Thursday 9 March 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (10th March) By: Dr. Pathan


** 1940ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ اسيمبليءَ جي عمارت جي اڏاوت
 جو ڪم شروع ٿيو، پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب ۾ گورنر سر
 لينسلاٽ گراهم خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.
** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پير الاهي بخش کي مسلم ليگ مان 5 سالن لاءِ نيڪالي ڏني وئي.
** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اين ڊبليو ايف پي (خيبرپختونخوا)
 جي گورنر آءِ آءِ چندريگر صوبائي اسيمبلي برطرف ڪري ڇڏي.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي راولپنڊي ۾ حڪومت ۽ مخالف
 ڌر ۾ ڳالهيون شروع ٿيون، ذوالفقار علي ڀٽو، مولانا ڀاشاني ۽
 جنرل اعظم ڳالهين ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪيو، جڏهن ته اپوزيشن
 جي ٻين اڳواڻن ۾ مولانا مودودي، نوابزاده نصرالله خان،
 مفتي محمود، سردار شوڪت حيات ۽ ٻين ڳالهين ۾ شرڪت ڪئي،
 صدر ايوب خان مخالف ڌر کي ڳالهين جي آڇ ڪئي هئي، 
جيڪا نوابزاده نصرالله خان قبول ڪري ورتي.
** 1989ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سپريم ڪورٽ قومي اسيمبلي
 کي 29 مئي 1988ع تي ٽوڙڻ واري فيصلي کي غير آئيني قرار
 ڏئي  ڇڏيو، سپريم ڪورٽ محمد خان جوڻيجو حڪومت
 جي حمايت ۾ فيصلو جاري ڪيو، جنرل ضياءُالحق سندس حڪومت کي برطرف ڪري ڇڏيو هو.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاهور ۾ والٽن اسٽيشن تي
 زوردار بم ڌماڪو ٿيڻ جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا
 ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. پاڪستان حڪومت انهن
 ڌماڪن جو الزام ڀارتي ڳجهي اداري ”را“ تي لڳائي ڇڏيو.
ريل گاڏي ۾ ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن اها قصور کان لاهور
 طرف اچي رهي هئي، ڌماڪي بعد بوگين کي باهه لڳي وئي، 
جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو  شديد زخمي به ٿيا.
** 2008ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر پرويز مشرف استعيفا
 ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته ايوان صدر ۽ نئين پارليامينٽ ۾
 ڇڪتاڻ پيدا ٿي ته ملڪ ۾ وڏي تباهي ايندي.
** 2003ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ ايل ايف
 او تي ڳالهيون شروع ٿيون، معاملو نبيرڻ تائين قومي اسيمبلي جو
 اجلاس طلب نه ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو. چوڌري شجاعت
 جي سربراهي ۾ حڪومتي ٽيم سان قاضي حسين، خورشيد شاهه،
 جاويد هاشمي، محمود اچڪزئي ۽ ٻين ڳالهيون ڪيون.


No comments:

Post a Comment