Monday 27 March 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (28th March) By: Dr. Pathan


** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي گورنر جنرل سنڌ جي 
گورنر چارلس نيپيئر جي ان تجويز سان اتفاق ڪيو ته ڪراچي 
کي سنڌ جو گادي وارو شهر بڻايو وڃي، نيپيئر اها تجويز به 
ڏني ته ڪراچي ۽ حيدرآباد وچ ۾ ڪميونيڪيشن سسٽم جوڙيو وڃي، 
جڏهن ته ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي گزري جي ٽڪرين مان ڪئي وڃي.
** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قاضي فضل الله ۽ پير الاهي بخش 
کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو، انهن کي هڪ ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، 
واضح رهي ته قاضي فضل الله سنڌ اسيمبلي ۾ ون يونٽ جي
 حمايت ۾ ٺهراءُ پاس ڪرڻ دوران اجلاس ۾ نه آيو هو. هو سنڌ جو وڏو وزير به رهيو.
** 1994ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايم ڪيو ايم جي باني الطاف حسين،
ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ ايم اي جليل خلاف ڪراچي ۾ ٿيل وڳوڙن 
۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ بغاوت جو  ڪيس داخل ڪيو ويو.
** 1995ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد ۾ پوليس مختلف سياسي
 جماعتن جي ڪارڪنن خلاف وڏو ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو،
 پهرئين ڏينهن تي 100 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو،
 پوليس جي ڪارروائين دوران ڪيترائي ڪارڪن فرار ٿي ويا.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اٽل بهاري واجپائي 13 ووٽن جي
 اڪثريت سان ڀارت جو وزيراعظم چونڊجي ويو. 545 جي 
ايوان ۾ واجپائي کي سادي اڪثريت حاصل ڪرڻ لاءِ 273 ميمبرن
 جي ضرورت هئي، ايوان ۾ موجود 573 ميمبرن مان کيس
 274 ميمبرن ووٽ ڏنا، اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ بعد 
وزيراعظم واجپائي پاڪستان سان ڳالهيون جاري رکڻ جو اعلان ڪيو.
** 2003ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بغداد، نجف ۽ موصل ۾
 رهائشي ڪاروباري مرڪزن تي آمريڪا خطرناڪ ترين
 بمن سان حملا ڪري ڏنا، 5 هزار ٽن بنڪر بسٽر بمن جي 
ڌماڪن سان 200 شهري شهيد ٿي ويا ۽ 500 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. 
جڏهن ته آمريڪا وڌيڪ ڏيڍ لک فوجي نار موڪلي ڇڏيا.آمريڪا 
خلاف سڄي دنيا ۾ احتجاج جو سلسلو به جاري رهيو.تهران ۾ 
آمريڪي سفارتخاني تي پٿراءُ ڪيو ويو. پاڪستان ۾
 آمريڪي صدر جي پتلن کي باهيون ڏنيون ويون.


No comments:

Post a Comment