Friday 16 February 2024

SINDH in history today (17th February). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (17th February) & Good Day Wish by Dr.Pathan SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {17th February} & My Good Wish. ************* تاريخ جو نياپو: تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌ ۽ سنڌين ماضئ ۾ ٻه دفعا اهڙا اهڙا لوڏا کاڌا, جو وري پاڻ سنڀالئ انھئ حيثيت کي حاصل ڪري نه سگهيا. پهريون دفعو مهين جي تباهي ۽ ٻيو دفعو ميرن جي انگريزن هٿان شڪست. مهين جي دڙي کان اڳ مهين جي تهذيب ايترو ته وڏي اوج تي هئي جو جنھن جو مثال دنيا جون تهذيبن جي تاريخ مان نه ٿو ملي. هن حادثي اسان کي اهڙو ڪاپاري ڌڪ ھنيو, اڄ تائين پاڻ سنڀالي نه سگهيا آھيون. اهو ئي سبب آھي جو سنڌي ماڻھون سائنس, ٽيڪنالاجئ ۽ هر علم ۾ ڪو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏئي نه سگهيو آھي. اهڙئ ريت 17 فيبرورئ 1834 تي اسان کي دائمي غلامئ جا زنجير ڳچين ۾ وڌا ويا ۽ جن کي اسان پيرن جا گهنگهرو بڻائي اڄ به نچندا رهون ٿا. اڄ 17 فيبروري آھي. اهو سنڌ جي تاريخ جو هڪ تاريڪ ڏينھن آھي. شايد ڪيترن کي ياد به نه هجي. پر تاريخ اسان کي اهڙيون يادگيريون ڏياريندي آھي. اچو ڏسو ته اڄ تاريخ اسان کي ڇا ٿي ياد ڏياري. ************* توجھ طلب واقعا ************* 17.2.1832: پاٽينجر جيڪو ميرن سان معاهدو ڪرڻ لاء سنڌ آيل هئو, سو اڄ خط لکي پنهنجئ سرڪار کي ٻڌائي ٿو ته حيدرآباد ۾ عوام هن جي خلاف پيو سوچي ۽ سندن رويو مون سان درست ناهي. ان ڪري مير مراد علئ صلاح ڏني آھي ته ڪڇ موٽي وڃ. هن منھنجي حفاظت جو ڪم احمد خان ۽ بخش علئ کي سونپيو آھي ۽ چئي ٿو ته جيڪڏهن خيرپور وڃڻو اٿئي ته اهي تو سان گڏ هلندا. 17.2.1835: سنڌي عملدارن کي جڏهن فرنگي سفارتڪارن جي نيتن تي شڪ ڪيو ته اهي لکپڙھ جي حوالي سان فرنگين کي موٽ ڏيڻ ۾ رخنو وجهڻ لڳا. اها ڳالھ محسوس ڪندي پاٽينجر پنهنجي عملي کي چيو ته جيڪڏهن ميرن سان لکپڙھ يا رابطو قائم ڪرڻ گهرو ته اهو ڪم منشي ڄيٺانند معرفت ڪريو. ان سان ڪنهن ڪم ۾ اجائي دير نه لڳندي. پاٽينجر ميرن سان "انڊس ٽول ٽريٽي" (سنڌو ندئ ذريعي واپاري سامان موڪلڻ تي لڳندڙ معاضي بابت ٺاه) ممبئي سرڪار کي موڪلي ڏنو ته جيئن اها مختلف زبانن ۾ سرڪاري گزيٽ ۾ شايع ڪري ته جيئن واپارين کي پتو پئي. 17.2.1843: مياڻئ وٽ نيپيئر اره زورائي ڪري ميرن مٿان جنگ مڙهي. مير نصير خان جي اڳواڻئ ۾ حيدرآبادي حڪمرانن حڪومت ۽ ملڪ بچائڻ جي ڪوشش ڪئي مگر ان ۾ ناڪام ويا. ميرن کي شڪست ملي ۽ نڀاڳو نيپيئر ڪامياب ويو. 17.2.1947: اسان جي وڏڙن علم ادب ۽ تاريخ جي خدمت ڪرڻ وقت معيار کي آڏو رکيو. هنن ڪڏهن به ذات پات, دين ڌرم يا ڪنهن ٻئي رشتي کي بنياد نه بڻايو. مانڪ پٿاوالا هڪ وڏو عالم هو. هن جو ڪراچئ تي جاگرافئ وارو انگريزئ ۾ لکيل ڪتاب تمام اهم ڪتاب آھي. هن انھئ ڪتاب ۾ شامل مواد کي "سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽئ" ۾ انعامي چٽاڀيٽئ لاء پيش ڪيو هو. اڄ هسٽاريڪل سوسائٽئ جي سيڪريٽرئ کيس خط لکي ٻڌايو ته تنھنجو قلمي پورهيو معياري ناهي. ان ڪري مئنيجنگ ڪائونسل ان کي انعامي چٽاڀيٽئ ۾ شامل نه ٿي ڪري. 17.2.1955: سنڌ جي چيف ڪورٽ فيصلو ڏنو هو ته گورنر جنرل جيڪو پاڪستان آئين ساز اسيمبلئ جو حڪم نامو ڪڍيو هو, سو غلط آھي. اڄ وفاقي حڪومت ۽ ان جي 9 وزيرن انھئ فيصلي خلاف وفاقي ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو. 17.2.1981: سنڌي ساهت سال جي سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت جهول پاران ضلع سانگهڙ ۾ ان جي شروعات پير بخش ڊٺڙي واري جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهڻ سان ڪئي، انهي سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنت جهول، شهدادپور، شاهپور چاڪر، ٽنڊو آدم ۽ ساگهڙ جي دوستن کانسواءِ سنڌ گريجوئيٽ ائسوسيئيشن سانگهڙ جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. ڪهچري مزار حسين بخش تي ٿي، جنهن جي صدارت درگاهه جي گادي نشين نبن شاهه ڪئي. ڪچهري ۾ ضلع جي مختلف علائقن کان آيل جن دوستن پنهنجا ڪلام ۽ ڪهاڻيون پهڙيون، اهي هي آهن. عاجز اڄڻ، الهورايو اداسي، شاد لغاري، اشوڪ ڪمار، ساگر ناريجو، عليڏنو شاهي، عزيز گوپانگ ۽ ٻين شعر پڙهيا ۽ ڪهاڻين ۾ آفتاب نظاماڻي ۽ الياس ابڙو ڪهاڻيون پڙهيون ۽ محمد حسين لغاري ۽ پير حسن بخش شاهه جي شاعريءَ تي خوبصورت مقالو پڙهيو. آخر ۾ استاد منظور علي خان جي ڀاءُ وزير علي ۽ جڙيل شاهه پنهنجي آواز سان آيل دوستن کي خوب وندرايو. هن پروگرام جي منتظم محترم معصوم ڪالاڻي واضح ڪيو ته اهو سال سڄو پوري سانگهڙ صلع ۾ پروگرام تحت ملهايو ويندو. 17.2.1990: رينجرس وارن ڪراچئ ۾ ايم ڪيو ايم طرفان ٺاهيل ڪيترا ٽارچر سيل پڪڙيا. 17.2.1992: نواز شريف جي حڪومت کي ڊاهڻ ۽ لاهڻ لاء اي.پي.سئ جي فيصلي موجب اڄ کان بينظير ڀٽو پنجاب جي مختلف شھرن ۾ احتجاجي جلوسن ڪڍرايا. ************ {17 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 17 فيبروري 1924ع اسڪالر ڊاڪٽر حبيب الله مرزا (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 فيبروري 1937ع ليکڪ لڪشمڻ ڀمڀاڻي جو جنم ڏينهن آهي. 17 فيبروري 1976ع شاعر غني غمدل جو جنم ڏينهن آهي۔ 17 فيبروري 1977ع ليکڪ اعظم ککراڻي جو جنم ڏينهن آهي۔ [وڇوڙو:] 17 فيبروري 1830ع پير صغبت الله شاهه جو لاڏاڻو ٿيو. 17 فيبروري 1859ع درويش پير محمد ياسين راشدي جو انتقال ٿيو. 17 فيبروري 1929ع سياسي اڳواڻ ارباب حاجي خميسو ميمڻ لاڏاڻو ڪري ويو. 17 فيبروري 1935ع سماجي ورڪر ديوان سنگهه مرچنداڻي (حيدرآباد) ديهانت ڪري ويو. 17 فيبروري 1988ع سماجي ورڪر رحم علي جعفري (لاڙڪاڻو) لاڏاڻو ڪري ويو. 17 فيبروري 1989ع شاعر حاجي فتح محمد لغاري جو انتقال ٿيو. 17 فيبروري 2019ع انجنيئرنگ جو پارکو ۽ مھراڻ يونيورسٽيءَ جو پھريون وائيس چانسلر ايس ايم قريشي لاڏاڻو ڪري ويو. 1. Dr.Pathan wishes you Good Day. [Minus YOU, peace is figment of imagination and love & beauty are without meaning & importance. You are an ideal and role model. Only you can set trend in sincerity & sacrifice and devotion & dedication. You can make us to believe in hope & trust. If you are lost, our everything is lost including human values and traditions of soul & heart] تون موجود تان حق موجود، ھر پل ھر ھنڌ ھو موجود، تون ھوندین ھوڪو ڏیندین، ناحق کي تون ڪري نابود، تو بن جاني تان درد-درود، اٹپورو وجود, روح سلام بنا. ************* SINDH IN HISTORY TODAY (17th FEBRUARY) 17th February BIRTH DATES 1. Dr.Habibullah Mirza (Hyderabad/ Scholar/ birth 17th February 1924), 2. Laxman Bhambhani (Writer/ birth 17th February 1937), 3. Ghani ‘Ghamdil’ (Rustam/Poet/ birth 17th February 1976), 4. Azam Khakhrani (Ali Khan/Writer/ birth 17th February 1977). 17th February DEATH DATES 1. Pir Sabghatullah Shah Tajar Dhani (Pir Goth/Saint/ death 17th February 1830), 2. Pir Muhammad Yasin Rashdi (Thullah/Saint/ death 17th February 1859), 3. Arbab Haji Khamiso (Politician/ death 17th February 1929), 4. Diwan Hirasing Mirchandani (Social Worker/ death 17th February 1935), 5. Raham Ali Jaffri (Larkano/Social Worker/ death 17th February 1988), 6. Haji Fatah Muhammad Laghari (Lal Laghari/Poet/ death 17th February 1989). EVENT 17th February 1832: Colonel Pottenger, Political Agent in Sindh, is given O.K and his way of dealing with Sindh affairs is approved by the Government of India. 1835: The Political Agent of the East India Company Government. Colonel Pottenger directs his Native Agents not to write or try to contact Sindh rulers directly, but always address them through Munshi Jethanand to avoid delays and subterfuges on the part of Talpurs. 1843: It is black day in the history of Sindh. Charles Napeir , with troops consisting of 2800 defeated Talpurs at Meani. They were in 17000 in number. Soon after the fall of Sindh, Jack flag was hosted on the Hyderabad fort and British troops started plundering in city and fort. Proclamation is issued by Charles Napeir and Jageerdars and fighting Balochi groups are advised to refrain from taking risk of fighting British troops, return to their homes and assure their friendly attitude and get their Jageers re-restored. In Karachi, Muhammad Sadiq, Diwan Tekchand and Diwan Mulchand- all responsible officers of Talpurs are arrested and Captain Preedy declares Karachi of becoming a British Town by a proclamation and Seth Naumal is placed at authority. 1916: People of Sindh find it fit to revise and re-assign religious duties of their Religious leaders. Young Amil Association of Karachi arranges gathering and Rewachand Vassanmal delivers lecture on the topic of ‘What should our Pandits do’? 1919: The year 1919 was landmark in the history of Sindh and Hind. It proved to be beginning of politics of agitation and violence. Keeping in view the turning of situation, the Governor of Bombay addresses the Darbar at Sukkur, consisting of Jageerdars, Landlords and Sardars from Sukkur, Larkano and Jacobabad. He speaks about construction of Sukkur Barage, promoting of Education for Muslims and construction of roads in all these three districts. 1931: The Branch of the Sindh Azad Party is opened at Village Siyal near Dadu and Moulvi Mian Muhammad Hassan (President), Sirai Mian Muhammad Hassan (Vice President), Moulvi Muhammad Salih Abbasi (Secretary) and Qazi Mian Haji Ahmad (Treasurer) are elected as office-bearers. 1949: Sindh Legislative Assemble mourns death of Quaid-i-Azam and Sir Ghulam Hussain Hidayatullah. Condolence resolution is passed. Where as Pakistan Parliament passed Bill for the establishment of an Industrial Finance Corporation. 1955: An appeal is filed in the Federal Court on behalf of the Federation of Pakistan and nine ministers against the Sindh Chief Court’s decision , which declares the dissolution of the Constituent Assembly, illegal. 1964: The Chief delegates of the Pakistan- China Joint Boundary Commission chalk out scheme for joint survey and mapping. 1990: Sindh Rangers unearthed several Torture Cells in Karachi

No comments:

Post a Comment