Sunday 26 March 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (27th March) By: Dr. Pathan



** 1923ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ خلافت ڪاميٽي ۽ ڪانگريس 
جي گڏيل سڏ تي حڪومت جي ڪينيا بابت پاليسي خلاف هڙتال ڪئي وئي، 
ان موقعي تي ٻنهي جماعتن طرفان جلوس پڻ ڪڍيا ويا.
** 1931ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ سڀاش چندر ڀوس نوجوان 
ڪانفرنس کي خطاب ڪيو، هن ڀڳت سنگهه کي ڦاهي ڏيڻ جي سخت
 لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ عوام کي اپيل ڪئي ته حڪومت خلاف تحريڪ تيز ڪئي وڃي.
** 1933ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندو مها سڀا جي سينٽرل ورڪنگ
 ڪاميٽي جو اجلاس دهلي ۾ ٿيو، جنهن ۾ وائيٽ پيپر تي بحث 
ڪيو ويو ۽ ان کي هندو برادري جي مفادن خلاف قرار ڏنو ويو،
 گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انهيءَ وائيٽ پيپر خلاف 9 اپريل تي هڙتال ڪئي ويندي.
** 1940ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ حڪومت نوٽيفڪيشن جاري
 ڪري مسجد منزل گاهه واري واقعي بابت عدالتي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
** 1945ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مسلم ليگ جي اڳواڻ 
جي ايم سيد قائد اعظم محمد علي جناح کي ٽيليگرام موڪليو
 ۽ کيس سنڌ جي سياسي صورتحال کان آگاهه ڪيو.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي حڪومت ايمرجنسي 
پاور آرڊيننس جاري ڪيو ۽ آئين کي عبوري طور معطل ڪيو ويو.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪا جي لاس اينجلس
 ايئرپورٽ جي رن وي تي ٻن بوئنگ جهازن ۾ ٽڪر سبب 583
 مسافر مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، ايئرپورٽ جي
 رن وي تي ٿيل اهو پنهنجي نوعيت جو وڏو جهاز هو، جنهن ۾ ايترو گهڻو جاني نقصان ٿيو.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي احتساب
 بينچ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا،
 جڏهن ته احمد صادق بينظير ڀٽو خلاف گواهي ڏيڻ لاءِ راضي ٿي ويو،
 پي آءِ اي ۾ غيرقانوني ڀرتين ۽ ترقين جي ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي،
 ان موقعي تي عدالت اڳوڻي ايم ڊي عمر فاروق ۽ اڳوڻي جنرل
 مئنيجر پي آءِ اي گلزار قاضي جا وارنٽ به جاري ڪيا، 24 اپريل
 تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، ريفرنس ۾ ناهيد خان،
 غلام قادر شاهه ڄاموٽ، ايس سراج ۽ نجم الحسن کي به نامزد
 ڪيو ويو. ٻئي پاسي ساڳئي تاريخ تي سنڌ ۾ مڪاني
 ادارن جون چونڊون اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪيون ويون.


No comments:

Post a Comment