Wednesday 29 March 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (30th March) By: Dr. Pathan


** 1839ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي سنڌ ۾ مقرر پوليٽيڪل ايجنٽ 
ڪرنل پوٽينجر ٺٽي جي آفيسر ڪمانڊنگ کي سفارش ڪئي ته فوجي دستن
 کي اها هدايت ڪئي وڃي ته اهي سنڌ جي حڪمرانن جي علائقن
 مان گذرڻ وقت انهن جي شڪارگاهن کي متاثر نه ڪن.ڇوته
 سنڌي حڪمران شڪارگاهن جي حوالي سان گهڻا فڪرمند رهندا آهن.
** 1918ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ سنڌ صوبائي ڪانفرنس
 جي شروعات ٿي، جنهن جي صدارت مرليڌر جئرامداس ڪئي، 
جيڪو ان وقت جو مشهور اڳواڻ هو، ڪانفرنس ۾ سنڌ جي 
مختلف شهرن مان اٽڪل 500 وفدن شرڪت ڪئي.
** 1919ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ روولاٽ بل خلاف سخت احتجاج ڪيو
 ۽ ان حوالي سان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جلوس پڻ ڪڍيا ويا.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاهور ۽ ڍاڪا ۾ ٽي وي 
اسٽيشنون قائم ڪرڻ لاءِ جاپان جي اليڪٽرانڪ ڪمپني نائيپون اليڪٽرڪ سان معاهدا ڪيا ويا.
** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو
 مخالف ڌر جي اڳواڻن کي ڳالهين جي آڇ ڪئي، جنهن تي 
اپوزيشن جماعتن صلاح مشوري بعد جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.
** 1984ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان اعلان ڪيو ته ائٽمي پروگرام 
جاري رکيو ويندو، ان حوالي سان ڪنهن به قوت جو دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو.
** 1995ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر فاروق احمد لغاري ڪراچي
 ۾ امن امان جي بهتر صورتحال لاءِ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن 
کي ڳالهين لاءِ ايوان صدر اسلام آباد سڏائي ورتو.
** 2002ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانوي راڻي ايلزبيٿ ٽو جي
 ماءُ گذاري وئي. هن جي عمر 101 سال هئي، سندس وفات جو
 اعلان بڪنگهم پئلس طرفان ڪيو ويو.سندس آخري رسمن ۾ اٽڪل 10 لک ماڻهن شرڪت ڪئي.


No comments:

Post a Comment