Friday 2 February 2024

SINDH in history today (3rd February). Author. Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (3rd February). Research By. Dr.Pathan SINDH (including Pakistan) HISTORY TODAY [3rd February] and my Good Wish. *************** ********* 2. سپوتن جي سوچڻ ۽ لوچڻ لاء تاريخ جا توجھ طلب واقعا. *************** 3.2.1832: مير مراد علئ نه ٿي چاهيو ته پاٽينجر ڪو خيرپوري ميرن سان ملڻ لاء خيرپور وڃي ۽ انھن سان الڳ معاهدو ڪري, پر پاٽينجر جي بار بار گذارشن آڏو جهڪي پيو ۽ کيس خيرپور وڃڻ جي اجازت ڏني. 3.2.1839: فرنگين منوڙي تي قبضو ڪيو ۽ اسان جي حڪمرانن جي نمائندن منوڙو فرنگين حوالي ڪرڻ واري دستاويز تي دستخط ڪيا. نائونمل هوتچند جي ڀاء فرنگي عملدارن کي ڪراچي گهمائي ته جيئن هو پنهنجي ڇانوڻي قائم ڪرڻ لاء ڪا مناسب جاء/هنڌ ڳولهن.[ياد رهي ته ان وقت نائونمل پاڻ پاٽينجر سان گڏ جهرڪن ۾ هو ۽ سندس ٻيو ڀاء سکرامداس شڪارپور ۾ فرنگين لاء اٺ, اناج ۽ گاه خريد ڪرڻ ۾ مصروف هو] 3.2.1923: تعلقي ڪڪڙ جي گوٺ ماڏو ۾ خلافت جو جلسو ٿيو. وڏي ڳالھ اها هئي ته عورتن جي وڏي تعداد هن جلسي ۾ شرڪت ڪئي. جلسي کي مولوي غلام رسول خطاب ڪيو. آخر ۾ ٺھرائن ذريعي فيصلا ڪيا ويا ته: 1). بديسي ڪپڙو استعمال نه ڪبو, 2). بي نمازئ سان سوشل بائڪاٽ ڪبو,3).هر ڪو گهر سال ۾ ٻارهن آنا "نماز فند" ڏيندو. 3.2.1923: ڪراچئ جي ڊي.جي ڪاليج ۾ مباحثو منعقد ڪيو ويو ته "عورتون سياست ۾ حصو وٺن يا نه وٺن“. انگريز عورتن موقوف ڏنو ته عورتون سياست ۾ نه اچن. ڏيهي عورتن انھئ ڳالھ تي زور ڏنو ته عورتون هر حال ۾ سياست ڪن. ياد رهي ته هي اهو دور هو جو هندو توڙي مسلمان انگريزن خلاف تحريڪون هلائي رهيا هئا ۽ ڪن سرڪارپرست ماڻھن جي ڪوشش ھئي ته "عورت-اڌ ڪائنات" کي سياست کان پري رکجي. 3.2.1928: سنڌ ۽ هنڌ ۾ هنڌين ماڳين سمورين سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن "سائمن ڪميشن"خلاف جلوس ڪڍيا ۽ گڏجاڻيون ڪيون.[سنڌ ۾ جيڪو وهيو واپريو, اهو گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي] 3.2.1934: مولوي نور محمد نظاماڻي حيدرباد مان جيڪو هفتيوار "طيرا ابابيل" رسالو ڪڍندو هو, سو اڄ بند ٿي ويو. 3.3.1964: هئ هڪ تاريخي سچائي آھي ته ذوالفقار علي ڀٽو اهو واحد پاڪستاني سياستدان ۽ حڪمران ٿي گذريو آھي, جنھن ڀير تي ڏونڪو هڻي ڪشمير جي وڪالت ۽ ڳالھ ڪئي. اڄ ھن اقوام متحده جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ ڪشمير جو ڪيس پيش ڪيو. 3.2.1960: نالي واري ليکڪ ۽ شاعر محمد علي پٺاڻ جو حبيب الله جي گهر ۾ جنم ٿيو. ٽيليفون آپريٽري,ڪلارڪي ۽ ليب اسسٽنٽ جي نوڪرين ڪرڻ کان پوء 1990 ۾ ليڪچرار ٿيو ۽ اڄ ڪله پروفيسر آھي. ڪالمنگاري, ڊراما نگاري, افسانه نگاري ۽ شاعري ڪري ٿو. سندس ڪيترا ڪتاب ڇپجي چڪا آھن. ھن جون لکڻيون اردو ۽ انگريزئ ۾ ترجمو به ٿيون آھن. 3.2.1973: پاڪستان جي قومي اسيمبلئ ۾ مخالف ڌر وارن ڳالھ اٿاري ته سابق صدر جنرل يحيا خان تي ڪيس هلائجي. اسپيڪر ان جي خلاف رولنگ ڏني ۽ مخالف ڌر وارن ڪاوڙجي واڪ آئوٽ ڪيو. 3.2.1992: پيپلز پارٽئ جي نامور سياستدان ۽ سنڌ جي ساڀق وڏي وزير قائم علي شاه مطالبو ڪيو ته سنڌ سان گورنر راڄ لاڳو ڪيو ۽ ڄام صادق علي کي وڏ وزارت تان لاهي مٿس غدارئ جو ڪيس هلايو. *************** ڏينهن 3فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 3 فيبروري 1930ع شاعر محمد حسين ڪاشف (ٽنڊو الهيار) جو جنم ڏينهن آهي. 3 فيبروري 1931ع ليکڪ هيمراج ناگواڻي (نوشهرو فيروز / نئين دهلي) جو جنم ڏينهن آهي. 3 فيبروري 1935ع سماجي ورڪر بگوان بلواڻي (ميرپور خاص / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 3 فيبروري 1935ع ليکڪ ٽيڪم آفتاب (محبت ديرو) جو جنم ڏينهن آهي. 3 فيبروري 1947ع اسٽيج ڊائريڪٽر هرگوبند منسکاڻي (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 3 فيبروري 1948ع راڳي تلسي رچنداڻي (ڪراچي / احمدآباد) جو جنم ڏينهن آهي. 3 فيبروري 1949ع شاعر شهزادو شيخ (کاهي) جو جنم ڏينهن آهي. 3 فيبروري 1951ع ليکڪ شنڪر مولواڻي جو جنم ڏينهن آهي. 3 فيبروري 1960ع ليکڪ عثمان عباسي جو جنم ڏينهن آهي. 3 فيبروري 1962ع شاعر ۽ ڪهاڻيڪارمحمد علي پٺاڻ(لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 3 فيبروري 1962ع ليکڪ ۽ دانشور انعام شيخ(لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 3 فيبروري 1965ع سگهڙ بهار علي بهار(لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 3 فيبروري 971ع شاعر اشرف امر لاشاري (جوهي) جو جنم ڏينهن آهي. 3 فيبروري 1976ع سنڌ سلامت جي باني ۽ ڪمپيوٽر ماهر رشيد سمون جو جنم ڏينهن آهي. 3 فيبروري 1978ع ليکڪ سائين بخش خاصخيلي جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 3 فيبروري 1896ع لاڙڪاڻي جي بزرگ شخصيت ۽ صوفي شاعر موهن فقير جو لاڏاڻو ٿيو. 3 فيبروري 1921ع مذهبي اسڪالر مخدوم حسن الله (پاٽ شريف) جو انتقال ٿيو. 3 فيبروري 1979ع شاعر احمد بخش احمد سومرو جو انتقال ٿيو. 3 فيبروري 2010ع شاعر ايم ڪمل (مولچند منگهارام بندراڻي)جو انتقال ٿيو. 3 فيبروري 2011ع اداڪار خيام سرحدي دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو. Dr.Pathan wishes you Good Day. [I know that I am created for any noble cause. But, without you and your vision & wisdom and love & beauty, that cause has become crime now. Therefore, It is dark situation and conditions here. Dear! Come on and teach me, how to love & respect others and self. Come on save me from mistakes and made me beauty] سندم ساھ پساھ ثواب، پر تو بن جیئن عذاب، تو لاء ئي ڇیرون پائي، وڄايان رات رباب، آء پڙھائج برہ جو باب، تون موڳي من کي. SINDH IN HISTORY TODAY (3rd February) 3rd February BIRTH DATES 1. Muhammad Hussain 'Kashif' (Tando Allahyar/Poet/1930), 2. Hemraj Nagwani (Naushero Feroz – New Delhi/Writer/1931), 3. Bagwan Balwani (Mirpurkhas - Ajmir/Social Worker/1935), 4. Tikam Aftab (Muhabat Dero/Writer/1935), 5. Hargoband Manskhani (Karachi- Mumbai/Stage Director/1947), 6. Tulsi Rachndani (Karachi - Ahmadabad/Singer/1948), 7. 'Shahzado' Shaikh (Khai/Poet/1949), 8. Sankar Molvani (Writer/1951), 9. Usman Abbasi (Chanhiani/Writer/1960), 10. Muhammad Ali Pathan (larkano/Poet/1962), 11. Inam Shaikh (Larkano/Writer/1962), 12. Ashraf Amar Lashari (Johi/Poet/1971), 13. Saeen Bux Khaskhili (Padhrio Form/Writer/1978) EVENTS 1832: British Political Agent, Colonel Pottenger proceeds to Khairpur after getting permission for his visit. He has to discuss and finalize treaty of friendship with Khairpur Govt. 1839: Consequent upon the capture of Manora by British, agreement is signed and the city of Karachi is handed over to British troops. Seth Naumal's elder brother helps invaders in selecting spot for encampment of troops and plain between town and the Ram (now Aram) Bagh is selected for that purpose. 1928: It is the eve of arrival of Simon Commission in India, and Sindh is observing hartal today. 1964: Foreign Minister, Z. A. Bhutto presents Pakistan's case regarding Kashmir dispute in the Security Council of the UNO. 1967: Pakistan lodges a strong protest with Indian Govt. on shooting down of an unarmed civilian aircraft of Pakistan. 1971: Shaikh Mujeeb deplores blowing up of hijacked Indian Plane by Kashmiri hijackers in Lahore. Whereas, Z. A. Bhutto supports and wants to assist those Kashmiris. 1973: Opposition walks out over the Speaker's Ruling against former President Yahya Khan's trial. 1992: Qaim Ali Shah, ex - Chief Minister of Sindh, demands Governor Rule for Sindh and trial of Jam Sadiq for sedition.

No comments:

Post a Comment