Friday 10 March 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (11th March) By: Dr. Pathan


** 1836ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي پوليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل
 پوٽينجر پنهنجي حڪومت کي آگاهه ڪيو ته هن 
مير نور محمد خان ٽالپر سان نئين معاهدي جي مسودي 
تي غور ڪيو آهي ۽ تفصيلي ڳالهايو ويو آهي.
** 1850ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي شڪارپور جي ڪليڪٽر
 هندستان جي گورنر جنرل طرفان مير مراد علي خان ٽالپر
 کي تحفا پهچايا، جنهن جي موٽ ۾ مير مراد علي ٽالپر 
به گورنر جنرل لاءِ  هڪ گهوڙي ۽ اٺ جو تحفو 
ڪليڪٽر جي حوالي ڪيو، برٽش حڪومت اهو گهوڙو ۽
 اٺ حيدرآباد ۾ 2973 رپين ۾ وڪرو ڪري رقم سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.
** 1917ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي شڪارپور ۾ 
چوٿين سنڌ صوبائي ڪانفرنس شروع ٿي، اهو شڪارپور
 جي سياسي تاريخ ۾وڏو سياسي پروگرام هو، جنهن ۾ 
هندن ۽ مسلمانن هڪ ايجنڊا سنڌ جي خدمت لاءِ شرڪت ڪئي.
** 1923ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اوٻاوڙي ۾ خلافت 
ڪاميٽي طرفان عوامي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جنهن جي صدارت مولوي علي شير ڪئي.
** 1931ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي نئين دهلي ۾ ڪانگريس
 اڳواڻ ۽ ناليواري سياستدان سروجني نائيڊو  اربڪ
 ڪاليج اندر شاگردن کي خطاب ڪندي چيو ته مسلمان 
تحفظ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، جڏهن ته تاريخ مسلمانن
 جي بهادري سان ڀري پئي آهي، اهي پنهنجو تحفظ پاڻ ڪرڻ ڄاڻن ٿا.
** 1945ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آل انڊيا مسلم ليگ جي
 سينٽرل پارلياماني بورڊ  سنڌ جي وڏي وزير کان ڪابينا 
سميت استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو، آل انڊيا مسلم ليگ جو 
چوڻ هو ته نئين حڪومت جوڙي وڃي جنهن ۾ ڪابينا جا ميمبر مسلم ليگي هجڻ گهرجن.
** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ سڌار ليگ مطالبو ڪيو 
ته سنڌي ٻولي کي سرڪاري ٻولي تسليم ڪيو وڃي.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ چيف ڪورٽ ايوب
 کهڙو جي مقرري کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايسٽ پاڪستان ۾
 صورتحال خراب ٿيڻ سبب اتي ترسيل پرڏيهين پنهنجن ملڪن ڏانهن روانگي شروع ڪري ڇڏي.
** 1981ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پي آءِ اي جو جهاز
 هائيجيڪ ڪندڙن 55 ماڻهن جي لسٽ پيش ڪئي، 
جيڪي پاڪستان جي جيلن ۾ قيد هئا، هائيجيڪرن مطالبو ڪيو ته انهن 55 ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي.


No comments:

Post a Comment