Tuesday 14 March 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (15th March) By: Dr. Pathan


** 1919ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سکر ۾ سنڌ ايجوڪيشن ڪانفرنس
 شروع ٿي، جنهن ۾ ناليوارن تعليمي ماهرن شرڪت ڪئي.
 اها ڪانفرنس ڪرائڻ جو مقصد سنڌ ۾ تعليمي ماحول کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ هو.
** 1938ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي ۾ ماتا جي بيماري
 ڦهلجڻ سبب 9 ماڻهو فوت ٿي ويا، مريضن جو تعداد وڌڻ سبب 
سڀني فيسٽيولز تي پابندي لڳائي وئي، ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ
 مرض جي روڪٿام لاءِ ڪوششون ورتيون، ٻن مختيارڪارن
 محمد يعقوب آغا ۽ سيد الطاف حسين ترمذي ان حوالي سان خاص 
ڪوششون ورتيون. انتظاميا اعلان ڪيو ته پهرين هن بيماري
 کي مات ڏيڻي آهي، ان کانپوءِ ٻيا پروگرام ٿيندا.
** 1953ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ عوامي محاذ چونڊن ۾ حصو 
وٺڻ لاءِ اميدوارن کان درخواستون گهرايون، ان حوالي سان جي 
ايم سيد جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ پارلياماني بورڊ جي ميمبرن شرڪت ڪئي.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪوٽڙي بئراج جو افتتاح
 گورنر جنرل غلام محمد ڪيو، واضح رهي ته ڪوٽڙي بئراج
 جو رڪارڊ ۾ نالو به غلام محمد بئراج آهي.
** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پير پاڳاري کي اپوزيشن
 جماعتن جي اتحاد ڊيموڪريٽڪ فرنٽ ايڪشن ڪاميٽي جو
 سربراهه چونڊيو ويو. جنهن حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو.
** 1995ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو 
موڀي پٽ مير مرتضيٰ ڀٽو پ پ شهيد ڀٽو جو چيئرمين ٿي ويو.
** 2007ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي القاعده اڳواڻ خالد شيخ 11 سيپٽمبر
 حملن توڙي آمريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل جو ڏوهه قبول
 ڪري ورتو، خالد شيخ کي پاڪستان مان گرفتار ڪري آمريڪا حوالي ڪيو ويو هو.


No comments:

Post a Comment