Thursday 23 March 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (23rd March) By: Dr. Pathan


** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار چارلس نيپيئر
 مير شير محمد خان ٽالپر کي خط لکيو ته جيڪڏهن توهان
 مون سان سڀاڻي ملاقات ڪريو ته آئون اوهان جي طرف
 چڙهائي نه ڪندس، هن کيس ڌمڪي ڏيندي وڌيڪ چيو
 ته اوهان پاڻ کي قيدي طور پيش ڪريو ته توهان جي زندگي محفوظ رهندي.
** 1931ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن سان ويڙهه ڪندڙ
 آزادي پسند اڳواڻ ڀڳت سنگهه کي لاهور ۾ ڦاهي ڏيڻ واري
 عمل خلاف سنڌ ۾ مڪمل هڙتال رهي، سنڌ جي ماڻهن جلوس ڪڍي سخت احتجاج ڪيو.
** 1935ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي ليجسليٽو اسيمبلي 
۾ حڪمران جماعت جي ميمبر آر ڊي بيل خاطري ڪرائي
 ته ڪراچي فائرنگ واقعي جي جاچ ڪرائي ويندي،
 ڪراچي ۾ فورسز جي فائرنگ ۾ اٽڪل 40 ماڻهو مارجي ويا هئا.
 جنهن جو معاملو ليجسليٽو اسيمبلي ۾ کنيو ويو هو.
** 1938ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اتحاد پارٽي جي اڳواڻ خانبهادر
 الهه بخش سومري سنڌ حڪومت ٺاهي ورتي، پير الاهي بخش 
۽ نچلداس سندس ڪابينا ۾ وزير طور شامل ٿيا.
** 1940ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاهور ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو 
اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان جي قيام جو  تاريخي ٺهراءُ منظور
 ڪيو ويو، ٺهراءُ جي سنڌ جي اڳواڻن جي ايم سيد، خانبهادر 
ايوب کهڙو، سيد حسين بخش شاهه، حاجي دوست محمد،
 پير علي محمد شاهه راشدي، امير احمد لاهوري، خانبهادر حق نواز،
 غلام محي الدين، عبدالحئي صديقي، عبدالرئوف، محمد اسلم، محمد علي چوڌري،
 چوڌري رحمت الله، رئيس افضل خان کيڙو ۽ ٻين حمايت ڪئي، 
انهيءَ تاريخي قرارداد پاڪستان کي قرارداد لاهور به چيو ويندو آهي،
 انهيءَ ٺهراءَ جي تسلسل ۾ هر سال 23 مارچ تي ملڪ ۾ يوم پاڪستان 
ملهايو ويندو آهي. اڄ يوم پاڪستان جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ تقريبون ٿي رهيون آهن.
** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي محمد ايوب کهڙي سنڌ جي وڏي وزير طور 
عهدي جو حلف کڻي ورتو.
** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بنگال جو نالو تبديل ڪري ايسٽ 
پاڪستان رکيو ويو، جڏهن ته فيڊرل ڪورٽ جو نالو تبديل ڪري سپريم ڪورٽ رکيو ويو.

** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ايوب خان پاڪستان جي 
صدر طور عهدو سنڀالي ورتو، ذوالفقار علي ڀٽو سندس ڪابينا جو
 وزير رهيو، جڏهن ته ملڪ امير محمد خان ۽ عبدالمنام خان
 ويسٽ ۽ ايسٽ پاڪستان جا گورنر بڻايا ويا.

No comments:

Post a Comment