Friday 31 March 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (31st March) By: Dr. Pathan


** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر بمبئي حڪومت کي
 خط لکي درخواست ڪئي ته حيدرآباد ۾ اسڪول کوليو پيو وڃي،
 ان لاءِ ماهوار 100 رپيا گرانٽ منظور ڪئي وڃي ته جيئن تعليم 
تدريس جي عمل کي شروع ڪري سگهجي.
** 1908ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ٿيوسافيڪل سوسائٽي قائم
 ڪئي وئي، جنهن جو باني صدر ڪشنچند کي چونڊيو ويو.
** 1913ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ناليواري فلاسافر ۽ مشهور سماجي
 اڳواڻ ديوان ديارام گدومل شهاڻي ارميلا ديوي سان شادي ڪئي،
 جيڪا سندس دوست جي ڌيءَ هئي، ان وقت چيو ويو ته اها شادي
هندو ريتن رسمن جي ڀڃڪڙي آهي، ديوان ديارام تي گهڻي تنقيد ٿي،
 جنهن ڪري مهاتما گانڌي ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد جهڙين شخصيتن 
کي مداخلت ڪري اهو معاملو حل ڪرڻو پيو.
** 1934ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ هندو ڪانفرنس ڪراچي ۾ ٿي،
 جنهن جي صدارت لالچند نول راءِ ڪئي، ڪانفرنس ۾ مطالبو ڪيو
 ويو ته سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي سان لاڳاپيل رکيو وڃي، راءِ بهادر
 هيرانند کيمچند طرفان تيار ڪيل ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته سائمن ڪميشن 
جي صوبائي ڪاميٽي توڙي ان جو ميمبر شاهنواز ڀٽو سنڌ جي بمبئي کان
 عليحدگي جي حق ۾ ناهي، ان ڪري ڪانفرنس جو اهو مطالبو جائز
 آهي ته سنڌ کي بمبئي کان ڌار نه ڪيو وڃي.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هڪ سرڪاري رپورٽ جاري ڪئي وئي،
 جنهن ۾ اهو ڄاڻايو ويو ته 37608 شاگرد لاڙڪاڻي ضلعي جي 
532 اسڪولن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن، جيڪو اتان جي آبادي جو
 ساڍا 7 سيڪڙو آهي، انهن ۾ 495 پرائمري اسڪول آهن، 456
 بوائز اسڪول ۽ 39 گرلز اسڪول آهن، بوائز پرائمري اسڪولن
 ۾ ڪل شاگرد 29028 آهن، جڏهن ته گرلز پرائمري اسڪولن ۾ 
3012 ٻارڙيون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن، حڪومت جو پرائمري
 اسڪولن تي ساليانو خرچ 10 لک 90 هزار 285 رپيا آهن.
** 1958ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر اسڪندر مرزا ايسٽ پاڪستان
 جي گورنر اي ڪي فضل الحق کي هٽائي ڇڏيو، واضح رهي ته اي
 ڪي فضل الحق 1940ع ۾ لاهور ۾ مسلم ليگ جي ٿيل اجلاس ۾ 
پاڪستان جو ٺهراءُ پيش ڪيو هو، پاڪستان جو ٺهراءُ پيش ڪندڙ
 شخص کي بعد ۾ هٽائي سزا ڏني وئي.
** 2005ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مظلوم قومن جي اتحاد پونم جي 
سڏ تي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي.ڪالاباغ ڊيم، ۽ 
ٿل ڪئنال خلاف تاريخي احتجاج ڪيو ويو. حڪومت مڇرجي پئي،
 مختلف شهرن مان 400 ڪارڪن ۽ اڳواڻ گرفتار ڪيا ويا.


No comments:

Post a Comment