Thursday 16 March 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (17th March)By: Dr. Pathan


** 1832ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي انگريز سرڪار هزهائينس
 مير مراد علي خان ٽالپر کي لکيل خط ۾ خاطري ڪرائي ته شڪارپور
 جو قبضو سندس کان واپس نه ورتو ويندو، جڏهن ته سنڌ
 جي خودمختياري جو مڪمل احترام ڪيو ويندو.
** 1850ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر حيدرآباد جي ڪليڪٽر
 کي هدايت ڪئي ته جيلن ۾ قيد قيدين ۾ صنعتن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن 
جهڙيون عادتون وڌيون وڃن، جڏهن ته انهن کان هارپو ۽ ٻيا ڪم پڻ ڪرايا وڃن.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سن ۾ خلافت ڪانفرنس شروع ٿي، 
جنهن جي صدارت حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ڪئي،
 انهيءَ ڪانفرنس ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر نور محمد شيخ،
 شيخ عبدالعزيز، مولوي محمد سليمان ۽ مولوي عبدالقيوم
 شرڪت ڪئي، هن ڪانفرنس جو ميزبان جي ايم سيد هو.
** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ پرنس آف ويلز
 جي آمد جي موقعي تي مڪمل هڙتال ڪئي وئي،
 ان دوران مهراج لوڪرام شرما ۽ ڪيسومل جهانگياڻي کي
 گرفتار ڪيو ويو، ان کانپوءِ شرما کي 18 مهينن جي قيد جي
 سزا ٻڌائي وئي، جڏهن ته ڪيسومل کي 30 مهينن لاءِ جيل حوالي ڪيو ويو.
** 1933ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برٽش حڪومت وائيٽ پيپر
 جاري ڪري اهو اشارو ڏنو ته سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي کان ڌار ڪيو ويندو.
** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۽ حيدرآباد وچ ۾ 
ايئر فلائيٽ سروس جي شروعات ٿي ۽ ٻنهي شهرن وچ ۾ جهازن جون اڏامون شروع ٿيون.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اينٽي
 مسلم ليگ ڏهاڙو ملهايو ويو، اهو ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد
 مسلم ليگ جي حڪومت تي پريشر وجهڻ هو ته جيئن اها مقامي ماڻهن کي اقتدار ۾ شامل ڪري.
** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽو
 شڪ ظاهر ڪيو ته ڀارت پاڪستان تي حملو ڪري سگهي ٿو
 ۽ اڳتي هلي اهو شڪ يقين ۾ بدلجي ويو، ڀارت پاڪستان تي 
حملو ڪري ڏنو، جنهن ڪري ٻنهي ملڪن ۾ جنگ شروع ٿي وئي.

** 1992ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي دفاع واري وزير سيد غوث علي شاهه 
چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي ڪري 
رهيو آهي ۽ اهڙن واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو اچي رهيو آهي، 
پاڪستان لاءِ هاڻي ايٽمي ڌماڪا نه ڪرڻ لاءِ ڪو به آپشن نه بچيو آهي.

No comments:

Post a Comment