Friday 24 March 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (25th March) By: Dr. Pathan


** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر سمورن ڪليڪٽرن کي 
سرڪيولر نمبر 443 جاري ڪري حڪم ڪيو ته روينيو ۽ عدالتي
 معاملن ۾ سنڌي ٻولي استعمال ڪئي وڃي، سڄي صوبي ۾ سنڌي ٻولي
ءَ کي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏنو وڃي ۽ سمورو رڪارڊ سنڌي ٻولي ۾ ٺاهيو وڃي.
** 1938ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊن جي صحت 
واري ڪاميٽي فيسٽيول ملهائڻ تي پابندي هڻڻ جي سفارش ڪئي،
 ڪاميٽي جو چوڻ هو ته فيسٽيول ملهائڻ سان نه رڳو پئسي جو زيان
ٿئي ٿو پر ان سان گڏو گڏ سماجي طور ناڪاري اثر پون ٿا.
** 1953ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عوامي محاذ بورڊ جي گڏجاڻي
 سائين جي ايم سيد جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي،
 پير الاهي بخش، غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي، قاضي فيض محمد ۽
 ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي شرڪت ڪئي، ان گڏجاڻي ۾ فيصلو 
ڪيو ويو ته ضلعي سطح تي سب ڪاميٽيون ٺاهيون وينديون 
جيڪي چونڊن ۾ بيهندڙ اميدوارن کي ٽڪيٽ ڏيڻ جي سفارش ڪنديون،
 ان موقعي تي حيدر بخش جتوئي، خدا بخش کهاوڙ ۽ سيد يار
 محمد شاهه کي لاڙڪاڻي ضلعي مان چونڊ وڙهڻ لاءِ ٽڪيٽون ڏنيون ويون.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ايوب خان استعيفيٰ ڏئي
 ڇڏي ۽ اقتدار جنرل يحيٰ خان جي حوالي ڪري ڇڏيو، جنرل
 يحيٰ خان ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏيو، ايڊمرل ايس ايم احسن،
 ايئر مارشل نور خان ۽ جنرل حميد خان کي ڊپٽي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر جنرل يحيٰ خان 11 ڏينهن
 ڍاڪا ۾ ترسڻ کانپوءِ واپس موٽي آيو. پر مسئلو حل نه ٿيو،
 بنگالي قيادت پنهنجي موقف تي قائم رهي.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پي اين اي اڳواڻن مولانا مفتي محمود،
 پروفيسر عبدالغفور، ميان طفيل احمد، مولانا شاهه احمد نوراني،
 شاهه فريد، خضر حيات، خواجا سرفراز ۽ ٻين کي ٽن مهينن جي قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
**1978ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو لاهور هاءِ
 ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي،
 لاهور هاءِ ڪورٽ ذوالفقار علي ڀٽو کي نواب قصوري جي قتل ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌائي هئي.


No comments:

Post a Comment