Wednesday 14 February 2024

SINDH in history today (15th February). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

EVENTS FROM SINDH HISTORY (15th February) By: Dr. Dur Muhammad Pathan “واقعاتي تاريخ", سلائيڊن/تصورن ذريعي تاريخ" ۽ ”وڊيو ٽاڪ" مون کي روز ٽي موقعا فراهم ڪن ٿا ته مان ماروئڙن سان اهي ڳالهيون ڪيان, جن مان ثابت ٿئي ته ٻين ته سنڌ ۽ سنڌين سان دشمني ڪئي, پر سنڌ سان قهر ڪرڻ ۾ اسان به ڪونه گهٽايو آھي. جيڪي ماڻھون سنڌ جون ڳالهيون ڪري ٿڪبا ئي نه هئا, تن کي موقعو مليو ته ملڪ ڇڏي وڃي ڏيساور ۾ آباد ٿيا. سياسي طور پاڻ کي زنده رکڻ لاء ڪو سيمينار ڪندا يا ورسي/سالگره ملهائيندا ۽ نچي ٽپي چوندا ته ثقافت کي پيا زنده رکون. اتي آباد سنڌين کان چوڻ باوجود ڪونه پڳو ته "سنڌ ساهتا بين الاقوامي فند" قائم ڪن, اسڪالرشپون قائم ڪري نوجوانن کي گهرائي تعليم ڏيارن ۽ سنڌ بابت اتي ڪتبخانن ۾ موجود مواد ڪڍي پنهنجي ويب سائيٽ تي رکن. پرڏيهي سنڌين مان ڪيترن جا اهي پرڪار, ڏيھ ۾ رهندڙ پاڻ کي نظرياتي ڏاها سڏائيندڙ وري پنهنجي پنهنجي آدرش جي چڳ وڍيل چيلن ۽ غلامن ٺاهڻ ۾ مصروف. الله پاڪ پنهنجي پيغمبرن لاء فرمائي ته اهي پيغمبر اوهان جهڙا ماڻھون آھن, پر نام نھاد سياسي ڏاها چون ته اسان جو آدرش بيمثال ۽ مافوق الفطرت انسان آھي. مطلب ته اهي نه پنهنجي آدرش کي ماڻھو ٿيڻ/ڏسڻ گهرن ٿا ۽ نه اسان کي ماڻھون سمجهن ٿا. مطلب ته اسان سنڌ ۾ ماڻھپي وارو ماحول ڏسڻ ۽ پيدا ڪرڻ نه ٿا گهرون. اسان جي انھئ نفسيات جون پاڙون جنهن پاتال ۾ کتل آھن, ان کي تلاش ڪرڻ لاء اسان کي تاريخ جو مطالعو ڪرڻو پوندو. 15 فيبرورئ جي حوالي سان ”واقعاتي تاريخ“ جو ورق اوهان لاء حاضر آھي: ** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار چارلس نيپيئر هالا پهچڻ بعد ميجر آئوٽرام کي خط لکيو ته آئون حيدرآباد طرف اچي رهيو آهيان، حيدرآباد جي حڪمرانن سان ٺاهه نه ڪيو ويندو، انهن تي حملو ڪنداسين، ڇاڪاڻ ته هاڻي وقت گذري چڪو آهي. ** 1910ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ تاريخي سنڌ مدرسي ۾ حسن علي آفندي هائوس جي تعمير جو ڪم مڪمل ڪيو ويو، اهو ڪم 1909ع ۾ عيسيٰ خان نالي ڪانٽريڪٽر شروع ڪيو هو جيڪو هڪ سال اندر مڪمل ڪيو ويو. ** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ممبئي ۾ آل انڊيا خلافت ڪانفرنس شروع ٿي، جنهن جي صدارت رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ڪئي، جڏهن ته ڪانفرنس ۾ محمد علي جناح، سيٺ حاجي عبدالله هارون، پير رشدالله شاهه، حسرت موهاني، مولانا ظفر علي خان، مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ مولانا عبدالباري فرنگي شرڪت ڪئي. ** 1931ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ آزاد پارٽي طرفان شڪارپور، ٺل ۽ ڳوٺ مولوي عبدالله لغاري ۾ وڌيڪ برانچون قائم ڪيون ويون، شڪارپور ۾ حاجي مولا بخش کي صدر بڻايو ويو، جڏهن ته عبدالرحمان سرڪي ۽ مولوي عبدالڪريم صدر ۽ خزانچي چونڊجي ويا، ڳوٺ مولوي عبدالله ۾ مولوي محمد حسن کي صدر بڻايو ويو. ** 1934ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آل انڊيا مسلم ڪانفرنس جي گڏجاڻي ۾ هز هائينس آغا خان نواب سر محمد احمد سعيد خان کي چيئرمين ۽ سيٺ حاجي عبدالله هارون کي پارٽي جو سيڪريٽري نامزد ڪيو. ** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪا جو اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا بابت نائب پرڏيهي وزير ٽالبوٽ ڪشمير جي تڪرار کي هڪ جذباتي اشو قرار ڏنو، جنهن جي پاڪستان مذمت ڪئي. ** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو، ولي خان، مير رسول بخش ٽالپر، اجمل خٽڪ ۽ شيخ اياز کي آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته لاهور ۾ مخالف ڌر جي ٿيل اجلاس ۾ ايوب خان جي ڳالهين واري آڇ تي غور ڪيو ويو. ** 1979ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سپريم ڪورٽ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي واري سزا تي عمل روڪيندي 24 فيبروري کان اپيل ٻڌڻ جو فيصلو ڪيو. 15 فيبرورئ تي جنم وٺندڙ ناميارين شخصيتن کي گل حيات طرفان مبارڪون 15فيبروري 1887ع شاعر ڀاون علي شاهه “ساقي” 15 فيبروري 1919ع ليکڪ ۽ تعليمدان عبدالرحيم ڏيٿو 15 فيبروري 1919ع بزنيس مين منگهارام ونجاڻي (درٻيلو / اجمير) 15 فيبروري 1923ع ليکڪ عبدالله گنڌرو 15 فيبروري 1925ع صحافي شيخ علي محمد جو جنم 15 فيبروري 1930ع شاعر ۽ گلوڪار آزاد صوفي (خيرپور / اجمير) 15 فيبروري 1932ع اداڪار رام لهيجا (ڪراچي / بمبئي) 15 فيبروري 1933ع شاعر غلام قادر ”سوز“ سومرو 15 فيبروري 1935ع تعليمي ماهر ڊاڪٽرمير نور محمد ٽالپر 15 فيبروري 1935ع شاعر ۽ صحافي ڪرشن لال پرديپ (ڳڙهي ياسين / الهاس نگر) 15 فيبروري 1938ع محقق، تاريخدان ۽ آرڪيالاجسٽ سيد حاڪم علي شاهه بخاري 15 فيبروري 1941ع مٽياري سان تعلق رکندڙ سياستدان سيد ذاولفقار علي شاهه ڄاموٽ 15 فيبروري 1948ع دادو سان واسطو رکندڙ ليکڪ سنڌو ميراڻي 15 فيبروري 1951ع صحافي فتح چند ڪالرا (جيڪب آباد) 15 فيبروري 1955ع ليکڪ مشتاق پهنور 15 فيبروري 1960ع شاعر پرڪاش سيوڪ آهوجا (الهاس نگر / پونا) 15 فيبروري 1964ع ليکڪ صدف حسيني (دادو) 15 فيبروري 1965ع ميهڙ سان تعلق رکندڙ ليکڪ اظهر هيسباڻي 15 فيبروري 1966ع ليکڪ ذوالفقار باڊاهي 15 فيبروري 1972ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ بهادر صحافي شهيد اميربخش بروهي 15 فيبروري 1973ع شاعر اياز لاکير 15 فيبروري 1974ع شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ محقق احسان دانش. 15فيبرورئ تي وفات ڪندڙ ناميارين شخصيتن کي گل حيات انسٽيٽيوٽ سڪ سان ساري ٿو. فيبروري 1869ع اردو جي ناليواري شاعر مرزا اسد الله غالب 15 فيبروري 1881ع آخوند اميد علي ٿانوي 15 فيبروري 1928ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ فريڊم فائيٽر هيرانند آڏواڻي 15 فيبروري 1935ع ٽکڙ سان تعلق رکندڙ فريڊم فائيٽر سيد حاجي حاڪم شاهه 15 فيبروري 1967ع تعليمي ماهر رحيم بخش 15 فيبروري 1979ع مذهبي اسڪالر مولوي عبدالهادي چانڊيو. SINDH IN HISTORY TODAY (15th February) 15th February BIRTH DATES Bhawan Ali Shah ‘Saqi’ (Poet/1887), Abdul Rahim Thebo (Educationist & Writer/1919), Shaikh Ali Muhammad (Journalist/1925), Azad Soofi (Poet/1930), Bhagwandas Doultani ;Hosh’ (Mirpur Mathelo/Poet/1931), Ram Laheja (Writer/1933), Ghulam Qadir ;Souz’(Poet/1933), Dr. Mir Noor Muhammad Talpur (Scientist/1935), Kirshan Deep (Poet/1935), Hakim Ali Shah Bukhari (Archeologist/1938), Ahmad Hussain ‘Ahmad’ (Poet/1948), Sindhu Mirani (Writer/1952), Muhammad Sidiq Sario (Folklore Poet/1952), Mushtaq Panhwar (Writer/1955), Ghulam Mustafa alies Naeem Malik (Faiz Muhammad Malik/Journalist/1964), Azhar Hisbani (Mehar/Poet & Artist/1965), Koural ‘Qurbdar’ (Faiz Bijrani/Poet/1971), Ahsan ‘Danish’ (Larkano/Poet & Scholar/1974), Faqir Niaz Samijo (Manbai Jo Tar/Journalist/1981). DEATH DATES Hasanand Masnad (saint/1930), Nangar Soomro (Poet/1948), Rahim Bux Shaikh (Educationist/1967), Syed Abdul Hakim (Tando Muhammad Khan/1935), Moulana Abdul Hai Chandio (Religious Scholar/1979), Makhdoom Ali Ahmad Derbelai alies Pir Photal(1993). EVENTS 1843: Charles Napier writes to Major Outram from Hala that ‘I reached this ground yesterday. Do not pledge yourself to anything whatever. I am in full march to Hyderabad, and will make no peace with Amirs. I will attack them instantly, whenever I come up to their troops. They need send no proposals. The has passed, and I will not receive their messages.’ 1910: The construction work of the Hassan Ali House in Sindh Madressah is completed by the contractor Essa Khan. The work was started in 1909. 1920: Thre-day All-India Khilafat Conference starts at Mombai. It is presided over by Rais Ghulam Muhammad Bhurgri and is attended by Moulana Abdul Bari of Firangi, Moulana Abu-ul-Kalam Azad, Moulana Zafar Ali Khan, Dr.Saifuddin, Hasrat Mohani and Muhammad Ali Jinnah. 1931: Branches of Sindh Azad Party are opened at Shikarpur, Thul and Village Moulvi Abdullah Leghari. I Shikarpur Haji Moula Bux (President), Moulvi Fazlullah (Vice President), Moulvi Abdul Karim Chishti (Secretary), Khair Muhammad Faqir (Treasurer) are elected as office bearers. In Thul Abdul Rahman Sarki and Moulvi Abdul Karim are elected as President and Treasurer respectively. In Village Moulvi Abdullah, Moulvi Muhammad Hassan (President), Suleman Khan (Secretary) and Ghazi Khan (Treasurer) are elected as office bearers. 1934: In the meeting of the All-India Muslim Conference, His Highness he Agha Khan gives his nominates Nawab Sir Muhammad Ahmad Saeed Khan of Chatri as Chairman and Seth Haji Abdullah as Secretary of the Party. 1965: US Assistant Secretary of state for Near East & South Asia, Talbot describes Kashmir dispute as an ‘emotional issue’. 1969: Z.A.Bhutto, Wali Khan, Rasool Bux Talpur, Ajmal Khatak & Shaikh Ayaz are released. 1979: Supreme court stays Z.A.Bhutto’s execution to hear review plea from February 24.

No comments:

Post a Comment