Tuesday 20 February 2024

SINDH in history today (21st January). Translator Mumtaz Ali & Author Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (21st February) & Good Day Wish By. Dr.Pathan. By: Dr. Dur Muhammad Pathan ** 1933ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انڊين ليجسليٽو اسيمبلي جي اجلاس ۾ لاڙڪاڻي مان چونڊيل ميمبر لالچند نول راءِ ريلوي بورڊ خلاف ميمبر مترا جي رٿ جي حمايت ڪئي. ** 1934ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سکر مان ساڌو ڪالاڻي جي ايڊيٽر شپ ۾ هفتيوار اخبار ”سنڌ واسي“ جي شروعات ٿي وئي. ** 1935ع ۾اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي گڏجاڻي نبي بخش خان ڀٽو جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ محمد صديق وڳڻ، قادر بخش تنيو، الهداد تنيو، پير بخش کهاوڙ، فقير محمد انڙ، عبدالهادي ٻگهيو، پرڀداس تولاڻي، احمد خان ڀٽو، فريدالدين جتوئي، حسن علي اسراڻ، علي گوهر لاهوري، گوگلداس ۽ عبدالحق ڀٽو شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سر شاهنواز ڀٽو جي لاڙڪاڻي آمد جي موقعي تي کيس آجياڻو ڏنو ويندو. ** 1940ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ليجسليٽو اسيمبلي جي ڪانگريس ميمبر موهن داس دولترام خانبهادر الهه بخش سومرو خلاف عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪئي. ** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايسٽ پاڪستان ۾ احتجاج دوران اٽڪل 36 شاگرد مارجي ويا، اهو احتجاج بنگالي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو نه ڏيڻ خلاف ڪيو ويو، ايسٽ پاڪستان اسيمبلي بنگالي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ لاءِ ٺهراءُ پڻ پاس ڪيو هو پر پوءِ به وفاقي حڪومت بنگالي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو نه ڏنو، جنهن ڪري پرتشدد احتجاج شروع ٿي ويا. ** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آئين ساز اسيمبلي اهو فيصلو ڪيو ته ڪراچي تيستائين وفاقي گادي وارو شهر برقرار رهندو، جيستائين پارليامينٽ ڪو فيصلو نٿي ڪري. ** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ايوب خان ريڊيو تي قوم کي خطاب ڪندي اعلان ڪيو ته هو ايندڙ اليڪشن ۾ حصو نه وٺندو ۽ اقتدار جي منتقلي جو عمل پرامن نموني مڪمل ڪندو. ** 1981ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايم آر ڊي مطالبو ڪيو ته جنرل ضياءُالحق فوري طور استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي، جڏهن ته ملڪ ۾ آمريت خلاف 23 مارچ تي سڄي ملڪ ۾ عام هڙتال جو سڏ پڻ ڏنو ويو. اڄوڪي ڏينهن 21 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 21 فيبروري 1857ع شاعر، سماج سڌار ۽ سياستدان شمس الدين بلبل ( ميهڙ) جي پيدائش ٿي. 21 فيبروري 1886ع هالا جي بزرگ شخصيت مخدوم غلام محمد جو جنم ڏينهن آهي. 21 فيبروري 1904ع ليکڪ ۽ صحافي پرڀداس برهمچاري (نوشهرو فيروز) جو جنم ڏينهن آهي. 21 فيبروري 1924ع ليکڪ آتم رام لالواڻي (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي۔ 21 فيبروري 1930ع ناليواري قانوندان، اديب، مفڪر ۽ سياستدان رسول بخش پليجو جي پيدائش ٿي. 21 فيبروري 1951ع فلم ڊائريڪٽر سيد نور جو جنم ڏينهن آهي. 21 فيبروري 1956ع شاعر عنايت ميمڻ (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي۔ 21 فيبروري 1965ع صحافي خادم حسين شيخ (ڪڍڻ) جو جنم ڏينهن آهي۔ 21 فيبروري 1970ع شاعر محمد علي سهتو (صدر جون ڀٽيون) جو جنم ڏينهن آهي۔ 21 فيبروري 1980ع ليکڪ خالد سعيد پهنور (مڪلي) جو جنم ڏينهن آهي۔ 21 فيبروري 1980ع ليکڪ جمال ساگر گهانگهرو (سکر) جو جنم ڏينهن آهي۔ وڇوڙو: 21 فيبروري 1870ع شاعر ۽ ملٽري آفيسر ٽالپر رياست سردار نواب احمد خان لغاري جو لاڏاڻو ٿيو. 21 فيبروري 1934ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ سياستدان ايسر داس منسوخاڻي ديهانت ڪري ويو. 21 فيبروري 1977ع صحافي مقبول ڀٽي جي وفات ٿي. 21 فيبروري 1958ع ناليوارو مفڪر، عالم دين ۽ سياستدان مولانا ابوالڪلام آزاد دهليء ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. 21 فيبروري 1959ع شاعر امام الدين ضامن جو لاڏاڻو ٿيو. 21 فيبروري 1981ع شاعر عبدالله خواب جو انتقال ٿيو. 21 فيبروري 1985ع شاعر اظهر ريلائي جو انتقال ٿيو. 21 فيبروري 2000ع موسيقار امداد حسين جو انتقال ٿيو. Dr.Pathan wishes you Good Day. [I have been advocating and following your vision & wisdom based upon your beauty and my love since centuries. In spite of that I remain encircled with sorrows & longings. Dear! Tell me, where is the fault and why is it?] ساري دنیا چئي ۽ دل چئي، تنھنجو مان آھیان، تنھنجئ سرت ۽ سونھن کي، وڏي وٿ ڀائیان، ڪنڌ ڪپائي سیس نمائي، بار بره جو لاھیان، پر سور سڏایان، سڪان صدین کان سلام لاء SINDH IN HISTORY TODAY (21st February) 21st February BIRTH DATES Hazrat Makhdoom Nooh (Religious Scholar, Saint and founder of Dargah Hala/21th of Ramzan 911 A.H=1506/), Shamisuddin ‘Bulbil’ (Mehar/Freedom Fighter, Journalist & Poet/1857), Makhdoom Ghulam Muhammad hole (Hala/Saint/1886),Pibhdas Brihamchari (Naushero Feroz > Ajmir/Freedom Fighter & Journalist/1904), Atmaram Lalwani (Writer/1924), Inayat Memon (Larkano/Writer/1956), Khadim Hussain Shaikh (Kadhan/Journalist/1965), Muhammad Ali Sahto (Sadar Joon Bhatyoon/Poet/1970), Khalid Saeed Panhwar (Makli/Writer/1980), Jamal Saghar Ghanghro (Sukkur/Writer/1988). DEATH DATES. Syed Mubarak Shah Sani (Ghotki/Saint/1858), Sardar Nawab Ahmad Khan Laghari (Diplomat of Talpur Era/1870), Essardas Munsukhani (Karachi/Politics/1934), Maqbool Bhatti (Journalist & Writer/1977), Abdullah ‘Khuwab’ (Hyderabad/Poet/1981), Azhar Relai (Dargah Pir Rakhyal Shah/Poet/1985). EVENTS 1931: The Branch of the Sindh Azad Party is opened at Village Allahabad Dhakhan of Taluka Dadu and Moulvi Haji Abdullah, Rais Arz Muhammad and Mulla Abdul Majid are elected President, Secretary and Treasurer respectively. 1933: In the session of the Indian Legislative Assembly Lalchand Nawalrai of Larkano supported Mr. Mitra’s plea against the Railway Board whose uselessness was proved by the fact that any complaint made against Railway administration was referred to Railway Agents. 1934: Weekly ‘Sindhwasi’ is founded in Sukkur under the editorship of Sadhu Kalani. 1935: The Quarterly meeting of the Larkano District Local Board is held under the presidency of Nabi Bux Khan Bhutto and it is attended by Muhammad Sidik Wagan, Qadir Bux Tunio; Allahdad Tunio; Pir Bux Khuhawar; Faqir Muhammad Unar; Abdul Hadi Bughio; Pirbhdas Tolani; Ahmad Khan Bhutto; Diwan Bhojraj; Fariduddin Jatoi; Hassan Ali Isran; Ali Gohar Lahori ; Gokaldas and Abdul Haq Bhutto. The Board decides to present an Address to Sir Shahnawaz Bhutto on the eve of his Larkano visit. 1940: The Congress member of the Sindh Legislative Assembly, Mr . Mohandas Doulatram brings No-Confidence Motion against K.B.Allah Bux , the Premier of Sindh, in the Assembly. 1952: Thirty-Six students are killed in East Pakistan protesting the rejection of Bengali as one of Pakistan’s national languages. The East Pakistan Assembly passes resolution favoring Bengali as official language. 1956: The Constituent Assembly of Pakistan decides that Karachi will continue to be the Federal Capital till such time as Parliament by law decides the area of the Federal Capital. 1969: The President Ayub, while addressing the Pakistani nation on Radio announces not to contest next elections and promises peaceful transfer of power. 1972: PPP sweeps polls for women seats in all the provincial assemblies. 1978: Sectarian clash during Milad-ul-Nabi (P.B.U.H) procession leave eight dead in Karachi. 1981: MRD demands Gen.Zia’s resignation and announces General Strike on 23rd of March.

No comments:

Post a Comment