Monday 5 February 2024

SINDH in history today (6th February). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (6th February). Research By Dr.Pathan. SINDH (including Pakistan) in history today [6th February] & My GOOD WISH. ************** "واقاتي تاريخ *************** 6.2.1839: شڪارپور مان اڄ شاه شجاع جي سفير/نمائندي پاٽينجر کي لکيو ته افغانستان تي چڙهائي ڪرڻ جو مناسب وقت مٿان اچي پيو آھي, پر اوهان خاموش ويٺا آھيو. ميرن کان خراج وٺي موڪليو ته اسان افغانستان تي چڙھائي ڪيون 6.2.1857: سنڌ جي فاريسٽ رينجر اڄ وري سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو ته انڙپور ۽ محراب پور جي ٻيلن جي تر جا وڏيرا واڍي ڪري ڀينگ ڪري رهيا آھن ۽ ضلعي انتظاميه سندن مدد به ڪري. ان ڪري ضلعي انتظاميه کي به ڌت ڪريو ۽ هئ ڀينگ بند ڪرايو. 6.2.1920: خلافت تحريڪ اڳواڻ مولانا عبدالباري, مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ مولانا شوڪت علي خلافت تحريڪ جي جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاء لاڙڪاڻي پهتا. 6.2.1927: پارسي نسل سان واسطو رکندڙ ڪميونسٽ اڳواڻ ۽ برطانيه جي هائوس آف ڪامنس جو ميمبر شاپورجي سڪلات والا اڄ ڪراچئ آيو. سندس اچڻ تي هن خلاف سرڪار پرست اخبارن سخت لفظن ۾ تنقيد ڪئي. 6.2.1931: مولوي غلام محمد جي صدارت هيٺ جهمپير ۾ عوامي ميڙاڪو ٿيو ۽ ان موقعي تي "سنڌ آزاد پارٽي" قائم ڪري حاجي عبدالغفور قاضئ کي صدر, محمد عالم درزئ کي سيڪريٽري ۽ غلام محمد جکري کي خزانچي بڻايو ويو. 6.2.1939: رميش تلوڪچند جئسنگهاڻي تعلقي رتيديري جي ڳوٺ طيب ۾ ڄائو. هو "شيوڪ" جي تخلص سان شاعري ڪندو هو. ورهاڱي کان پوء پنهنجي وڏڙن سان گڏ لڏي انڊيا هليو ويو. هن اتي شاعر ۽ موسيقار جي حيثيت ۾ نالو ڪمايو 6.2.1950: در محمد اوستو, جيڪو ضلعي جيڪب آباد جي مسلم ليگ جو آرگنائيزر هو, تنهن شھر جيڪب آباد کي چئن وارڊن ۾ ورهائي مولوي محمد حسين کهاوڙ, شير محمد بروهي, مير حسن سڀائئ ۽ رسول ڀخش شيخ کي وارڊن جو انچارج بڻائي ميمبرسازي شروع ڪرائي. مهاجرن کي چيو ويو ته اهي فاروق احمد وٽ ۽ ڪاٺياواڙي ميمڻن کي چيو ويو ته اهي عبداللطيف ميمڻ وٽ ميمبر ٿين. 6.2.1969: جنرل ايوب پاڪستان کي پنهنجي پئ جي جاگير سمجهي ڏھن سالن کان مٿي حڪمراني ڪري چڪو ته هن مان جان ڇڏائڻ لاء سڄو ملڪ اٿي پيو. جيتوڻيڪ هن وعدو ڪيو ته امرجنسي هٽائي سياستدانن سان ڳالهيون ڪرڻ لاء تيار آھيان, پر هن تي اعتبار نه ڪندي مختلف شھرن ۾ پوليس ۽ احتجاج ڪندڙن وچ ۾ چڪريون هليون. لاهور ۾ ڳالھ وڌي وئي ته فوج گهرائي وئي.[ دنيا جهان ۾ تحريڪون مذامت ۽ ويڙهاند سان ھلنديون آھن. پر اسان سنڌ ۾ بيان بازي ڪرڻ, نعرن هڻڻ ۽ فقط هڪ جلوس ڪڍڻ کي وڏي خدمت سمجهندا آھيون] 6.2.1971: انڊيا پاڪستان کي ڌمڪي ڏني ته ڪشميري هائجيڪر, جن اسان جو جهاز ڀڄائي لاهور ۾ بم سان اڏايو, اهي اسان حوالي ڪيو, نه نتيجن جي ذميواري اوهان تي هوندي. پاڪستان ٺڦ جواب ڏنس. [جهاز اغوا ڪرڻ وارو واقعو ٻين سببن سان گڏجي ٻنھي ملڪن ۾ جنگ ڪرڻ جو جواز بڻيو] 6.2.1976: جنرل ضياء الحق کي ذوالفقار علي ڀٽي آرمي چيف بڻايو ۽ هن نئين آرمي چيف پندرهن مهينن ۾ ڀٽي ۽ سندس حڪومت جي ڀينگ ڪري ڇڏي. 6.2.1979: نواب محمد احمد قتل کيس ۾ لاهور هاء ڪورٽ ڀٽي کي ڦاهي جي سزا ڏني. ذوالفقار علي ڀٽي ان فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو. اڄ سپريم ڪورٽ لاهور ڪورٽ واري فيصلي کي برقرار رکيو. ستن ججن مان ٽن ججن ڀٽي کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي, پر چئن ججن لاهور هاء ڪورٽ واري فيصلي جي تائيد ڪئي. 6.2.1989: نواب اڪبر بگٽي بلوچستان جو گورنر مقرر ڪيو ويو. 6.2.1996: ايم.ڪيو.ايم جماعت پنهنجي ڪارڪنن کي لڪي وڃڻ جون هدايتون جاري ڪيون ته جيئن حڪومت جي گرفت کان بچي سگهن. 6.2.2003: وائيس چانسلر مظھرالحق صديقئ جي صدارت ۾ سنڌالاجئ ۾ ڊاڪٽر اينيميري شمل لاء تعزيتي رفرنس ٿيو. انھئ موقعي تي ڊاڪٽر غلام علي الانا, غلام رباني آگري, شوڪت شوري, قاضي خادم, عنايت بلوچ, اعجاز قريشئ ۽ غلام لاکي تقريرون ڪيون *************** ڏينهن 6 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 6 فيبروري 1897ع شاعر ۽ ليکڪ ٻوڌراج ٻوڌجو جنم ڏينهن آهي. 6 فيبروري 1907ع شاعر مرحوم در محمد درل پٺاڻ (آريجا) جو ڏينهن آهي. 6 فيبروري 1939ع گلوڪار رميش شيوڪ (سنڌ / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 6 فيبروري 1952ع شاعر غمخوار بروهي جو جنم ڏينهن آهي. 6 فيبروري 1952ع گلوڪار ۽ شاعر لعل پنجابي (الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي. 6 فيبروري 1953ع افسانه نگار تنوير جوڻيجو(مٺي) جو جنم ڏينهن آهي. 6 فيبروري 1956ع ليکڪ ۽ اداڪار ڪشنچند (خيرپور / احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 6 فيبروري 1962ع ليکڪا ۽ صحافي حسينه جتوئي جو جنم ڏينهن آهي. 6 فيبروري 1963ع ليکڪ جمشيد لغاري جو جنم ڏينهن آهي. 6 فيبروري 1983ع نثر نويس ڪريم بخش هنڱورو جو جنم ڏينهن آهي. 6 فيبروري 1985ع ريڊيو انائونسر سعيده سهتو (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 6 فيبروري 1956ع مصور۽ پينٽر عبدالله سومرو (ٺارو شاهه) جو انتقال ٿيو. 6 فيبروري 1978ع سدا ملوڪ شاعر الطاف عباسي(ڊاڪٽر تنوير عباسي جو ڀاء) روڊ حادثي ۾ شهيد ٿي ويو. 6 فيبروري 1997ع شاعر راهي چنا (جوهي) جي وفات ٿي. 6 فيبروري 2001ع شاعر فيض پهنور (ملڪاڻي) جو انتقال ٿيو. 6 فيبروري 2018ع ناميارو شاعر عبدالحڪيم ارشد لاڏاڻو ڪري ويو. Dr.Pathan wishes you Good Day. [Neither beg, nor snatch. Be brave and sacrifice your desires & demands. My Heart! Keep in mind that without truth & trust, love & peace your vision & wisdom is all in vain. Be beauty and share love, if you want to live life with cause] ملئي تان جھل جھول، باقی ایئین تون پن نہ ڇن، بي بسئ بجاء عشق ایثار سان، برہ ۾ تون پیو ڀن، باقی سمجھ ڪن، سرت سچ سونھن سلام سواء. *****-**-***-**-* SINDH IN HISTORY TODAY (6th February) 6th February BIRTH DATES Swami Budhraj (Larkano/Saint & Poet/1897), “Dural’ Lohar (Arija/Poet/ Uncle of Dr. Dur Muhammad Pathan/1907), Ramesh ‘Shewak’ (Tayab > Ahmadabad/Musician/1939), ‘Ghamkhwar’ Brohi (Poet/1952), Lal Pujabi (Ulhasnagar/Poet & Singer/1952), Tanwer Junijo (Mithi/Writer/1953), Kishin Chand (Khairpur > Ahmadabad/Writer & Artist/1956), Jamshed Laghari (Bebrk Laghari/Writer/1963), Saeeda Sahto (larkano/Radio Announcer/1985). DEATH DATES Abdullah Soomro (Tharo Shah/Painter/1956), Sadanand Tolani (Writer/1971), Altaf Abbasi (Poet/1978), Rahi Channa (Johi/Poet/1997), Ali Muhammad ‘Majrooh’ (Khair Muhammad Panhwar > Karachi/Poet/1997), Faiz Panhwar (Malkani/Writer/2001), Saleem Bachani (Tando Allahyar/Poet/2013). EVENTS 1857: The Forest Ranger in Sindh makes complaint to the Commissioner that a lage part of the Unarpur and Mehrabpur forests had been destroyed under the directions of the Collector Hyderabad and on account of the permission given to the Zamindars to cultivate within the forest limits. He requests for prohibiting the Collector for such an act. 1933: In the Assembly Sir Harry Haig is bombarded with series of questions related to the release of Mahatma Gandhi. The home member maintained that release of Gandhi is related to the policy of Congress regarding Non-co-operation Movement. 1969: Begum Nusrat Bhutto withdraws petition challenging Z.A.Bhutto’s detention by Ayub regime. 1970: Pakistan and the Soviet Union concludes a trade agreement providing for exchange of goods upto nearly Rs.11o million each way during 1970. 1976: General Zia-ul-Haq is appointed army chief. 1979: Supreme Court held the High court decision and rejected Z.A.Bhutto’s appeal. Chief Justice Anwar-ul-Haq announced the decision given by majority judges. It was a split verdict of four to three. Justice Safdar Shah, Justice Durab Patel and Justice M.Haleem acquitted Bhutto. 1989: Nawab Akbar Bugti is sworn in as Chief Minister of Baluchistan. 1996: The MQM asks its party men to go into hiding.

No comments:

Post a Comment