Sunday 25 February 2024

SINDH in history today (25th February). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (26th February) & Good Day Wish by Dr.Pathan. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {26th February} & Good Day Wish. ************* ****** ڌيان طلب واقعا ************* 26.2.1835: فرنگين بلمير تي حملو ڪيو ته مير نور محمد اڄ انھئ اره زورائئ تي پاٽينجر سان احتجاج ڪيو. پر انھئ جي فرنگين کي اجازت ڏنائين ته فرنگي سنڌ ۽ ڪڇ وارئ سرحد تي کوسن خلاف ڀلي مهم جوئي ڪن. [کوسا فرنگين ۽ سندن واپارين کي لٽيندا ڦريندا هئا ته جيئن اهي سنڌ ۾ پنهنجا پير ڄمائي نه سگهن.] 26.2.1901: حيدرآباد شهر "ايني بسنت هال" جي نالي سان هڪ خوبصورت عمارت جو اڄ اضافو ٿيو. هن عمات ۾ ريڊنگ روم, لائبرري ۽ مهمان خاني جي گنجائش رکي وئي آھي. خوبچند ميوارام کي ان جو پهريون سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. [46 سال هن لائبررئ ۾ انمول ڪتابن جو اضافو ٿيو. هتي ڪيترا فنڪشن ٿيا ۽ 1947 کان پوء سنڌي هن عظيم ورثي جي حفاظت نه ڪري سگهيا]. 26.2.1920: ترڪئ کي شڪست ڏئي پاش پاش ڪرڻ کان پوء فرنگي سرڪار هڪ پورو هفتو جشن ملهايو ۽ ان ۾ سنڌ جي مٿئين طبقي ۽ ٻين ڪيترن سرڪار-پرست ماڻھن شرڪت ڪئي ھئي. اڄ ”انجمن علماء سنڌ" هڪ فتوا جاري ڪئي ته انھئ فنڪشن ۾ شرڪت ڪندڙ خدا ۽ قوم کان معافي وٺن. ٻئ صورت ۾ سندن سوشل بائڪاٽ ڪيو وڃي. 26.2.1921: لاڙڪاڻي ۾ سنڌ خلافت ڪميٽئ جي گڏجاڻي ٿي. ان ۾ پارٽئ جا نوان قاعدا ۽ قانون منظور ڪيا ويا ۽ فيصلو ڪيو ويو ته جن خانگي خواه غير سرڪاري تعليمي ادارن فرنگي سرڪار کان مالي مدد وٺڻ کان انڪار ڪيو آھي, انھن جي پارٽي مالي مدد ڪندي ۽ ان لاء خواهشمندن کان درخواستون گهرايون وڃن. 26.2.1922: ڳڙھي ياسين ۾ اسسٽنٽ ڪليڪٽر مسٽر ٽئنٽن جي صدارت ۾ ”امن سڀا" طرفان فنڪشن ڪرايو ويو. ان ۾ راء بهادر گوڪلداس, ڀائي لالسنگ ۽ روح الله خلافت تحريڪ خلاف تقريرون ڪيون. 26.2.1941: سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽئ طرفان شام جو ستين وڳي ڊي.جي.ڪاليج ۾ ادبي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ ايڇ.ٽي. لئمبرڪ “ڪوهستان محال ۾ آڳاٽي تاريخ جا آثار" جي موضوع تي پنهنجو تحقيقي مقالو پڙھيو. انھئ کان اڳ سوسائٽئ جي سالياني جنرل ميٽنگ ٿي, جنهن ۾ نئين سال لاء ھن ريت ميمبر چونڊيا ويا: ايڇ.ٽي.لئمبرڪ (صدر), سهراب ڪي.ايڇ. ڪيٽرڪ (نائب صدر), اين.ايم. بليموريا (سيڪريٽري ۽ خزانچي), اي.بي. آڏواڻي (جوائنٽ سيڪريٽري) ۽ هي مئنيجنگ ڪميٽئ جا ميمبر: ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي, ڊاڪٽر ڊئريٽ, ڊاڪٽر دائود پوٽو ۽ چيتن ماڙيوالا. 26.2.1947: برطانيه جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ لارڊ لارينس پارليمينٽ ۾ بيان ڏنو ته جيڪڏهن هنستان جون وڏيون سياسي جماعتون اسان سان ڳالهين ۾ نه ٿيون ٺھن ته اسان اقتدار صوبن حوالي ڪنداسين. 26.2.1984: ڪوئيٽا ۾ سنڌي نوجوانن جي گڏجاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي برانچ کولي وئي، جنهن لاءِ عارضي طور تي سرپرست اخترڪاڪيپوٽو، صدر محمد علي لاکو، نائب صدر اسد محمود پٺاڻ نظم، جنرل سيڪريٽري عبدالباري منگي، جوائنٽ سيڪريٽري آغا سعيد، پريس سيڪريٽري الطاف ڦلپوٽو، خزانچي مختيار ابڙو چونڊيا ويا. تنقيدي نشست ۾ آغا سعيد غزل ۽ نظم، اسد محمود نظم، الطاف ڦلپوٽي وائي پڙهي. تنقيد ۾ امتياز سومرو، قيس ابڙو، پروفيسر برڪت علي، امداد ڪلوڙ، ظفر سومر ۽ ٻين حصو ورتو. 26.2.1969: نيٺ ايوب عوامي طاقت اڳيان جهڪي پيو. اڄ هن اقتدار آرمي چيف جنرل يحيا حوالي ڪيو, جنهن ملڪ سان مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏيو ۽ سياسي سرگرمين تي پابندي مڙھي ڇڏي. هئ اهڙي منڍئ-مٽ ٿي, جنهن ملڪ کي ٽوڙي ڏيکاريو. ************* {26 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 26 فيبروري 1906ع ليکڪ ۽ پبلشر تيرٿ ساڀاڻي (لاڙڪاڻو / بمبئي) جي پيدائش ٿي . 26 فيبروري 1923ع شاعر ڪندن لال ناچيز (روهڙي / ڀوپال) جو جنم ڏينهن آهي. 26 فيبروري 1926ع شاعر حافظ شاهه ناطق جو جنم ڏينهن آهي. 26 فيبروري 1928ع شاعر ۽ موسيقار ڀڳوان ڀاوناڻي (حيدرآباد / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 26 فيبروري 1938ع شاعر آخوند زخمي هالائي جو جنم ڏينهن آهي. 26 فيبروري 1943ع شاعر ۽ اسٽيج ڊائريڪٽر لال نارنگ (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 26 فيبروري 1943ع ناليواري سياسي ۽ سماجي ڪارڪن عبدالرحمان محمد يعقوب(ڪراچي) جو انتقال ٿيو. 26 فيبروري 1962ع شاعر غلام عباس جوش قادري جي وفات ٿي. 26 فيبروري 1971ع اسڪالر مخدوم امير احمد جو انتقال ٿيو. 26 فيبروري 1984ع سگهڙ باغ محمد بيشڪ جوکيو (جنگشاهي) جو انتقال ٿيو. 26 فيبروري 2015ع ناميارو راڳي صادق فقير هڪ روڊ حادثي ۾ مڪي مڪرمه سعودي عرب ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. 1.Dr.Pathan wishes you Good Day. [My Dear! I have found beautiful colours of Morning and wonderful freshness of beauty in you. I believe that your vision and wisdom is second to none. I have knocked your door to pray for my share. Empower us, guide us and help us, please] ‏تون ئي سونھن صبح سندي، ‏ تون ئي آھین صبح-سلام. ‏تو کان سونھن سندو انعام، ‏پیو طلبیان جانب جيئڻ لاء. ************* SINDH IN HISTORY TODAY (26th FEBRUARY) 26th February BIRTH DATES 1. Tirath Sabhani (Larkano > Mumbai/Journalist & Writer/ birth 26th February 1906), 2. Kundanlal ‘Nachez” (Rohri > Bhopal/Poet/ birth 26th February 1923), 3. Hafiz Shah ‘Natiq’ (Poet/ birth 26th February 1926), 4. Bhgwan Bhawnani (Hyderabad > Mumbai/Poet & Musician/ birth 26th February 1928), 5. Akhund ‘Zakhmi’ Halai (Poet/ birth 26th February 1938), 6. Akash Amar (Poet/ birth 26th February 1975), 7. Kashif Bukhari (Sukkur/Poet/ birth 26th February 1989). 26th February DEATH DATES 1. Abdul Rahman Muhammad Yaqoob (Karachi/Freedom Fighter/ death 26th February 1943), 2. Makhdoom Amir Ahmad (Scholar/ death 26th February 1971), 3. Ghulam Abbas ‘Josh’ Qadri (Larkano/Poet/ death 26th February 1962). EVENT 26th February 1835: British commander attacks Balmere and Mir Noor Muhammad protest with Colonel Pottenger against this action. However helps them to suppress Khosas and other predatory tribes on the border of Cutuch. 1901: Besant Hall of Hyderabad is chartered. It has the best building consisting of a Reading Room, a good library and nice guest house. Khubchand Mewaram is elected its first Secretary. The lodge is after name of Ainne Besant, eminent Theosophist and politician. 1920: ‘Anjuman Ylema-i-Sindh’ issues Fatwa (Judgment) and asks people to boycott with those who participated in ‘Victory Celebrations’ arranged by Government. The defeat of Turkey is defeat of Muslims, they declared. The Fatwa advices participants of celebration to beg pardon to avoid boycott of the people. 1921: The meeting of the ‘Sindh Khilafat Committee’ is held at Larkano. It is decided to amend Rules of the Party, conduct election, and invite application from schools for financial aid/support. 1922: Mr. Taunton, Assistant Collector presides over the public meeting held by Aman Sabha of Garhi Yasin. R.B.Bhai Gokaldas , Bhai Lalsing and Roohullah in their speeches advises people not to join Khilafat. 1940: The vote of the Speaker saves K.B.Allah Bux’s Government. The vote of ‘No-confidence’ cannot be carried out. 1947: lord P. Lawrence, Secretary of State declares on the floor that ‘if the parties did not arrive at the main decision and agreement by the fixed date, it will be possible for British to hand over power to provincial Government. 1969: President Ayub hand over the Government/power to Army Chief General Yahya Khan. Martial law is imposed, assemblies are dissolved and political activities are banned.

No comments:

Post a Comment