Sunday 12 March 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (13th March) By: Dr. Pathan


** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چارلس نيپيئر اتر سنڌ ۾ خطرو محسوس
 ڪندي پنهنجي حڪومت کي آگاهي ڏني، هن بمبئي حڪومت کي
 خط لکي درخواست ڪئي ته فوج جي انفينٽري ڊويزن جون 2
 ريجمينٽ موڪليون وڃن، جڏهن ته هڪ آرٽلري سکر موڪلي وڃي، 
هن اهو به چيو ته ڪراچي ۾ موجود نيول ڪمانڊرن سان رابطو
 ڪري انهن کي بندوقون ۽ بارود موڪليو وڃي.
** 1929ع ۾ اًڄوڪي تاريخ تي امروٽ ۾ اهم گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ فيصلو
 ڪيو ويو ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ مسجدن کي شهيد ڪيو پيو وڃي،
 اهڙي عمل کي روڪڻ لاءِ تحريڪ هلائي ويندي. واضح رهي ته ان
 دور ۾ ڪئنالن جي تعمير دوران رستي ۾ ايندڙ مسجدن کي شهيد ڪيو پئي ويو.
** 1932ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي پريزيڊينسي جي گورنر حيدرآباد
  ۽ نوابشاهه ضلعن جي ڪانگريس ڪاميٽين کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو،
 بمبئي سرڪار اهو قدم انڊين ڪرمنل لا (ترميمي) ايڪٽ آف 1908ع جي قانون تحت کنيو.
** 1949ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد ۾ هاري ڪاميٽي جي 
گڏجاڻي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي صدارت ۾ ٿي، گڏجاڻي 
۾ مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ مان جاگيرداري نظام جو خاتمو آندو وڃي.
** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي جوڊيشل 
ڪورٽ کي اپ گريڊ ڪري سنڌ چيف ڪورٽ بڻايو ويو.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ملڪ جي 1300 اعليٰ ڪامورن کي
 وقت کان اڳ رٽائرڊ ڪيو ويو.

** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي 
حڪومت پي اين اي کي ڳالهين جي غير مشروط آڇ ڪئي، جنهن
 تي پي اي اي اڳواڻن چيو ته اهي ڳالهين لاءِ تيار آهن، پر مطالبا ساڳيا رکيا ويندا.

No comments:

Post a Comment