Saturday 11 March 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (12th March) By: Dr. Pathan


** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي گورنر جنرل سنڌ کي هندستاني
 حڪومت جو حصو قرار ڏئي ڇڏيو، هن ڄاڻايو ته سنڌ تي به هندستان
 جي حڪومت هوندي، واضح رهي ته ان وقت ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪري ورتو هو.
** 1919ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سر ڊبليو ونسيٽ روولاٽ بل بابت 
سليڪٽ ڪاميٽي جي رپورٽ تي نظرثاني لاءِ رٿ پيش ڪئي، 
امپيريل ليجسليٽو ڪائونسل ۾ ان رٿ تي گرماگرم بحث ٿيو.
** 1930ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مهاتما گانڌي مانڊوي طرف مارچ شروع ڪيو، 
هن حڪومت خلاف سول نافرماني تحريڪ جو آغاز ڪيو هو،
 ان حوالي سان هن احتجاجي مارچ شروع ڪيو.
** 1932ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي  بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ سر 
شاهنواز ڀٽو گول ميز ڪانفرنس ۽ ان جي سب ڪاميٽين بابت 
رهنمائي حاصل ڪرڻ لاءِ سڀني پارٽين جي اڳواڻن تي ٻڌل
 ڪانفرنس ڪوٺائڻ واري معاملي جي مخالفت ڪئي.
** 1935ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ بلوچستان 
جي معاملي بابت سيٺ حاجي عبدالله هارون جي رٿ پيش ڪئي وئي.
** 1936ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گجرات ۽ ڪاٺياواڙ رياستن هندستان سان الحاق ڪري ڇڏيو.
** 1942ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ مسلم ليگ طرفان قمبر،
 ڏوڪري ۽ گٽهڙ ڳوٺ ۾ گڏجاڻيون ڪوٺايون ويون، جن ۾ اهو
 مطالبو ڪيو ويو ته مائنس پاڪستان واري ڪنهن به اڳڀرائي کي قبول نه ڪيو ويندو.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي کي ملڪ جي گادي
 جو شهر قرار ڏنو ويو، جڏهن ته قلات کي اهو چيو ويو ته 
پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ٽن مهينن جو وقت آهي، تيستائين حتمي فيصلو ڪيو وڃي.
** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي دفاع واري وزارت جي
 جوائنٽ سيڪريٽري کي پهريون ڀيرو ڪراچي جو چيف ڪمشنر مقرر ڪيو ويو.
** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ناليواري شاعر فيض
 احمد فيض کي شاهي قلعي مان گرفتار ڪيو ويو.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سول چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر
 ذوالفقار علي ڀٽو زميني سڌارا آڻڻ لاءِ مارشل لا ريگيوليشن جاري ڪري ڇڏيو.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان نيشنل الائنس (پي اين اي) 
مطالبو ڪيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت استعيفا ڏئي، اليڪشن 
ڪميشن کي ٽوڙيو وڃي ۽ غير جانبدار نگران حڪومت قائم ڪئي وڃي.


No comments:

Post a Comment