Thursday 23 March 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (24th March) By: Dr. Pathan


** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چارلس نيپيئر هندستان جي گورنر جنرل کي 
خط لکي اطلاع ڏنو ته اسان اڄ  مير شير محمد ٽالپر  سان جنگ ڪئي آهي، 
جنهن ۾  سندس ٽي وڏا مشهور سپاهي به مارجي ويا آهن، چارلس نيپيئر
 اهو خط حيدرآباد ويجهو دٻي واري علائقي مان لکيو، خط جي آخر
 ۾ چارلس نيپيئر اهو لکيو ته منهنجي سربراهي ۾ فوجون صبح جو سوير
 مير شير محمد طرف وڌيون آهن، اسان مير شير محمد جي اٽڪل 20
 هزار اهلڪارن تي حملو ڪيو آهي، ٽن ڪلاڪن جي ويڙهه کانپوءِ
مير شير محمد کي شڪست ڏني آهي.دٻي واري جنگ بابت هن خط 
۾ اهو ڄاڻايو ته هوش محمد شيدي مارجي ويو آهي، واضح رهي ته 
هوش محمد شيدي مياڻي جي جنگ ۾ انگريزن سان وڙهندي شهيد ٿي ويو هو،
 جنهن بابت چارلس نيپيئر غلط بياني ڪئي، هن سندس شهادت جو
 ذڪر دٻي واري جنگ ۾ ڪيو آهي.
** 1935ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ انڊين نيشنل ليگ جي شاخ 
قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ نوان عهديدار چونڊيا ويا.
** 1941ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي جي خالق ڏنو هال ۾
 سائين جي ايم سيد جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي، اها گڏجاڻي پاڪستان
 جي حمايت ۾ ڪوٺائي وئي  هئي.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڍاڪا يونيورسٽي ۾ ٿيل سالياني
 ڪانووڪيشن ۾ خطاب ڪندي قائداعظم محمد علي جناح چيو
 ته اردو زبان ملڪ جي عام زبان هوندي.
** 1968ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اگرتلا سازش ڪيس ۾ وڌيڪ گرفتاريون 
ڪيون ويون، واضح رهي ته اهو سڄو ڊرامو ڪجهه سال پهرين تيار
 ڪيو ويو هو، اگرتلا سازش ڪيس ۾ ڪنهن کي به ڪا سزا نه ملي،
 چيو وڃي ٿو ته اهو سڄو ڊرامو هو جنهن جو اسڪرپٽ ويسٽ
 پاڪستان ۾ لکيو ويو، جڏهن ته بنگلاديش جو جهنڊو به تيار ڪيو
 ويو هو، مجيب الرحمان جا 6 نقطا به اڳ ۾ ئي لکيا ويا هئا.
** 1985ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌڙيءَ سان تعلق رکندڙ سياستدان
 محمد خان جوڻيجو وزيراعظم جي عهدي جو حلف کڻي ورتو، 
جنرل  ضياءُالحق کيس وزيراعظم بڻايو، واضح رهي ته اڳتي هلي
 اوجهڙي ڪئمپ واقعي تي اختلاف پيدا ٿيڻ کانپوءِ جنرل ضياءُالحق
 کيس پرڏيهي دوري تي هجڻ دوران ئي برطرف ڪري ڇڏيو هو.
** 2003ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عراقي فوج بصره مان آمريڪي
 فوج کي ڀڄائي ڪڍيو، ڪربلا ۽ نجف ۾ ڇتي ويڙهه شروع ٿي وئي،
 12 آمريڪي فوجي مارجي ويا ۽ انهن جا ٻه هيليڪاپٽر به تباهه
 ڪيا ويا، صدر صدام حسين قوم کي خطاب ڪندي اعلان ڪيو
 ته آمريڪا جا ناپاڪ ارادا مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏينداسين.


No comments:

Post a Comment