Sunday 4 February 2024

SINDH in history today (5th February). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

SINDH in history today [5th February ] & My Good Day Wish *************** ******* تاريخ جا اهم واقعا *************** 5.2.1836: مير نور محمد خان بيمار ٿيو ته پاٽينجر هن جي دوا درمل لاء اسسٽنٽ سرجن هيٿن هيڊ تي ڪم رکيو. انگريز سرڪار هن ڊاڪٽر کي واپس انڊيا گهرائڻ لاء لکيو ته پاٽينجر پنهنجي سرڪار کي گذارش ڪئي ته ڊاڪٽر واپس نه گهرايو. هن جي خدمتن مان اسان سياسي فائدا وٺي سگهون ٿا. 5.2.1839: "سنڌ رزرو فورس" جو ڪمانڊر برگيڊيئر والينٽ اڄ ڪمانڊر ان چيف کي ڪراچئ مان خط لکي ٿو ته سمنڊ ذريعي وڌيڪ فوج پهچي رهي آھي. منھنجو رايو آھي ته ان کي منوڙي وٽ لاهجي. منوڙو مڪمل طور تي اسان جي قبضي ۾ آھي. هتي اسلحو به حفاظت سان رکي سگهبو. ڪن ڏيهي ماڻھن اسان کان منوڙي واپس کسڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. آئون ڪراچي گهمي آيو آھيان ته جيئن ڇانوڻي ٺاهي سگهجي. ڪراچئ جو پاڻي سٺو ناهي. [منوڙي تي قبضي کي سنڌ جي حڪمرانن ته مڃيو ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ اهي ڌارين جا سهولتڪار بڻجي ويا, پر عوام اها ڳالھ دل سان نه قبولي ۽ منوڙي ڇڏائڻ لاء مسلح مزاحمت ڪيائون] 5.2.1843: نيپيئر نوشهرو فيروز مان آئوٽرام کي خط لکيو ته سڀاڻي مورو ويندس. مير جيڪڏهن پنهنجئ فوج کي ڇڙوڇڙ نه ڪندا ۽ اڃان ماڻھون گڏ ڪندا ويندا ته پوء کين منهنجئ جنگ کي منھن ڏيڻو پوندو. 5.2.1914: ڪراچئ ۾ ”ڪڇي ميمڻ ڊبيٽنگ سوسائٽئ“ جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ ٺھراء پاس ڪري سرڪار کان مطالبا ڪيا ويا ته 1). مرزا قليچ بيگ جيڪي "انجمن حمايت الاسلام" لاهور جا ڪتاب سنڌئ ۾ ترجمو ڪيا آھن, اهي مسلمانن جي درسي ڪتابن طور منظور ڪيا وڃن, 2) تعليم کاتي جي "انسپيڪٽنگ سيڪشن" ۾ خالي پيل مسلمانن جو جايون ڀريون وڃن. 5.2.1920: حيدرآباد ۾ ”انجمن علماء سنڌ" جو اجلاس ٿيو, جنهن ۾ 86 مولوين ۽ پيرن گادينشينن شرڪت ڪئي. گڏجاڻئ ۾ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته خلافتي ڪارڪنن سان زيادتيون ڪرڻ بند ڪيون وڃن ۽ مٿن مڙھيل ڪيس واپس ورتا وڃن. 5.2.1933: ڪراچئ ۾ جماعت "سنڌ آزاد ڪانفرنس" جي ورڪنگ ڪميٽئ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هندو سنڌ کي صوبائي حيثيت خلاف تحريڪ هلائي رهيا آھن, جنهن جو ڀرپور ۽ وقتائتو جواب ڏجي. پير علي محمد شاه راشدئ تي ڪم سونپيو ويو ته ان لاء قلمي جهاد شروع ڪري. 5.2.1942: مسلم ليگ جي بنگلديري شاخ طرفان ساليانو ميڙ ٿيو, جنهن ۾ 126 ماڻھن شرڪت ڪئي. حڪيم عبيدالله مسلم ليگ جي اهميت ۽ ضرورت تي ڳالهايو. هن گڏجاڻئ ۾ مولوي غلام يحيا کي بنگلديري مسلم ليگ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. 5.2.1969: صدر ايوب پنهنجئ حڪومت خلاف ٻريل باه کي وسائڻ لاء نوابزادي نصرالله کي خط لکي اختيار ڏنو ته هو اهڙا سياستدان گڏ ڪري, جن سان گڏجاڻي ڪجي ۽ سياسي صورتحال کي سڌارجي. 5.2.1972: بنگلاديش ۾ بهارن مطالبو شروع ڪيو ته کين پاڪستان موڪليو وڃي. 5.2.1977: اين.اي.ڊي ڪاليج کي اپ گريڊ ڪري يونيورسٽي بڻايو ويو. 5.2.1995: ڪراچئ ۾ مسجد اڳيان لڳايل اسٽال وٽ بم ڌماڪو ٿيو. مسجد ۽ ان کان ٻاهر وارا 20 ماڻھون اڦٽ مري ويا. *************** ڏينهن 5 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 5 فيبروري 1902ع مذهبي اسڪالر مولانا احمد چارڻ جو جنم ڏينهن آهي. 5 فيبروري 1936ع شاعر علي بخش سومرو (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 5 فيبروري 1937ع ليکڪ ۽ اديب بيدار مورائي جو جنم ڏينهن آهي. 5 فيبروري 1948ع سائنسدان ڊاڪٽر يار محمد کهاوڙ (شهدادڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي. 5 فيبروري 1962ع شاعر امر ساهڙ جو جنم ڏينهن آهي. 5 فيبروري 1966ع شاعر سانوڻ سنڌي جو جنم ڏينهن آهي. 5 فيبروري 1968ع ليکڪ عبدالمبين شورو جو جنم ڏينهن آهي. 5 فيبروري 1976ع باليووڊ اداڪار اڀيشڪ بچن جو جنم ڏينهن آهي. 5 فيبروري 1977ع شاعر اياز امر شيخ(سجاول) جو جنم ڏينهن آهي. 5 فيبروري 1980ع ليکڪا خوشبو سنڌي جو جنم ڏينهن آهي. 5 فيبروري 1980ع شاعر امبر باسط جو جنم ڏينهن آهي. 5 فيبروري 1982ع ليکڪ حضور بخش مهراڻ ملڪ جو جنم ڏينهن آهي. 5 فيبروري 1984ع ليکڪ نند لال مينگهواڙ جو جنم ڏينهن آهي. 5 فيبروري 1986ع ليکڪ جعفر شاهاڻي جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 5 فيبروري 1953ع موسيقار ۽ قومي تراني جي ڌن ٺاهيندڙاحمد ڇاڳلا جو لاڏاڻو ٿيو. 5 فيبروري 1968ع شاعر قاضي گل محمد جو انتقال ٿيو. 5 فيبروري 2001ع برک تعليمي ماهر، قانوندان ۽ ليکڪ پروفيسر بشير احمد قريشي جو انتقال ٿيو. 5 فيبروري 2016ع ناميارو شاعر بشير سيتائي لاڏاڻو ڪري ويو. Dr.Pathan wishes you Good Day. [Me with Good Wishes full of love & respect and Sun with Light, are duty bound to knock your door daily, regularly with punctuality. Though, most of friends never look at me and sun and we are not responded accordingly. Perhaps, it is difficult to face Sun and me. But, it is not our problem. People, those hate me from the core of their heart, have to admit that they also get enough love & respect, wishes & regards continuously. Because, I have to abide by Human-values and have to promote Human love and respect. I recognize only beauty and wish peace and progress to every friend and foe] آئون ۽ سج سلامي پرين تو سان پيار جو کڻون پير, عجب جهڙي ڳالهڙي مون ۽ سج کي ڏسي نہ ڪیر، نفرت بدلي محبت ڏیان دل ۾ تون, پر رکان نہ غیر، ملي نہ ملي موٽ محبت جي اگر ان جو آھي خیر، آئون اڌ پاء پتل جو پرین تون سون جو سوا سیر، تون من مان ڪڍي مير , قبولج سر هئ سلام سان.‏‎ ‎ SINDH IN HISTORY TODAY (5th February) 5th February BIRTH DATES Moulana Ahmad Charan (Nihal Charan/Religious Scholar & Freedom Fighter/1902), Ali Bux Soomro (Shikarpur/Writer/1946), Gobindram Abichandani (Naushero Feroz > Ajmir/Social worker/1941), Dr. Muhammad Yar Khuhawar (Shahdadkot/Scientist/1948), Sawan Sindhi (Tando Ghulam Ali/Poet/1966), Abdul Mubin Shoro(Chhato Madarani/Writer/1968), Ayaz Amar (Sujawal/Writer/1977), Musafir Halepoto (Phakara/Poet/1978), Khushboo Sindhi (Bajara/Writer/1980), Abdul Basit ‘Anbar’ (Shikarpur/Poet/1980), Hazoor Bux Mahran Malik (Muhammad Salih/Poet/1982), Nandlal Menghwar (Misri Shah/Writer/1984), Jaffar Shahani (Writer/1986), Azad Ansari (Khairpur/Poet/1986), Amar Sahir (Nau Kot/Poet/1988). Ahmad Shakir (Mehar/Poet/1997). DEATH DATES Ahmad Chagla (Karachi/Composer of Music for National Anthem of Pakistan/1953), Qazi Gul Muhammad (Mari/Poet/1968) EVENTS 1843: Major Outram writes to Charles Napeir from Off Naushera Feroz that Perhaps Mir Rustam Khan’s party have gone to seek refuge with, and assistance from Mir Sher Muhammad of Mirpur; and it is likely they will assemble number of Balochis , and that the Mirpur men may join him, also some of the Hyderabad Mirs might do so; also, if you march down in that direction, we may look out for disturbance, and possibly you may meet the opposition; but if they do go to extremities, rather than submit to our terms, their mode of w3arfare would be, I should suppose, laying waste the country, looting our camels, and cutting off your foragers. 1947: The Central Assembly of India, by 61 to 16 votes, rejected the Muslim League adjourned motion on the punitive fines and barbarous and mediaeval practice of taking hostages, imposed on the Nanidhar tribe. 1979: Begum Nusrat Bhutto is detained at her residence. PPP workers are arrested at large scale. All this indicate that stage is being set to hang Z.A.Bhutto very soon. 1914: Kachhi Memon Debating Society of Karachi demands Books by Himayat-ul-Islam of Lahore, and translated by Mirza Kalich Beg be included in the scheme of education, in Sindh, for Muslim students. 1920: Eighty-six Pirs and Religious scholars of Sindh meet at Hyderabad. The meeting condemned the Government for its high handedness and misuse of powers to curb Khilafat workers and movement. Withdrawal of cases against workers is also demanded. It is decided to hold Khilafat Conference in Larkano, in February. 1933: The meeting of the Working Committee of the Sindh Azad Conference is held. It is decided that Pir Ali Muhammad Shah Rashdi will be responsible for collecting and writing Briefing Material and other literature for creating awareness and getting support in the case for separation of Sindh from Bombay Presidency. 1942: One hundred and twenty-six join Muslim League in Banguldero. The public meeting is addressed by Hakim Obedullah. The function is followed by the meeting of the branch, in which Moulvi Ghulam Yahya is elected as the Secretary of the branch1969: President Ayub writes to Nawabzada Nasrullah requesting him to invite politicians on his behalf and he will be available to start talks. ***************

No comments:

Post a Comment