Monday 20 March 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (21st March) By: Dr. Pathan


** 1917ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن ليڪچر
 پروگرام منعقد ڪرايو، جنهن ۾ آر ڊي ڪرمارڪر هندستان جي
 ستارن واري علم جي عنوان تي ليڪچر ڏنو، واضح رهي ته ان
 دور ۾ مختلف اين جي اوز ليڪچر پروگرام منعقد ڪرائينديون 
هيون ۽ هر اڱاري جي ڏينهن تي اهڙا پروگرام ٿيندا هئا.
** 1932ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاهور ۾ منعقد ٿيل آل انڊيا مسلم 
ڪانفرنس ۾ سنڌ مان شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ حاجي عبدالله هارون
 شرڪت ڪئي، ڪانفرنس جي صدارت علامه اقبال ڪئي،
 ڪانفرنس ۾ آيل ماڻهن تمام گهڻو گوڙ ڪيو ۽ پروگرام کي متاثر
 ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪجهه ماڻهن کي علامه اقبال جي
 سياسي ڪردار تي اعتراض هو، شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪانفرنس
 ۾ اٿي بيهي چيو ته منهنجا سنڌي دوستو! مهرباني ڪري خاموش ٿي وڃو، 
ان کانپوءِ خاموشي ٿي وئي ۽ پروگرام جي ڪارروائي شروع 
ڪئي وئي، واضح رهي ته شيخ عبدالمجيد جي نالي پويان سنڌي
 جو لفظ انهيءَ ڪانفرنس کانپوءِ پيو.
** 1935ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انڊين ليجسليٽو اسيمبليءَ ۾ ڪراچي
 رتوڇاڻ تي ڳالهائيندي سنڌ جي ميمبر لالچند نولراءِ چيو ته سنڌ ۾
 رهندڙ هندو ۽ مسلمان هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن، مسلمانن ۽ 
هندن ۾ ڀائيچارو آهي، ڪجهه ماڻهو انهن ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ
 جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر اهي ڪامياب نه ويندا.
** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم لياقت علي خان راولپنڊي
 سازش ڪيس جي مک جوابدار جو نالو ظاهر ڪيو، هڪ تقريب
 ۾ ڳالهائيندي لياقت علي خان چيو ته راولپنڊي سازش جو ماسٽر مائينڊ ميجر جنرل اڪبر آهي.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چيف جسٽس محمد منير جي 
سربراهي ۾ فيڊرل ڪورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي مولوي تميز
 الدين جي ڪيس ۾ ڏنل فيصلي کي برقرار رکيو.
** 1966ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته ڀارت
 تاشقند معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل يحيٰ خان ۽ شيخ مجيب
 الرحمان وچ ۾ ٿيل ڳالهيون ناڪام ٿي ويون، جنهن کانپوءِ 
جنرل يحيٰ خان ذوالفقار علي ڀٽو کي ڍاڪا ۾ طلب ڪيو،
 کيس چيو ويو ته هو ڳالهين جي ڪاميابي ۽
 صورتحال جي بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پونم جي حيدرآباد ۾ ٿيل جلسي 
۾ وفاقي حڪومت کي چتاءُ ڏنو ويو ته جيڪڏهن ننڍن صوبن 
کي حق نه ڏنا ويا ته پوءِ ملڪ ۾ جهيڙو ٿيو ۽ ملڪ ٽٽي ويو
 ته ذميوار پنجاب پاڻ هوندو. پنجاب جو حڪمران طبقو مظلوم قومن جا حق ڦٻائي ويٺو آهي.


No comments:

Post a Comment