Thursday 8 February 2024

SINDH in history today (9th February). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY. EVENTS FROM SINDH HISTORY (9th February) By: Dr. Dur Muhammad Pathan ** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي ۾ ٽن ڏينهن کان جاري خلافت ڪانفرنس اختتام تي پهتي، ان موقعي تي ايڊهاڪ سنڌ خلافت ڪاميٽي جو قيام عمل ۾ آيو، جنهن جو صدر حاجي عبدالله هارون ۽ سيڪريٽري محمد خان کي چونڊيو ويو، ايڊهاڪ ڪاميٽي ۾ ڪجهه ميمبر پڻ شامل ڪيا ويا. ** 1929ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ جمشيد مهتا ”رورل ريڪنسٽرڪشن فورم“ قائم ڪيو، جنهن جو مقصد شهري علائقن سان گڏ ٻهراڙي وارن علائقن جي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ هو. ** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آل انڊيا هندو مهاسڀا جي ورڪنگ ڪاميٽي جي ٿيل اجلاس ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ته آئين ساز اسيمبلي آئيني طور تي مڪمل ادارو آهي ۽ ان کي اختيار پڻ آهن، ان اداري تحت اکنڊ هندستان جو سياسي آئين تيار ڪري سگهجي ٿو، ڪاميٽي وڌيڪ اهو به چيو ته اسيمبلي ۾ مقامي ماڻهن کي مڪمل نمائندگي ڏني وڃي ۽ مختلف رياستن ۾ ذميوار حڪومتون قائم ڪيون وڃن. ** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۾ پهرين آدمشماري جو آغاز ڪيو ويو. ** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فل بينچ آئين ساز اسيمبلي جي صدر مولوي تميزالدين جي پٽيشن اتفاق راءِ سان ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي، مولوي تميزالدين 24 آڪٽوبر 1954ع واري قدم کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو هو. ** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ايوب خان ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ نوابزاده نصرالله خان وچ ۾ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ڳالهيون شروع ڪرڻ جي حوالي سان ڪجهه معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارت پاڪستان کي وارننگ ڏني ته جيڪڏهن هن هائيجيڪرن کي ڀارت جي حوالي نه ڪيو ته تڪرار وڌي سگهي ٿو. ** 1979ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي دنيا جي مختلف ملڪن جي اڳواڻن جنرل ضياءُالحق کي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو بابت نرميءَ جي اپيل ڪئي. ** 1990ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ وڳوڙن دوران وڌيڪ 64 ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ** 1992ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي نواز شريف مخالف ڌر جي اتحاد پي ڊي اي کي چتاءُ ڏنو ته اهي ايوان صدر تي حملا بند ڪن. ** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ميان منظور وٽو کي 13 ڪروڙ رپين جي بدعنوانين جي ڪيس ۾ ناٺي ۽ سالي سميت گرفتار ڪيو ويو. هو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو ته سندس ضمانت جي درخواست رد ڪئي وئي، جنهن بعد کيس گرفتار ڪري پوليس اسٽيشن منتقل ڪيو ويو. اڄوڪي ڏينهن 9 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: 9 فيبروري 1904ع اديب گوڌومل بيلاڻي جو جنم ڏينهن آهي. 9 فيبروري 1915ع اديب موتي لاتي بداڻي (سيوهڻ / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 9 فيبروري 1928ع اديب چندر ناري سنگهاڻي (ڏيپارجا / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي۔ 9 فيبروري 1975ع اديب همدم لاشاري جو جنم ڏينهن آهي۔ 9 فيبروري 1983ع اداڪار فھيم يحيٰ ڀٽو جو جنم ڏينهن آهي۔ وڇوڙو: 9 فيبروري 1935ع اديب گوڌومل بيلاڻي ديهانت ڪري ويو. 9 فيبروري 1942ع اديب سيد جمال شاهه بخاري جو انتقال ٿيو. SINDH IN HISTORY TODAY (9th February) 9th February BIRTH DATES Godhumal Belani (Kanya Kara > Ajmir/Writer/1904), Motilal Butani (sehwan > Mumbai/Writer/1915), Chandar Narsinghani (Deparja > Ajmir/Freedom Fighter/1928), Hamdam Lashari (Khundi/Poet/1975), Mamjhi Jumari (Poet/1968), Hakim Ali Jiskani (Gadiji/Writer & Station Manager Jeay FM Moro/1986). DEATH DATES Makhdoom Abu Muhammad (Hala/Religious Scholar/1641), Syed Jamal Shah (Goth Ilyas/Poet/1942) EVENTS 1920: The Larkana Khilafat Conference ends on the third day. Haji Abdullah Haroon and Muhammad Khan are elected President and Secretary of the Adhoc Sindh Khilafat Committee. 1927: Pir Mithal Shah Rashdi of Tullah presides over debate between Hindus and Muslim on the topic of ‘Religious and historical validity of Veds’. On the first day, Hindus throw light on historical and religious importance of Veds. The debate took place for three days. Moulana Delhvi, Moulana Din Muhammad Wafai, Moulana Abdul Karim Chishti, Seth Khudadad Khan Surahio, Nazar Ali Agha participated in the debate. The debate started and ended in friendly atmosphere. 1929: Jamshed Mehta forms ‘Rural Reconstruction forum’ so as to develop rural areas at par with urban areas. G.M.Syed playes vital role in the move. 1933: Seth Govindas, arrested in connection with the Independence celebrations is sentenced to one year’s imprisonment and fine of Rs.200 in default to three months additional imprisonment. 1947: The Working Committee of the All India Hindu Maha Sabha passes a resolution maintaining that ‘ the Constituent Assembly as it is, is a properly constituted legal body with full sovereign power and authority and competent to frame the political constitution of Akhand Hidustan’. The Committee further urges the Princes to join the Constituent Assembly giving adequate representation to their own people and to introduce Responsible Government in their own States. 1951: The first ever census begins in Pakistan. 1955: The Full Bench of the Sindh Chief Court unanimously allows the petition of Moulvi Tamizuddin, President of the Constituent Assembly of Pakistan, challenging the proclamation of October 24, 1954. 1969: All-Parties Student’s Action committee appeals to opposition leaders not to hold talks with Ayub as Nation wants to get rid of him. 1971: India warns Pakistan that refusal to handover the hijackers can lead to a conflict. 1979: world leaders appeal for clemency for Z.A.Bhutto. 1990; Death toll rises to 64 in wave of violence in Karachi. 1992: Nawaz sharif warns PDA against making an assault on President House.

No comments:

Post a Comment