبارون). 23.7.1952: پناهگيرن ڪراچي ۾ جلوس ڪڍي وزيراعظم هائوس جو گهيرو ڪيو. انهن پنهنجي مناسب بحالي جي مطالبو ڪيو. سندن چڙ غصي جو ڪارڻ اهو هو ته هنن کي پڙھا ڏئي لڏپلاڻ تي آماده ڪيو ويو ته هندن کي تڙيو ويو آھي ۽ سنڌ متروڪ ٿي چڪي آھي, هاڻي ان جا وارث پناهگير آھن. (ذريعو: اخبارون). 1963: غلام نبي ميمن ۽ محمد خان جوڻيجو کي ويسٽ پاڪستان حڪومت جي وزارت ۾ شامل ڪيو ويو. ڪجھ ڏينھن اڳ درمحمد اوستي ۽ هڪ ٻئي سنڌي وزير کان وزارت واپس ورتي وئي هئي. (ذريعو: اخبارون) 23.7.1973: پاڪستان, ڪابل جي نئين دائود - حڪومت کي تسليم ڪيو. (ذريعو: اخبارون). 23.7.1988: ايم آر ڊئ ضياء الحق جي غير جماعتي چونڊن جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو. (ذريعو: ‘ ايم آر ڊي تي’ گل حيات انسٽيٽيوٽ طرفان گڏ ڪيل مواد). [جنم ڏينهن]: 23 جولاءِ 1920ع شاعر عبدالعزيز عزيز ابڙو. 23 جولاءِ 1950ع صحافي عطا محمد صديق (شهداد ڪوٽ). [وڇوڙو]: 23 جولاءِ 1980ع سماجي ورڪر مسڪين جهان خان کوسو۔ 23 جولاءِ 1980ع شاعر ۽ اسڪالر ڊاڪٽر اسد الله شاهه حسيني (ٽکڙ). 23 جولاءِ 1885ع اسڪالر ميڻو عبد الرحيم 23 جولاءِ 1989ع شاعر، آرٽسٽ، سماج سڌارڪ ۽ صحافي قاضي عبدالحئي قائل

No comments:

Post a Comment