Saturday 18 March 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (19th March)By: Dr. Patha


**1835ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي مخبرن هندستان جي سرڪار
 کي اها معلومات فراهم ڪئي ته مير نور محمد خان ٽالپر انگريزن 
خلاف ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث کوسا برادري جي ماڻهن کي ٿر مان
 نيڪالي ڏئي ڪنهن ٻئي هنڌ وڃڻ جو حڪم ڏنو آهي، اهي ماڻهو 
انگريزن خلاف ڪاررواين سان گڏ مقامي ٿري ماڻهن سان زيادتيون ڪري رهيا هئا.
** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي برطانوي سرڪار
 سرچارلس نيپيئر کي خط لکي مياڻي جي جنگ ۾ فتح حاصل 
ڪرڻ تي سندس ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي ۽ مٿس اعتماد
 جو اظهار ڪيو، انهيءَ جنگ ۾ برطانوي فوج جي ڪيترن ئي
 ڪميشن ۽ نان ڪميشن آفيسرن حصو ورتو، جڏهن ته هن
 جنگ ۾ پرائيويٽ ماڻهن پڻ حصو ورتو، ساڳئي ڏينهن تي
 چارلس نيپيئر قيدي بڻايل سنڌ جي حڪمرانن کي خط لکيو ته 
مير شير محمد خان ٽالپر مون کي هڪ وڏي ڊيل ڏني آهي،
 توهان جيڪي غلط ڳالهيون ٻڌايون آهن، ان تي مون کي
 حيراني ٿي آهي، مستقبل ۾ اهڙو رويو برداشت نه ڪندس، 
جيڪڏهن توهان وڌيڪ مسئلا پيدا ڪيا ته ان جي ذميواري توهان تي هوندي.
** 1940ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خانبهادر الهه بخش سومرو
 پنهنجي حڪومت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، هو 23 مارچ 1938ع
 کان اقتدار ۾ هو، مير بنده علي خان سنڌ جي نئين حڪومت ٺاهي،
 جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، نچلداس وزيراڻي، آر بي 
گوڪلداس ۽ قاضي فضل الله وزير طور شامل ڪيا ويا.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خاران، مڪران ۽ لسٻيلا رياستون 
پاڪستان ۾ شموليت لاءِ راضي ٿي ويون.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مولانا عبدالحميد ڀاشاني سرمائيدارن 
خلاف تحريڪ جو اعلان ڪيو، ڪراچي ۾ عوامي گڏجاڻي کي 
خطاب ڪندي هن چيو ته عوام هن تحريڪ ۾ ڀرپور ساٿ ڏئي.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ ڪرفيو لڳايو ويو.
** 1978ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي محمد احمد خان قصوري
 ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، ذوالفقار علي ڀٽو
 سميت 4 ڄڻن کي موت جي سزا ٻڌائي وئي، هاءِ ڪورٽ جو 
اهو فيصلو اڪثريت راءِ سان آيو. ذوالفقار علي ڀٽو لڳايل الزامن کي رد ڪيو.


No comments:

Post a Comment