Friday 23 February 2024

SINDH in history today (24th February). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (24th February) & Good Day Wish by Dr.Pathan. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {24th February} & My Good Day Wish for YOU. ************* ***** 24 فيبرورئ جي حوالي سان ڪي اهم واقعا ************* ** 1916ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ هڪ اين جي او طرفان منعقد ڪرايل ليڪچر پروگرام ۾ ايڊووڪيٽ کيمچند گوپلداس ”ليڊر گهرجي“ جي عنوان تي تفصيلي ليڪچر ڏنو، واضح رهي ته اهو دور سنڌ ۾ سياسي سجاڳي جو دور هو، ماڻهن پنهنجي قيادت ڳولڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون هيون. ** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سکر مان هفتيوار اخبار ”سنڌ زميندار“ جي شروعات ٿي، اها اخبار ڪڍڻ جو مقصد خلافت تحريڪ جي سياسي اثر کي نقصان پهچائڻ هو، روزاني ”الوحيد“ ۾ خلافت تحريڪ جي حوالي سان مواد ڇپجي رهيو هو، جنهن کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ اها اخبار آندي وئي، آخري ڏينهن ۾ سنڌ زميندار مسلم ليگ جي حمايت ڪئي، هفتيوار سنڌ زميندار جا باني ايڊيٽر ماسٽر عبدالوهاب ۽ احمد عليگ هئا، جڏهن ته آغا نظر علي، مولوي عبدالغفور سيتائي، در محمد اويسي ۽ حافظ خير محمد اوحدي هن اخبار جا ايڊيٽر رهيا. ** 1923ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جوهي تعلقي جي ڳوٺ ڊرگهه بالا ۾ خلافت ڪاميٽي جي مقامي شاخ جي گڏجاڻي ٿي، مولوي دين محمد ۽ ٻين ان موقعي تي خطاب ڪندي عوام کي صلاح ڏني ته سياست ۾ ڀرپور نموني حصو ورتو وڃي. ** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان، ترڪي ۽ ايران بغداد ٺاهه تي صحيحون ڪري ڇڏيون. ** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو ته ملڪ جي گادي جو نئون هنڌ اسلام آباد هوندو، واضح رهي ته ان کان اڳ ۾ ڪراچي کي ملڪ جو گادي جو هنڌ بڻايو ويو هو. ** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عوامي ليگ جي سربراهه شيخ مجيب الرحمان پنهنجي پيش ڪيل ڇهن نقطن تي نظرثاني کان انڪار ڪري ڇڏيو. ** 1979ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عدالت ذوالفقار علي ڀٽو جي اپيل جي ٻڌڻي شروع ڪئي، يحيٰ بختيار عدالت کي اها استدعا ڪئي ته ذوالفقار علي ڀٽو خلاف نواب محمد احمد قصوري ڪيس ۾ آيل فيصلو تڪراري آهي، ان ڪري سزا ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي. ** 1981ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانوي شهزادي چارلس ۽ ليڊي ڊائنا جي شادي جو باضابطا اعلان ڪيو ويو، بڪنگهم پئلس ٻنهي جي مڱڻي ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، واضح رهي ته بعد ۾ 29 جولاءِ تي ٻنهي جي شادي ٿي ۽ برطانيا ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو. ** 1986ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ضياءُالحق آرمي چيف جو عهدو ڇڏڻ ۽ ملڪ ۾ وچ مدي واريون چونڊون ڪرائڻ وارو سياسي پارٽين جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو. ************* ڏينهن 24 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون ************* جنم ڏينهن: 24 فيبروري 1304ع مشهور مسلمان سياح ابنِ بطوطهجي مراڪش ۾ پيدائش ٿي. 24 فيبروري 1940ع ليکڪ مظهر قريشي جو جنم ڏينهن آهي. 24 فيبروري 1971ع ليکڪ فيروز اختر جو جنم ڏينهن آهي. 24 فيبروري 1976ع ليکڪ فيروز ڪلهوڙي جو جنم ڏينهن آهي. 24 فيبروري 1981ع ڪرڪيٽر محمد سميع جو جنم ڏينهن آهي. 24 فيبروري 1985ع شاعر ناشاد احسان ملاح (نندو) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 24 فيبروري 1943ع شاعر نواب غلام حيدر لغاري جي وفات ٿي. 24 فيبروري 2005ع تعليمي ماهر ڊاڪٽر محمد صالح گوپانگ جو انتقال ٿيو. 24 فيبروري 2018ع باليووڊ جي مشهور اداڪاره سري ديوي جي وفات ٿي Dr.Pathan wishes you Good Day. [ Do not cry before everybody. Change the narration so as dear can listen you. Keep your sorrows and problems away from everybody, tell your dear with tears in your eyes. Do not bow before everybody, but surrender before beauty and beloved unconditionally. Understand that love requires life and life needs love] دنیا اڳیان تہ اجايو نہ ايئن ليلائجي، ٻھگڻ کي پيو روئي ٻڌائجي، گھرندي هن پرین کان نہ گھٻرائجي، سیس سونھن ۽ سچ اڳیان نمائجي،‏ پرچاء لاء پاند ڳچئ ۾ کڻي پائجي،‏ لائجي تہ نڀائجي، ساجن سلام سان. *************SINDH IN HISTORY TODAY (24th FEBRUARY) 24th February BIRTH DATES 1. Moulvi Abdul Hai Marfani Chandio (Drigh Soomar Khan Chandio/Founder of Shah Latif College of Kambar and father of Jami Chandio/ birth 24th February 1927), 2. Mazhar Qureshi (Jonani/writer/ birth 24th February 1940), 3. Feroz Akhtar (Baharpur/Poet/ birth 24th February 1971), 4. Feroz Kalhoro/Sardar Shah/Writer/ birth 24th February 1976). 24th February DEATH DATES 1. Nawab Ghulam Hyder Laghari (Tando Tajpur/Poet/ death 24th February 1943) EVENT 24th February 1916: The process of political awakening has started in Sindh and people have started making their concepts about the ‘Leadership’. Today Advocate Khemchand Gopaldas delivers lecture on the topic of the ‘Wanted a leader’. It is organized by the NGO of Karachi. 1922: The Weekly ‘Sindh Zamindar’ is founded in Sukkur. The motive behind starting of this paper is to damage the political cause of the Khilafat Movement, block the way of Daily Al-Waheed to propagate political awakening and make the masses to believe and observe loyalty of the British. In its last days, Sindh Zamindar helped the Muslim League in propagating its cause for Pakistan. Its founder editor was Master Abdul Wahab and Ahmad Ali Aleg, Pir Ali Muhammad Shah Rashdi, pir Husammudin Shah Rashdi;Agha Nazar Ali; Moulvi abdul Ghafoor Sitai; Dur Muhammad Awesi and Hafiz Khair Muhammad Odhi remained its editors. 1923: A public meeting is held at village Drigh Bala of Taluka Johi by the local branch of Khilafat Committee. Moulvi Din Muhammad and others speak on the occasion and advise people to take part in politics religiously. 1945: The Ministry/Government of Sir Ghulam Hussain Hidayatullah is defeated in the session of the Sindh Legislative Assembly. The move is made by G.M.Syed. 1946: The Convention of the Sindh Coalition Party is held at Sunn. 1954: ‘The Baghdad Pact’ is signed by Pakistan, Turkey and Iran. 1960: The Federal cabinet decides to name new capital of Pakistan as “Islamabad’. 1971: Shaikh Mujeeb rules out question of adjustment on 6-points, however assures fair and at par treatment for West Pakistan. 1979: The court starts hearing of the review petition. Yahya Bakhtyar pleads the reduction of sentence for Z.A.Bhutto in Muhammad Ahmad case on the basis of split decision. 1986: Zia rejects opposition demand for mid-term polls and vacating COAS post.

No comments:

Post a Comment