Saturday 10 February 2024

SINDH in history today (11th February). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY{11th February} & My Good Day Wish. Author: Dr.Dur Muhammad Pathan. ************* جڏهن قوم پنهنجي اڌورن, اڻپورن ۽ مفاد پرست سياسي آدرشن/اڳواڻن جي دلبن ۽ دغائن جي ور چڙھي, ڪوڙ ٻڌڻ جي عادي ٿي پنهنجون واٽون ئي ويه ڪري ڇڏيندي آھي ته انهئ چڪڻ مان چڙھڻ, پاڻ بچائڻ ۽ ابتر حالتون بدلائڻ لاء قوم لاء تاريخ کان سچ ٻڌڻ کان سواء ٻي واٽ ڪانه هوندي آھي. اسان انھن حالتن مان پيا گذرون. ان لاء آئون اوهان کي مختلف طريقن جهڙوڪ: لکت ۾ ”واقعاتي تاريخ“, "تصويرن/سلائيڊن ذريعي سنڌ جي تاريخ“ ۽ ”وڊيو ٽاڪ ذريعي سنڌ جي تاريخ“ روز ٻڌائيدو آھيان ته جيئن جيڪو طريقو اوهان کي وڻي, ان ذريعي تاريخ جو مطالعو ڪريو. "واقعاتي تاريخ“ حاضر آھي. باقي ”تصويرن ۾ تاريخ" ۽ ”وڊيو ٽاڪ“ بعد ۾ پيش ڪبا. ھت ڏنل هڪ هڪ واقعي کي غور سان پڙھو, سپورنجن ۽ ساڃھ-وندن لاء انھن ۾ وڏو پيغام موجود آھي: 11.2.1832: پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي پنهنجئ سفارتڪارئ جي ڪارگذاري ٻڌائڻ لاء خط لکيو ته حيدرآباد ۾ مير مراد علي خان سان ٻه دفعا ملاقات ٿي آھي ۽ معاهدي بابت ڳالھ ٻولھ ڪئي آهي, کيس گورنر جنرل طرفان موڪليل تحفا به ڏنا اٿم. هاڻي خيرپور ويندس, پر ٻڌايو ويو آھي ته جون حالتون ٺيڪ ڪونهن. 11.2.1835: پاٽينجر خط ذريعي پنھنجئ سرڪار کي ٻڌائي ٿو ته شاه شجاع لاڙڪاڻي پهتو آھي ۽ جلد حيدرآباد ايندو. مسٽر سيمون نالي هڪ انگريز اڳ ۾ ميرن جي فوج ۾ هو, پوء ھليو ويو هو. هو پشاور کان ورتي هتي پهتو آھي ۽ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته ميرپور واري مير علي مراد جي فوج ۾ ڪم ڪندو پاٽينجر وڌيڪ لکي ٿو ته ميرن سيد اسماعيل شاه کي لاڙڪاڻي ۽ سيد زين العابدين کي شڪارپور جو گورنر مقرر ڪيو آھي. 11.2.1843: اڄ مير رستم علي خان نيپيئر کي خط لکي پڪ ڏني ته سندس پٽ مير محمد حسين فرنگين سان وڙھڻ لاء فوج گڏ نه پيو ڪري. اڄ نيپيئر حيدرآباد ۾ موجود آئوٽرام کي لکي ٿو ته ميرن کي منع ڪر ته هو پنهنجي ٻروچن کي قابوء ۾ رکن, وتن ٿا مچي مچي ٿي اسان وڙھڻ جون صلاحون ڪن ۽ ماڻھون گڏ ڪن. مير اها ڳالھ نه ٿا مچن ته پوء هر نتيجي لاء ذميوار پاڻ ھوندا. هو وڌيڪ لکي ٿو ته مير رستم علي کي خيرپور جي حڪمرانئ واري پڳ نه ٻڌرائبي. اڄ نيپيئر مير شير محمد کي به خط لکي ٿو ته تنهنجي قول ۽ فعل مان هن وقت تائين ڪو اشارو نه ٿو ملي ته تون اسان جي خلاف آھين. اسان يارن جا يار ۽ دشمنن جا ويري آھيون. خيال رکجانء ته تون خيرپوري ميرن جا نه مدد ڪندين ۽ پاڻ وٽ اچڻ ڏيندين. اڄ آئوٽرام نيپيئر کي لکي ٿو ته حيدرآبادي مير ڪا به فوج گڏ نه پيا ڪن. مير علي مراد پنهنجي اقتدار بچائڻ لاء مير رستم علئ خلاف اوهان ۾ غلطفهميون پيو پيدا ڪري. مير رستم علئ جو پٽ ڪابه فوج گڏ نه پيو ڪري, پر جيئن ته سندن ٻار ٻچا خيرپور ڇڏن ٿا ته انهن جي حفاظت لاء ھن ڪي ماڻھون گڏ ڪيا آھن. 11.2.1948: انگريزن کان آزادي وٺندڙ ملڪ پاڪستان ۾ ھڪ انگريز سر ڊگلس گريسئ کي آرمئ جو ڪمانڊر-ان-چيف مقرر ڪيو ويو. 11.2.1965: ذوالفقار علي ڀٽي جو قول ۽ فعل شروع کان عالمي وڏيرن جا ڪن اڀا ڪندو رهيو ۽ سندس انهن ڳالهين اڳتي هلي کيس تخت تان لاهي تختي تي لٽڪايو. اڄ تجويز ٿو ڏئي ته "آفريڪا يونئن" جي طرز تي "ايفرو-ائشين باڊي" ٺاهجي ته ان پليٽ فارم تان ايشا ۽ آفريڪي ملڪ پنهنجا مسئلا حل ڪن. [مطلب ته عالمي وڏيرن جي اوطاق تي وڃڻ کان ملڪن کي روڪي پيو] 11.2.1969: ڍاڪا ۾ سنڌي ايم.اين.ايز اڄ صدر ايوب سان مليا ۽ کيس "ون-يونٽ" ٽوڙن لاء ميمورنڊم پش ڪيائون. 11.2.1973: پاڪستان سرڪار کي عراقي سفارتخاني مان وڏو اسلحو مليو ۽ حڪومت جو انديشو ڏکاريو ته اهو اسلحو ملڪ ۾ دهشتگردي پکڙڻ جي لاء آندو ويو هو. سرڪار ڪاوڙجي عراقي سفير کي ملڪ نيڪالي ڏني ۽ بغداد مان پنهنجو سفير واپس گهرائي ورتو. 11.2.1975: پاڪستان سرڪار "نئشنل عوامي پارٽئ" تي اهو الزام هڻي پابندي مڙھي ته اها پارٽي ملڪي سالميتئ خلاف سرگرم هئي. 11.2.1979: پاڪستان ۾ “اسلامڪ پينل لاز" لاڳو ڪيا ويا. ************** ڏينهن 11 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: 11 فيبروري 1904ع شاعر گوڌومل گوورڌن (سڪرنڊ / بڙودا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 11 فيبروري 1916ع نصابي ڪتابن جي ليکڪ ۽ سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي رجسٽرار محمد حسين ترڪ جو جنم ڏينهن آهي. 11 فيبروري 1944 غوث بخش خادم کهڙائئ جي ڄمڻ جي تاريخ آھي. 11 فيبروري 1946ع شاعر غلام قنمبر گوهر (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 11 فيبروري 1961ع ليکڪ امجد دائود پوٽو (سيوهڻ) جو جنم ڏينهن آهي۔ وڇوڙو: 11 فيبروري 1913ع اسڪالر مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي (هالا) جو لاڏاڻو ٿيو. 11 فيبروري 1927ع هالا جي بزرگ هستي مخدوم ميان ظهيرالدين عرف ميان پرو ڄام جو انتقال ٿيو. 11 فيبروري 1947ع ناليواري اسڪالر. لطيف شناس ۽ محقق ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي جي ديهانت ٿي. 11 فيبروري 1957ع سماجي اڳواڻ سرلا ديوي (شڪارپور / لاڙڪاڻو) جي ورسي آهي. 11 فيبروري 1963ع سياستدان سيد غلام حيدر شاهه (نوابشاهه) جو لاڏاڻو ٿيو. 11 فيبروري 1994ع ناليواري اسڪالر ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ (لاڙڪاڻو) جو لاڏاڻو ٿيو. 11 فيبروري 2013ع قنمبر سان تعلق رکندڙ قومپرست شاعر آتش سنڌي ڪراچي ۾ 60 سالن جي ڄمار ۾ برين هيمبرج سبب لاڏاڻو ڪري ويو. 11 فيبروري 2018ع نامياري قانوندان، سماجي اڳواڻ ۽ انساني حقن ۽ جمهوريت لاءِ جاکوڙيندڙ عاصمه جهانگير جو لاڏاڻو ٿيو. 11 فيبروري 2018ع اردو ڊرامن جي نامياري اداڪار قاضي واجدجي وفات ٿي. 1.Good Day Wish: Dr. Pathan wishes you Good Day. [Love & respect are everlasting, but not life. Values are everlasting, but not traditions. Beauty is in behavior, but not in body. Respect is in reciprocation, but not in words. Mighty is man and worthy is woman. Let us accept & respect human-beings without discrimination. It is Self-searching & Self-respect] دم تي نہ مگر آدم تي، آء تہ ڪریون اعتبار، قائم دائم آدم سان ئي، سندرتا جو سنسار، سندس برہ ساڻ بھار، لائق دعا سلام سندو. ************ SINDH IN HISTORY TODAY (11th February) 11th February BIRTH DATES Khadim Khurai (Khuhra/Writer/1944), Ghulam Qambar ‘Gohar’ (Shikarpur/Poet/1946), Amjad Daudpoto (Sehwan/Writer/1961). DEATH DATES Makhdoom Muhammad Ibrahim Bhatti (Old Hala/Religious Scholar/1913), Mian Zaheeruddin alies Mian Pro Jam Makhdoom (Hala/Saint/1927), Dr.Hotchand Gurbaxani (Hyderabad/Scholar/1947), Ghulam Hyder Shah (Nawabshah/Member Sindh Assembly/1963), Sarla Devi (Shikarpur > Larkano/Social Worker/1957), Dr. Abdul Majeed Memon Sindhi (Mari > Larkano/Research Scholar/1996) EVENTS 1832: Colonel Pottenger, Political Agent, informs his Government that presents sent by His Lordship has been handed over to Mir Murad Ali Khan and he cannot proceed to Khairpur due to disturbances there. 1835: The East India Company Government is informed by its Political Agent that Shah Shujaul Malik has reached at Lakana. Syed Ismail Shah and Syed Zain-ul-din Shah are appointed Talpur Government as Governor of Larkana and Shikarpur respectively. 1943: Charles Napier writes to Mir Sher Muhammad, ruler of Mirpur khas that “ No hostility has to my knowledge been committed by you. There is no mention of your name in the Treaty, nor is there any intention of dispossessing you of any of your land, or doing anything displeasing to you. The British Government makes war on its enemies, but not on its friends. With regard to the tribute, be so good as to make it over to Mr. Brown, who is now at Hyderabad. I hope you will not allow any of Ameers of Khairpur to have any troops within your territories.” 1927: Sheikh Muhammad Ramzan Sanjogi of Chhajra village of Kambar issues statement in reply to the letter sent to him written and signed by Mahnat of Sadh Bello, Veromal Begraj and Dr. Choitram. He was asked to rejoin Hinduism. Muhammad Ramzan regretted, refused and criticized their advice. 1931: The Branch of Sindh Azad Party is opened at Dad Mahessar. Syed Juman Shah (President), Moulvi Haji Abdul Qadir (Vice President), Dur Muhammad (Secretary) are elected as founder office-bearers of the branch. 1939: The District Larkana Borad intended to close English classes at Tayab, Khairodero, Naich, Gerilo, Badah, Pathan, Vehar and Wagan. People of those villages make application and request the District Board that they are ready to support schools financially; hence, English classes may not be closed there. 1948: General Sir Douglas Gracey is appointed as C-in-C of the Pakistan Army. 1965: Z.A.Bhutto, Foreign Minister of Pakistan proposes Afro-Asian body on lines of organization of African Union. 1969: Five MNAs from Sindh meet President Ayub in Dhaka and submit a Memorandum for dissolution of One-Unit. 1975: National Awami Party is banned. The Government says that the party was working in a manner prejudicial to the sovereignty of Pakistan. 1979: Islamic Penal Laws are introduced in Pakistan.

No comments:

Post a Comment