Sunday 19 March 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (20th March) By: Dr. Pathan




** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ميجر جنرل سيمپسن کي
 گورنر سنڌ جو سيڪنڊ ڪمانڊ آفيسر مقرر ڪيو ويو.
**1856ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر بمبئي سرڪار
 کي درخواست ڪئي ته سنڌ ۾ بلوچ ريجمينٽ جو تعداد گهٽايو
 وڃي ۽ پوليس فورس جي اهلڪارن جو تعداد وڌايو وڃي.
** 1924ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ٿرپارڪر جي جمعيت علماءِ 
سنڌ رئيس غلام محمد ڀرڳري جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو، 
جڏهن ته مولانا محمد صالح جي قربانين تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي، 
جمعيت علماءِ سنڌ ٿرپارڪر جي گڏجاڻي مولانا محمد ابراهيم 
جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي فريڊم فائيٽرن کي سلام پيش ڪيو ويو.
** 1936ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هالا نوان ۾ سنڌ آزاد پارٽي 
جي شاخ قائم ڪئي وئي، حاجي پير محمد، قاضي احمد علي،
 حاجي محمد جمن ۽ حاجي غلام محمد ترتيبوار صدر،
 سيڪريٽري، جوائنٽ سيڪريٽري ۽ خزانچي چونڊيا ويا.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي يوسف هارون ويسٽ پاڪستان 
جي گورنر طور عهدي جو حلف کڻي ورتو.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر وارو عهدو ختم ڪيو ويو. 
واضح رهي ته انگريز دور ۾ سنڌ جي ڪمشنر جو عهدو ٺاهيو ويو هو.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پي اين اي اڳواڻن اصغر خان،
 مولانا شاهه احمد نوراني، شيرباز خان مزاري ۽
 پروفيسر غفور کي حڪومت آزاد ڪري ڇڏيو.
** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بنگلاديش نيشنل پارٽي جي 
سربراهه خالده ضياءَ بنگلاديش جي وزيراعظم طور حلف کڻي ورتو، 
جڏهن ته هن جي 31 رڪني ڪابينا به جوڙي وئي،
 جنهن پڻ حلف کنيو، خالده ضياءَ جي پارٽي کي چونڊن ۾ 148 سيٽون حاصل ٿيون هيون.
** 2003ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪا عراق جي 
صدر صدام حسين خلاف ڪارروائي ڪندي عراق تي
 ميزائلن سان حملو ڪري ڏنو. گادي واري شهر بغداد 
۾ ميزائل حملن سان وڏو نقصان ٿيو. اهڙن حملن جو 
اعلان آمريڪي صدر جارج بش ٽي وي تي اچي ڪيو.
ان کان اڳ صدام حسين کي 48 ڪلاڪن ۾ عراق مان 
نڪري وڃڻ جي ڊيڊلائين ڏني وئي. پر صدام عراق مان 
نڪرڻ کان انڪار ڪيو. چين ۽ روس انهن حملن جي مذمت ڪئي.

No comments:

Post a Comment