Sunday 11 February 2024

SINDH in history today (12th February). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

12 فيبرورئ جي ”واقعاتي تاريخ“] جيئن سج روز اڀري ۽ اڀرڻ کان مڙي ئي ڪونه, تيئن آئون به روز پنهنجي ماروئڙن کي سنڌ جي اڻ-ٻڌايل تاريخ پيو ٻڌايان. هن وقت لکت ۾ ”واقعاتي تاريخ" حاضر آھي ۽ منجھند ڌاري سلائيڊن ذريعي ”تصويرن ۾ تاريخ" ۽ شام جو ”وڊيو ٽاڪ" پيش ڪندس. بس ايئن سڄو ڏينھن سنڌ جي تاريخ-گوئئ ۾ گذري ويندو. اهو ئي ڪم اٿم ۽ اهو ئي فهم اٿم. ڪجھ توجھ-طلب واقعا: 12.2.1843: نڀاڳي نيپيئر اڄ سڪرنڊ مان آئوٽرام کي خط لکي ٻڌايو ته حيات خان جي اڳواڻئ ۾ 25 ويڙھاڪن جيڪب جي ڪئمپ تي حملو ڪيو پر هن مڙسي ڪري انهن کي پڪڙي ورتو. اهي ماڻھون نه ته هٿيار جيڪب جي حوالي ڪن ٿا ۽ نه وري مون اڳيان پيش پوڻ لاء راضي ٿين ٿا. ان ڪري مان هڪ فوجي جٿو موڪليان ٿو ته کين زورئ مون وٽ آڻي پيش ڪري. 12.2.1930: ڪراچي ضلعي جي ”جميعت العلماء سنڌ" جي چونڊ ٿي, جنهن ۾ شاهبندر جي قاضئ فتح علئ کي صدر ۽ سجاول واري مولوي فتح کي نائب صدر چونڊيو ويو. ان کان سواء ”اگزيڪيوٽو ڪميٽي“ پڻ چونڊي وئي. ان ۾ شامل ڪيل ميمبرن جا نالا ممتاز علي پٺاڻ وارئ انگريزي پوسٽ ۾ ڏسي/پڙھي سگهندا. 12.2.1931: اڄ جيڪب آباد ۽ بٺوري ۾ ”سنڌ آزاد پارٽئ" جون شاخون کوليون ويون. جيڪب آباد ۾ مولوي حاجي رحيم بخش کي صدر, شمس الدين کي سيڪريٽري ۽ عبدالرحمان کي خزانچي مقرر ڪيو ويو. بٺوري ۾ وري مولوي محمد يونس کي صدر, سيٺ محمد عثمان کي سيڪريٽري ۽ سيٺ محمد هاشم کي خزانچي مقرر ڪيو ويو. 12.2.1932: "انڊين ڪرمنل لا امينڊمينٽ ايڪٽ آف 1908" جي سيڪشن 16 هيٺ سرڪار حيدرآباد ضلعي جي ڪانگريس ڪميٽئ ۽ ان جي سمورين ذيلي شاخن تي پابندي مڙھي. 12.2.1941: ڪراچئ ۾ ”شاه عبداللطيف ادبي ڪانفرنس“ شروع ٿي. ان جي صدارت علامه آء.آء.قاضئ ڪئي. جڏهن ته سنڌ جي تعليم واري وزير شيخ عبدالمجيد سنڌئ ڪانفرنس جو افتتاح ڪيو ۽ سنڌ اسيمبلئ جي اسپيڪر ميران محمد شاه پنهنجو مقالو پڙھيو. سرڪاري سطح تي هئ پهرين ”لطيف ادبي ڪانفرنس“ هئي. 12.2.1950: پاڪستان جي گورنر جنرل خواجا ناظم الدين ”ڪوٽڙي بئراج“ جي اڏاوت وارو پيڙھ جو پٿر رکيو. 12.2.1966: شيخ مجيب پنهنجي سياسي حڪمت عملئ ۽ منشور طور ڇهن پوائنٽن جو اعلان ڪيو. انھن جو تفصيل ممتاز علئ پٺاڻ پنهنجئ انگريزئ وارئ پوسٽ ۾ ڏنو آھي ۽ اهو تفصيل جيئن جو تيئن اتان کڻي هتي ڏيان ٿو: 1), Federal constitution in line with Pakistan Resolution of 1940, 2), Separate Currencies for East and West wing, 30, Limiting Central Government’s portfolios to defense and foreign affairs. 4), Collection and spending Tax by provinces, 5), Foreign exchange to be utilized by earning province, 6), Every province to form its own Para-Military force. 12.2.1995: ڪراچئ ۾ ايم.ڪيو.ايم طرفان وڳوڙ شروع ٿيا. 12.2.1996: پاڪستان سرڪار ”گوادر بندر“ جي اڏاوت واري ڪم جي منظوري ڏني. *** اڄوڪي ڏينهن 12 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: 12 فيبروري 1868ع مذهبي اسڪالر مولانا مير محمد نورنگي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 12 فيبروري 1929ع ليکڪ چوئٿ رام گانڌي (وارهه / احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 12 فيبروري 1931ع شاعر عبدالقادر عابد ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. 12 فيبروري 1932ع شاعر چترو ناگپال (شڪارپور / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 فيبروري 1937ع ليکڪ شيام جئي سنگهاڻي (ڪوئيٽا / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 فيبروري 1938ع فائن آرٽس شعبي سان تعلق رکندڙ رضوان عمراڻي (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 فيبروري 1938ع ليکڪ رام پيسواڻي (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 فيبروري 1941ع ليکڪ رهبر ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 فيبروري 1958ع اداڪاره عتيقه اوڍو جو جنم جنم ڏينهن آهي۔ 12 فيبروري 1960ع ادڪاره هيملتا گهنشياڻي (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 فيبروري 1960ع ليکڪ ديدار سولنگي (ڏوڪري) جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 فيبروري 1962ع شاعر غلام شبير “شبير” جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 فيبروري 1962ع ليکڪ وحيد قريشي جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 فيبروري 1974ع صحافي مجيب سومرو جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 فيبروري 1975ع ليکڪ لطف سيال جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 فيبروري 1975ع صحافي عبداللطيف سولنگي (نئون ديرو) جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 فيبروري 1979ع ليکڪ سردار ڀيو جو جنم ڏينهن آهي۔ وڇوڙو: 12 فيبروري 1920ع شاعر مير علينواز شاهه علوي (شڪارپور) جو لاڏاڻو ٿيو. 12 فيبروري 1933ع سماجي ڪارڪن ۽ سماج سڌارڪ مير غلام محمد ٽالپر (ٽنڊو باگو) جو انتقال ٿيو. 12 فيبروري 1940ع ليکڪ نادر بيگ مرزا (حيدر آباد) جو انتقال ٿيو. 12 فيبروري 1959ع شاعر امام الدين ضامن جو لاڏاڻو ٿيو. 12 فيبروري 1978ع ناليواري تاريخدان ۽ ليکڪ مولائي شيدائي (سکر) جو انتقال ٿيو. 12 فيبروري 1988ع شاعر ۽ اديب امرت راءِ سام جئسنگهاڻي ديهانت ڪري ويو. 12 فيبروري 2017ع نامياري تاريخ نويس، استاد ۽ قومپرست سياستدان ڊاڪٽر حميده کهڙو جو لاڏاڻو ٿيو. SINDH IN HISTORY TODAY (12th February) 12th February BIRTH DATES Moulana Mir Muhammad Nourangi (Religious Scholar & Writer/1868), Choithram Gandhi (Warah > Ahmadabad/Writer & Freedom Fighter/1929), Abdul Qadir ‘Abid’ Abro (Piyaro Wahan/Poet/1931), Chatro Nagpal (Shikarpur > Mumbai/Poet/1932), Shyam Jaisinghani (Quetta > Mumbai/Writer & Artist/1937), Rizwan Umrani (Larkano/Artist/1938), Ram Peswani (Karachi & Mumbai/Poet/1938), Rahbar Bhatti (Writer/1941), Hemlata Ghanshiani (Ahmadabad/Actress/1960), Ghulam Shabi ‘Shabir’ (Poet/1962), Wahid Qureshi (kandi/Writer/1962), Mujeeb Soomro (Sher Muhammad Dawich/Journalist/1974), Lutuf Siyal (Siyal Abad/Journalist/1975), Soomar Ali Malah (Poet/1977), Sardar Bhayo (Amin Mangrio/Writer/1979), Inayat Solangi (Moro/Poet/1979), DEATH DATES Mir Ali Nawaz Shah ‘Alvi; (Shikarpur/Poet/1920), Mir Ghulam Ali Talpur/Promoter of education/1933), Imamuddin ‘Zami’ (Poet/1959), Moulai Shedai (Sukkur/Scholar/1978), Amratrai ‘Sam’ (Larkano/Poet & Social worker/1988). EVENTS 1843: Charles Napier writes from Sakrand to Major Outram that Twenty-five Murrees, headed by Hayat Khan attempted to ride through Jacob’s camp, and he very properly made them prisoners ; but they refused either to give up their arms or come to my camp. I have therefore sent a squadron out to him to receive them. 1930: The meeting of the District Karachi Jamiat-ul-Ulema is held to elect new office-bearers. Kazi Fatih Ali of Shahbandar is elected as the President. Whereas Moulvi Fatih Ali of Sujawal gets the seat of the Vice President. Executive Committee is also elected. Now it consists of Moulvi Kazi Muhammad (Sujawal Taluka), Moulvi Muhammad Usman (Mirpur Batho Taluka), Moulvi Muhammad (Thatto Taluka), Moulvi Muhammad Ashraf (Ghorabari Taluka) and Moulvi Muhammad Hussain (Thatto city). 1931: The branches of Sindh Azad Part are opened at Jacobabad and Bathoro. Jacoabad Branch elects Khilafati Moulvi Haji Rahim Bux as President, Shamisuddin as Secretary and Abdul Rahman as Treasurer. Whereas at Bathoro Moulvi Muhammad Yousif is elected as the President, Seth Muhammad Usman as Secretary and Seth Muhammad Hashim as Treasurer. 1932:The Governor-in-Council, under Section 16 of the Indian Criminal Law Amendment Act, 1908 (X1V of 1908), declares Hyderabad District Congress Committee and affiliated organization with it unlawful. 1941: Shah Latif Adabi Conference starts at Karachi. It is inaugurated by Shaikh Abdul Majeed Sindhi, Education Minister of Sindh. Whereas it is presided over by Allama I.I.Kazi. The Speaker of Sindh Legislative Assembly, Syed Miran Muhammad Shah presented his paper on the topic of the ‘Importance of education’. 1950: The Governor-General of Pakistan Khowaja Nazimuddin lays the foundation stone of the Kotri Barrage. 1966: Shaikh Mujeeb-u-Rahman announces 6-point formula in Karachi. They are: 1), Federal constitution in line with Pakistan Resolution of 1940, 2), Separate Currencies for East and West wing, 30, Limiting Central Government’s portfolios to defense and foreign affairs. 4), Collection and spending Tax by provinces, 5), Foreign exchange to be utilized by earning province, 6), Every province to form its own Para-Military force. This may kindly be kept in mind that later on it was disclosed by a few politicians the 6-points were drafted by non-Bengali officer belonging to West Pakistan and as it was assignment for Mujeeb from West Pakistanis. 1995: Fresh violence erupts in Karachi. 1996: Pakistan Government O.Kays construction of Guwadar Port.

No comments:

Post a Comment