Wednesday 7 February 2024

SINDH in history today (8th February). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (8 February)· Research by Dr.Pathan [پاڪستان ۾ اڄ اليڪشن ٿي رهي آھي, جنهن ۾ عوامي يا ملڪي/صوبائي ڀلائئ جي منشور بدران شخصيتن کي بنياد بڻائي چونڊ وڙھي ويندي. مطلب ته ”نظام“ مٽائڻ بدران ”منڍئ-مٽ“ ٿيندي. ڏسجي ته اقتدار جي هن شطرنج وارئ جنگ ۾ سنڌواسين جو ڪهڙو ڪردار ٿو رهي. ماضئ ۾ اسان جي وڏڙن ملڪي سياست/حڪمرانئ ۾ ڪهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا يا ڪوتاهيون ڪيون, اچو ته انھئ حوالي سان ڪن اهم واقعن تي نظر ڦيرايون] {8 فيبروري} ** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چارلس نيپيئر دولتپور صفن مان ميجر اوٽرام کي خط لکيو ته مون امام ڳڙهه قلعي کي بارود سان تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي هندستان جي وائسراءِ لارڊ ايلن برو مون کي چيو آهي ته اهو سٺو ڪم ڪيو اٿئي، نه ته وڏي خونريزي ٿئي ها، چارلس نيپيئر ميجر آوٽرام کي اهو به ٻڌايو ته هو روهڙي ۽ پنجاب جي علائقي ڀونگ ڀاڙا وچ ۾ موجود زمين تي ڪم ڪري رهيو آهي ته جيئن اها زمين طاقت جي زور تي حاصل ڪري سگهجي ۽ مون کي اميد آهي ته مان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيندس، منهنجي ويڙهه جاري آهي. ** 1848ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي جي ڪليڪٽر سنڌ جي ڪمشنر کي هڪ ميمو فارورڊ ڪيو، جيڪو سيٺ نائون مل جي خدمتن جي حوالي سان هو، سيٺ نائومل کي انگريزن ڪراچي جو هيڊ ڪاردار مقرر ڪيو هو، ليڪن هو نيپيئر جي زيادتين جو نشانو ٿيو ۽ ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيس. ڪيپٽن پريڊي طرفان تيار ڪيل ميمو ۾ سرڪارکي سفارش ڪئي وئي هئي ته سرڪار لاءِ ڪم ڪرڻ تي نائون مل کي اعزاز سان نوازيو وڃي. ** 1923ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ ٿيل ليڪچر پروگرام ۾ ڊاڪٽر جي ٽي رينچ عورتن کي صلاح ڏني ته انهن کي سياست ۾ حصو نه وٺڻ گهرجي. انگريز حڪمران نه پيا چاهن ته سنڌ جي عورت-اڌ ڪائنات سياست ۾ حصو وٺي ۽ تحريڪ آزادئ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي ۾ خلافت ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن تي پڻ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، ڪانفرنس ۾ مقررن خطاب ڪندي انگريزن خلاف هلندڙ تحريڪ وڌيڪ تيز ڪرڻ تي زور ڏنو. ** 1938ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بدين ۾ حزب الله جماعت جي 51 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، انهن بدين ۾ به بک هڙتال شروع ڪئي هئي. ** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ حڪومت صوبي ۾ جاگيرداري نظام جي خاتمي جو اعلان ڪيو، اٽڪل 10 لک ايڪڙ زمين بي زمين هارين ۾ ورهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو پر انهيءَ فيصلي تي ان جي روح مطابق عمل نه ٿيڻ سبب اهي زمينون بي زمين هارين ۾ ورهائجي نه سگهيون. ** 1990ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گڏيل مخالف ڌر جي اتحاد سي او پي (ڪمبائينڊ اپوزيشن پارٽيز) فيصلو ڪيو ته ڪراچي ۾ معصوم ماڻهن جي قتل خلاف صوبي ۾ احتجاج جو ڏهاڙو ملهايو ويندو، واضح رهي ته 1990ع ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت خلاف تحريڪ جو جواز ڳولڻ لاءِ ڪراچي کي رتوڇاڻ لاء چونڊيو ويو. ***** .اڄوڪي ڏينهن 8 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ***** جنم ڏينهن: 8 فيبروري 1875ع مخدوم محمد عثمان قريشي (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 8 فيبروري 1935ع ليکڪ، صحافي ۽ تعليمي ماهر پروفيسر ڊاڪٽر اسحاق ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. 8 فيبروري 1942ع موسيقار ۽ گلوڪار ناري شرما (حيدر آباد / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي. 8 فيبروري 1944ع ليکڪ پرتاب پرسواڻي (رستم / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 8 فيبروري 1946ع اسڪالر ڊاڪٽر غلام رسول سومرو (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 8 فيبروري 1941ع گلوڪار ۽ غزل جي بادشاهه جگجيت سنگهه جو جنم ڏينهن آهي. 8 فيبروري 1943ع اردو ٻولي جي اسڪالر، شاعر ۽ تعليمي ماهر، ڪراچي يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي پيرزاده قاسم جو جنم ڏينهن آهي. 8 فيبروري 1948ع سنڌي ڪمپيوٽنگ جي اهم شخصيت عبدالماجد ڀرڳڙي جو جنم ڏينهن آهي. 8 فيبروري 1953ع سگهڙ صالح فقير (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 8 فيبروري 1957ع گلوڪاره وملا ڀاٽيا (نئين دهلي) جو جنم ڏينهن آهي. 8 فيبروري 1965ع ليکڪ محمد عمر سومرو (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 8 فيبروري 1968ع صحافي نماڻو نوراني (ٺل) جو جنم ڏينهن آهي. 8 فيبروري 1987ع ليکڪ اعجاز علي چنا جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 8 فيبروري 1931ع خيرپور رياست جي اڳوڻي حڪمران مير امام بخش خان ٽالپر جو انتقال ٿيو. 8 فيبروري 1942ع موسيقار ۽ گلوڪار استاد سينڌو خان جو انتقال ٿيو. 8 فيبروري 1948ع سياستدان علي محمد شاهه (نوابشاهه) لاڏاڻو ڪري ويو. 8 فيبروري 1975ع پ پ پ اڳواڻ حيات محمد خان شيرپائو بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو. 8 فيبروري 1988ع ناليواري ليکڪا بادام ناتوان (شڪارپور) جو انتقال ٿيو. 8 فيبروري 2015ع سچل سرمست جي درگاهه جو گادي نشين سخي قبول محمد فاروقي لاڏاڻو ڪري ويو. SINDH IN HISTORY TODAY (8th February) 8th February BIRTH DATES Makhdoom Muhammad Usman Qureshi (Larkano/Religious Scholar/1875), Nari Sharma (Hyderabad > Ulhasnagar/Singer & Musician/1942), Partab Parswani (Rustam > Mumbai/Writer & Artist/1944), Dr. Ghulam Rasool Soomro (Larkano/Research/1946), Salih Faqir Panhwar (Dadu/Poet/1953), Vimla Bhatia (New Delhi/Singer/1957), Muhammad Umar Soomro (Jacobabad/Journalist/1965), Nimano Nonari (Thull/Poet & Journalist/1968), Khanwad dino Larik (Pothi Lark/Poet/1984), Aijaz Ali channo (Ibrahim channo/Writer/1987) DEATH DATES Mir Imam Bux Talpur (Khairpur/Ruler/1931), Ustad Sendho Khan (Amritsar/Singer/1942), Ali Muhammad Shah Allahando Shah (Benazirabad/1948) EVENTS 1843: Charles Napier writes to Major Outram from Doulatpur that Lord Ellen borough has approves of blowing up Imam Garah, and thinks it will save bloodshed. I have written to him about the land between Rohri and Bhoong Bhara, and asked him to let me offer a detailed arrangement. I hope he will conclude this, and I shall make a hard fight for it. 1848: Collector of Karachi forwards a memo to the Commissioner of Sindh , of services of Seth Naoonmal, late Head Kardar of Karachi, drawn up by Captain Preedy in which he recommended that Naoonmal be rewarded for rendering important services to Government. 1923: In his lecture delivered in the D.J.Sindh college, Dr.G.T.Wrench advises that women-filch must not take part in politics. 1920: It is second day of the Larkana Khilafat Conference. The City witnesses a big political event. 1938: fifty-one volunteers of Hizullah jamait are arrested in Badin. They and their party was on Satyagrah demanding ban on Luwari Haj. 1955: The Government of Sindh announces abolition of Jageerdari system in the province. The one million acres of land can be distributed among landless peasants, if the announcement is implemented in letter and spirit. 1972: Army and Rangers quell polices srike in Hyderabad. Police’s demand includes respect for police. 1990: COP (Combined Opposition Parties) decides to give call to observe protest day against killing of innocent people in Karachi. [But, no body is taking such type of action on killing of innocent people daily in Karachi. In 1990, the move was to blame and condemns PPP Government of Benazir].

No comments:

Post a Comment