Thursday 16 March 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (16th March) By: Dr. Pathan


** 1916ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن جي
 گڏجاڻي ڪراچي ۾ ينگ عامل ايسوسيئيشن جي برنس روڊ واري آفيس ۾ ٿي،
 جنهن ۾ تنظيم جي قاعدي، قانون ۽ مقصدن جي منظوري ڏني وئي.
** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌي ميڊيا صوبي جي عوام کي
 اپيل ڪئي ته تاج برطانيا جي شهزادي پرنس آف ويلس جي سنڌ اچڻ 
تي سندس آجيان واري پروگرام جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي.
** 1936ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي قانونساز ڪائونسل جي ميمبر 
علي محمد دهلوي پاران سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي کانپوءِ سنڌ 
سان تعلق رکندڙ ميمبرن جي مان ۾ الوداعي پارٽي ڏني.
** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آءِ ايم ايف جي اختيارين پاڪستان
 کي ناڻي جا ذخيرا بهتر بڻائڻ جي مد ۾ 37،500،000 رپين جو قرض جاري ڪري ڇڏيو.
** 1966ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اولهه پاڪستان جي هاءِ ڪورٽ 
ڊي پي آر تحت مخالف ڌر جي اڳواڻن جي نظربندي خلاف 
داخل ڪيل آئيني پٽيشن کي رد ڪري ڇڏيو.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گڏيل قومن جا ماهر ڍاڪا ڇڏي
 واپس روانا ٿي ويا، جڏهن ته مولانا ڀاشاني شيخ مجيب الرحمان 
جي بنگالي قوم لاءِ ڪيل جدوجهد جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو.
** 1988ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عراق جي صدر صدام حسين
 ڪردن جي علائقي تي زهريلي گئس سان حملو ڪري ڏنو، جنهن
 ۾ هزارين شهري مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.عراق جي هلابجا
 شهر تي اٽڪل 20 جهازن سان زهريلي گئس وارن بمن سان حملو
 ڪيو ويو. حملي ۾ وڏي انگ ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به زخمي ٿي پيا. 
انهيءَ حملي تي صدام حسين خلاف سڄي دنيا ۾ مذمت ڪئي وئي.
** 1999 ۾ اڄوڪي تاريخ تي پنڊيءَ جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي
 وزيراعظم بينظير ڀٽو خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي ته بينظير ڀٽو پاڻ
 به پيش ٿي، ان موقعي تي بينظير ڀٽو ۽ جج ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، 
هن جج کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪيترائي جج هن سان تعصب رکن ٿا، 
جج کيس جواب ڏنو ته اوهان کي هروڀرو اعتراض ڪرڻ جي 
عادت ٿي وئي آهي، بينظير ڀٽو چيوته ريفرنس جي ٻڌڻي ڪندڙ ججن تي
 اعتماد ناهي، ان ڪري اوهان مان انصاف جي اميد نٿي رکان.


No comments:

Post a Comment