Wednesday 29 March 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (29th March) By: Dr. Pathan


** 1835ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪرنل پوٽينجر پنهنجي حڪومت کي 
اطلاع ڏنو ته مير نور محمد خان ٽالپر بهارو خان کوسو کي چتاءُ ڏنو
 آهي ته هو پنهنجيون اڻ وڻندڙ سرگرميون روڪي، جڏهن ته کيس ٺل
 واري علائقي مان لڏي وڃڻ جو حڪم به ڏنو ويو آهي، واضح رهي
 ته بهارو کوسو خلاف ڪرنل پوٽينجر شڪايت ڪئي هئي.
** 1844ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي گورنر جنرل سنڌ جي
 گورنر چارلس نيپيئر کي خط لکي سنڌ جي اتر واري بارڊر تي
 ڦرلٽ ڪندڙ ۽ انگريزن خلاف ڪارروائين ۾ ملوث بلوچ قبيلي جي
 ماڻهن خلاف آپريشن تي اطمينان جو اظهار ڪيو، چارلس نيپيئر 
اهڙن ماڻهن خلاف ڪاميابي سان ڪارروائي ڪئي، چارلس نيپيئر
 هز هائينس مير علي مراد ٽالپر جي سهڪار جي تعريف ڪئي
 ۽ چيو ته ان جي ڪري ئي ڪجهه ماڻهن سندس وٽ هٿيار ڦٽا ڪيا آهن،
 گورنر جنرل چارلس نيپيئر کي هدايت ڪئي ته سنڌ ۾ رهندڙ سڀني بلوچ قبيلن تي نظر رکي وڃي.
** 1923ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي مشهور اخبار روزاني
 الوحيد جو ايڊيٽر تڪرار ۾ اچي ويو، کيس قلم 124 ۽ 153 اي 
انڊين پينل ڪوڊ تحت گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪراچي جي سٽي مئجسٽريٽ
 جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
** 1931ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ آل انڊيا ڪانگريس 
ڪاميٽي جي 45 هين گڏجاڻي ٿي، جنهن جي صدارت سردار ولڀ 
ڀائي پٽيل ڪئي، جڏهن ته مهاتما گانڌي ۽ خان عبدالغفار خان شرڪت ڪئي، 
ٻئي طرف آل انڊيا هندو ڪانفرنس پڻ ٿي گذري، جنهن ۾ سنڌ کي
 بمبئي کان ڌار ڪرڻ واري معاملي تي ڳالهايو ويو، ڪانفرنس ۾ شريڪ
 هندو اڳواڻن چيو ته هن اشو تي ٿيل گول ميز ڪانفرنس ۾ سنڌ جي هندن
 جي نمائندگي شامل نه هئي ان ڪري هن ڪانفرنس ۾ ٿيل فيصلو 
منظور ناهي، واضح رهي ته ڪانفرنس ۾ فيصلو ڪيو ويو هو ته سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪيو وڃي.
** 1993ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سپريم ڪورٽ جي اڪثريتي
 ججن پنهنجي فيصلي ۾ اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ مرزا اسلم بيگ
 کي توهين عدالت جو ذميوار قرار ڏنو ۽ سندس خلاف توهين عدالت 
جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جو حڪم ٻڌايو.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بينظير ڀٽو، آصف زرداري ۽ بيگم نصرت ڀٽو
 سميت اپوزيشن جي اڳواڻن جا بئنڪ اڪائونٽ منجمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
احتساب بيورو ان حوالي سان لاڳاپيل ادارن کي هدايتون جاري ڪيون. 
انهن سياستدانن جي فهرست ۾ سنڌ جا ڪيترائي سياستدان به شامل ڪيا ويا.


No comments:

Post a Comment