Wednesday 21 February 2024

SINDH in history today (22nd February). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {22nd February} & My Good Wish for YOU. ************* ******* توجھ طلب واقعا ************* 22.2.1842: آئوٽرام اڄ گورنر جنرل جي پرائيويٽ سيڪريٽرئ ۽ ممبئي سرڪار ڏي الڳ الڳ خط لکي ٿو. ٻنهي خطن جو مطلب ساڳيو آھي. هن مير نصير خان بابت ٻڌايو آھي ته مير اسان فرنگين خلاف سازشن ڪرڻ ۾ مصروف آھي. اسان جڏهن افغانستان وارئ مهم جوئي ۾ مصروف آھيون ته هن کي اسان لاء کوٽڻ جو موقعو ملي ويو آھي. پر آئون ان جي تدارڪ ۾ لڳو پيو آھيان. 22.2.1941: سن ۾ جي.ايم.سيد جي صدارت ۾ سنڌ مسلم ليگ جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽئ جي گڏجاڻي ۽ ان ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مسلم ليگ کي سنڌ ۾ مسلمانن جي واحد نمائنده پارٽي بڻايو وڃي. 22.2.1945: ڊي.جي.ڪاليج ڪراچئ ۾ سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽئ جي مئنيجنگ ڪميٽئ جي گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي تاريخ تي بنيادي ۽ اهم مواد ۽ معلومات گڏ ڪئي وڃي ۽ سنڌ جي تاريخ جي آئوٽ لائين ٺاهي وڃي ته جيئن گڏ ڪيل تاريخي اهميت واري مواد مان فائدو وٺي تجويز ڪيل آئوٽ لائين مطابق تاريخ نويسئ جو ڪم ڪري سگهجي. [نوٽ ڪرڻ جي ڳالھ اها آھي ته گل حيات ئي اهڙو واحد ادارو آھي, جيڪو تاريخي اهميت وارو مواد گڏ ڪري ٿو ۽ تاريخي تقاضائن کي ڌيان ۾ رکندي محققن ۽ پڙھندڙن تائين اهو مواد پهچائيندو رهي ٿو يا اهڙي مواد بابت خبر ڏيندو رهي ٿو.] 22.2.1955: سنڌ چيف ڪورٽ مولوي تميزالدين جي درخواست تي فيصلو ڏنو هو ته پاڪستان جي گورنر جنرل آئين ساز ايسيمبلي ٽوڙڻ جو جيڪو فيصلو ڪيو, اهو غلط هو. مرڪزي سرڪار انھئ فيصلي کي فيڊرل ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو. اڄ فيڊرل ڪورٽ جسٽس منير جي سربراهئ ۾ سنڌ چيف ڪورٽ جي فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري ڪيو. 22.2.1969: ايوب سرڪار اڄ اگرتله سازش ڪيس واپس ورتو ۽ نتيجي ۾ شيخ مجيب ۽ ٻيا 33 ڄڻا آزاد ڪيا ويا. [ پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ پارٽين ۽ شخصيتن تي ملڪ دشمنئ وارا ڪيس ٿيندا رهيا آھن. پر جيئن ته اهي ڪوڙا هوندا آھن ۽ فقط مخالفن کي تنگ ڪرڻ لاء هوندا آھن, ان ڪري اهڙا ڪيس واپس ورتا ويندا آھن. اهڙن ڪوڙن ڪيس داخل ڪرائيندڙ حڪومتن تي ڪو قدم نه کنيو ويندو آھي.] 22.2.1974: لاهور ۾ اسلامڪ سمٽ ڪانفرنس شروع ٿي, جنهن جي صدارت وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي ڪئي. * (اڄوڪي ڏينھن تي پاڪستان بنگلاديش کي هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ طور تسليم ڪيو. 22.2.1978: ذوالفقار علي ڀٽي جي وفادار ۽ مٿس قصيدن جهڙو ڪتاب لکندڙ ڏمرجي پيو ته بينظير ڀٽي کي پارٽئ جي قيادت ڇو ٿي ڏني وڃي. *************** {22 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} ************* [جنم ڏينهن:] 22 فيبروري 1732ع آمريڪا جي پهرين صدر جارج واشنگٽن جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 فيبروري 1857ع اسڪائوٽ تحريڪ جي باني لارڊ بيڊن پاول جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 فيبروري 1915ع سابق صدر غلام اسحاق خان جو جنم ڏينهن آهي. 22 فيبروري 19 40ع شاعر محمد جمن هالو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 فيبروري 1917ع سماج سڌارڪ شيوارام تلوڪ چند (ڀريا / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 22 فيبروري 1923ع ليکڪ بهاري لال ڇاٻڙا جو جنم ڏينهن آهي. 22 فيبروري 1923ع شاعر حافظ شاهه حافظ (ٽکڙ) جو جنم ڏينهن آهي۔ 22 فيبروري 1933ع تعليمدان امرت ڪمار (روهڙي / اجمير) جي پيدائش ٿي. 22 فيبروري 1935ع شاعر سڪايل پهنور (ڦلجي اسٽيشن) جو جنم ڏينهن آهي. 22 فيبروري 1944ع ليکڪا ثميره زرين(شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي [وڇوڙو:] 22 فيبروري 1982ع اردو جي ناليواري شاعر جوش مليح آبادي جو انتقال ٿيو Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Don't trust your beauty and adolescence, because they are not everlasting. Don't be proud of your mind, because it can make wrong decisions. Trust your heart and its love, because it is beautiful and wonderful. It can't betray you and always select second to none. Surrender before beauty, because sincerity and sacrifice is its requirement.] عقل تي نہ هل عقل اڪثر ڪري خطا ٿي ويندو آ, عشق ڪر جو وڏي مشڪل سان ئي عطا ٿي ويندو آ, جوڀن ۽ حسن تہ وقت سان گڏ لاپتا ٿي ٿي ويندو آ, سونهن جو حق ادا ٿي ويندو آ, جان ڏي سلام ڪر. ************* SINDH IN HISTORY TODAY (22nd February) 22nd February BIRTH DATES Muhammad Juman Halo (Hala > Karachi/Poet/1911), Shiwaram Tilokchand (Bhrya > Ajmir/Social worker/1917), Biharilal Chhabra (Writer/ Sindh > India/1923), Hafiz Shah ‘Hafiz’ (Thukhar/Poet/1923), Amrat Kumar (Rohri > Ajmir/Educationist/1933), ‘Sikayal’ Panhwar (Phulji Station/Poet/1935), Abdul Majeed ‘Suhail’ Abbasi(Bali Shah/Poet/1975), ‘Aas’ Abdullah Hingorjo (Bughar/Poet/1989), Hakim Leghari Bihar Ali Leghari/Journalist/1995). DEATH DATES Ghulam Ahmad ‘Nizami’ (Larkano > Karachi/Poet/1950), Younis Khonharo (Alam Khonharo/Poet/1984), Jaisinghani ‘Sam’ (Larkano/Poet, Social worker/1988). EVENTS 1832: Government of India updates Colonel Pottenger, its Political Agent, in Sindh about contact with Conduct in the difficult and troublesome discussion with Ruler of Hyderabad and his officers. Pottenger informs his Government that he has been asked by Mir Murad Ali to quit Hyderabad at once and proceed to Khairpur. 1914: Religious and Social organization ‘Bandhu Mandal’ of Karachi celebrates its fourth anniversary. Seth Jasraj chairs the function, whereas Mohanji Varma, Dr.K.B.Patel, and Ramji Manji Vadera speak on the occasion. 1941: The meeting of the Executive Committee of the Sindh Muslim League is held at Sunn with G.M.Syed in Chair, and it is decided that the party be popularized in the province. 1955: The Federal Court of Pakistan headed by Justice Muneer issues orders for stay against the decision of the Sindh Chief Court restoring Moulvi Tamizuddin to his office. The decision remained the topic of talk for a long time. 1969: Agartalla conspiracy case is withdrawn by the Government. Shaikh Mujeeb and other 33 accused persons are released. 1974: Islamic Summit Conference starts in Lahore. It is being attended by 22 Heads of states and Governments. President Fazul Illahi inaugurates and it is presided over by Z.A.Bhutto, Prime Minister of Pakistan. 1978: Moulana Kausar Niazi criticizes the move for naming Benazir Bhutto as Party chairperson.

No comments:

Post a Comment