Wednesday 28 February 2024

SINDH in history (29th February). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (29th February) & GOOD DAY WISH by Dr.Pathan. 1. GOOD DAY WISH: Dr.Pathan wishes you Good Day. [Dear! You are every thing for me: brave & bold, beauty & love and even cause & aim of my life. I am nothing, but zero. Accept me as suffix prefix' in your number, it will raise and increase value and importance of human values. Be my Number, because, you are only my number and number One] آئون ٻڙي تون ٻڙو ٻاجھ جو، تون ئي آھین ڇانو ڇپر، تنھجئ طلب ۽ تانگھ سواء، ڪو پنھنجو ناھي ثمر، تون آھین برہ جو بر بحر، طاقتور اثر سرت سلام جو. 2. History: It is leap year, hence, today is 29th February. There is no any outstanding Event in history of Sindh, that can be shared with lovers of history. However, some very important Events took place in the history of Pakistan, those affected the state of affairs in Sindh also: 29.2.1956: Pakistan was created in 1947. But, Constitution-Making process was delayed because of Tug of War for Power amongst Trio of Politicians, Bureaucrats and Establishment. Today The Constituent Assembly approves the first Constitution of the Islamic Republic of Pakistan which is based on the Objective Resolution of 1949. 29.2.1972: Situation after disintegration of Pakistan provided Z.A.Bhutto with chance to take over power and emerge as Civilian Chief Martial Law Administrator of Pakistan. But, he was accepted by Opposition Parties accordingly. He faced so many challenges. It is first time in history that policemen in Lahore opted for strike. Today strike is called off. 29.2.1976: General Tikka Khan retires as Chief of the Army Staff. General Zia will take over the charge tomorrow. 29.2.2000: * NAB files first reference against deposed Prime Minister of Pakistan, Nawaz Sharif, for concealing his ownership of helicopter worth $ 2.05 million from the Income Tax Department. * Foreign Office of Pakistan express concern over US State Department´s report on Human Rights situation in Pakistan. ”29 فيبرورئ جي واقعاتي تاريخ“ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ. ***** 29 فيبروري به عجيب تاريخ آھي. سنڌ جي تاريخ ۾ ”واقعن“ جا تفصيل ۽ ولادتن خواه وفاتن جا انگ اکر به بنه گهٽ ملن ٿا. سڀاڻي ته وري ولادتن جا انگ اکر ايترا ملندا جو ان تي الڳ ڪتاب لکي سگهجي ٿو. اسان وٽ مارچ ۾ ماڻھن جي ڄمڻ جي تاريخن لکڻ ۾ استادن جو وڏو هٿ رهيو. جيڪو ٻار اسڪول ۾ داخل ٿيڻ آيو, سهولت سان هن جي ولادت جي تاريخ پهرين مارچ يا پهرين اپريل لکي ڇڏيائون ته جيئن ٻار جي داخلا ۽ عمر جي تقاضا پوري ٿئي. هونء به جن ماڻھن کي تاريخ پڙھڻ جو ئي شوق گهٽ ھجي, اهي وري ڪهڙي تاريخ لکندا يا مرتب ڪندا. 29 فيبروري, جيڪا تاريخ اچي ئي چوٿين چوٿين سال, ان جا ”واقعا“ تنهن ڪري گهٽ قلمبند ٿي سگهندا آھن. پاڪستان جي تاريخ ۾ به 29 فيبرورئ جي حوالي سان گهٽ واقعا قلمبند ٿيا آھن, پر جيڪي ٿيا آھن, اهي اسان جا وار اڀا ڪرڻ ۽ غور فڪر ڪرڻ لاء ڪافي آھن. انهن مان ٿورا هت ڏجن ٿا: 29.2.1956: پاڪستان کي ٺھئي ڏهن سالن کان به مٿي جو عرصو ٿيو, پر آئين سازئ کي ان ڪري اوليت ۽ اهميت نه ملي جو ملڪ ٺھڻ کان وٺي سياسي قيادت, ڪاموراشاهئ ۽ ايسٽيبلشمينٽ وچ ۾ اقتدار جي اصلي وارث ۽ مالڪ ٿيڻ جي نفسياتي جنگ جاري ٿي وئي. پهرين گورنر جنرل ۽ پهرين وزير اعظم جي وفات بعد جهڙوڪ سياستدان انهئ اقتدار جي جنگ کان ٻاهر ٿي ويا. پوء ڪامورن وڏا جاوا ڪيا. ايتري قدر جو ٻاهرين ملڪن مان سفير گهرائي کڻي کين ملڪ جو وزير اعظم بڻائي ڏيکاريائون, جيئن محمد علي بوگري جو ڀاڳ کليو. ايسٽبلشمينٽ به شروع ۾ ڪامورڪي کل پاتي ۽ پوء ايوبي مارشل لا کان بعد پنهنجي پيرن تي بيهي نڪري نکري نروار ٿي ۽ اهو سلسلو مشرف تائين سڄي ملڪ ڏٺو. سو ڳاله پئي ڪيم ته آئين سازي ۾ دير ان ڪري ٿي ته جيئن اقتدار جي جنگ ڪا صورت وٺي بيهي. اهو ڪم آئين هجڻ ڪري ناممڪن هئو. جڏهن هر ڪنهن پنهنجا پير پختا ڪيا ته ملڪ جي آئين ساز اسمبلئ الله الله ڪري 29 فيبرورئ 1956 تي اسلامڪ ريپلڪ آف پاڪستان جو آئين پاس ڪيو. 29.2.1972: پاڪستان ٻه ٽڪر ٿيو ته حالتن ذوالفقار علي ڀٽي جي ڀاڳن جا دروازا کوليا. هو ملڪ جو صدر ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ٿي ويو. چوندا آھن ته ”ڪانو مري ويا آھن, جو لولو حج تي هلندو“. سو ڀٽو جيڪو اڳ ۾ حالتن هٿان هيرو ٿيڻ لڳو, هن کي پنهنجن پراون ذيرو بنائڻ جا جتن شروع ڪيا. سندس لاڏلن ۽ پوليس جو لاهور ۾ جهيڙو ٿي پيو ۽ ان جي نتيجي ۾ پوليس لاهور ۾ ھڙتال ڪئي. حالتون هٿن مان نڪرڻ لڳيون ته فوج کي وچ ۾ آندو ويو ۽ اڄ 29 فيبرورئ 1972 تي پوليس هڙتال ختم ڪئي. پوليس جي هڙتال ڀٽي جي ڏينهن ۾ حيدرآباد ۾ به ٿي هئي. 29.2.1976: ڀٽو فوج جي مرضئ سان اقتدار ۾ آيو ۽ فوج ڏکين وقتن ۾ سندس مدد به ڪندي رهي. ڀٽي پنهنجي همدرد, مداح ۽ ذري گهٽ عاشق فوجئ جنرل ٽڪا خان کي آرمئ جو چيف آف اسٽاف مقرر ڪيو هو. جنرل ٽڪا خان جي اڄ 29 فيبرورئ 1976 تي نوڪري پوري ٿي. جهڙوڪ ڀٽي جي فوجي اثر رسوخ جي پڄاڻي ٿي. جنرل ٽڪا جي جاء تي ٻئي ڏينهن تي جنرل ضياء الحق اها چارج ورتي ۽ سال کان پوء ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو, بلڪ کيس ڦاهئ تي به چاڙھيو. 29.2.2000: اقتدار تان لاٿل وزير اعظم نواز شريف جا ڏکيا ڏينهن شروع ٿيا. اڄ نيب طرفان مٿس پهريون ڪيس مڙھيو ويو.

No comments:

Post a Comment