Friday 9 February 2024

SINDH in history today (10th February). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

Reseach by Dr.Pathan. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {10th February} & My Good Day Wish. ************* . سنڌ جي تاريخ جو سنيهو: اوهان جو ڌيان ڇڪرائيندڙ واقعا. ************** 10.2.1836: پاٽينجر اڄ ليفٽيننٽ برنس کي خط ذريعي ٻڌايو ته ممبئي سرڪار جلد از جلد تراکڙي وڏي ٻيڙي موڪلي رهي آھي ته جيئن آسانئ سان سنڌوء جي سروي ڪري سگهون. [پر اسان جا سٻاجها حڪمران فرنگين جي اهڙين حرڪتن ۽ چالبازين کان بي خبر هئا ] 10.2.1843: اڄ آئوٽرام حيدرآباد مان نيپيئر کي خط لکيو ته تون حيدرآباد پهچڻ جي تڪڙ نه ڪر, ڏهين محرم کان پوء مير پالها ٿي مون سان نئين معاهدي بابت ڳالهائيندا. تو لاء مون جنگي آگبوٽ ھالا موڪلي ڇڏيو آھي. ڏکئي وقت ۾ ان کي جنگي مقصدن لاء ڪم آڻي سگهين ٿو. انھئ آگبوٽ مان ئي گولاباري ڪري سگهجي ٿي. نيپيئر اڄ کيس خط لکي ٻڌائي ٿو ته مان هن وقت سڪرنڊ ۾ آھيان. ميرن کي مهلت ڏيان ٿو ته تو سان نئين معاهدي تي ڳالهائن. پر جي هنن ٽال مٽول ڪئي ته ھنن سان اچي جنگ ڪندس. 10.2.1857: ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت اڄ ممبئي حڪومت معرفت سنڌ جي ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته سنڌوندئ کي آمدرفت لاء ڪم آڻڻ بابت هڪ تفصيلي رپورٽ ٺاهي موڪل. 10.2.1924: سنڌ ۾ ڪيترا سال اڳي "مسلم ليگ" نالي جماعت جوڙي وئي ۽ "آل انڊيا مسلم ليگ" کان الحاق وٺڻ جي ڪوشش ڪئي, پر انھئ ۾ ڪاميابي حاصل نه ٿي. "خلافت ڪميٽئ/خلافت تحريڪ" جا پويان پساه ٿيا جو خود ترڪئ وارن "خلافت" مان هٿ پٽيا. انھئ پس منظر ۾ سنڌي مسلمانن پاڻ کي منظم ڪرڻ لاء اڄ حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر نور محمد جي صدارت ۾ گڏجاڻي ڪئي ته جيئن: 1). سنڌ ۾ مسلم ليگ کي منظم ڪجي, 2). سنڌ کي ممبئي کان الڳ ڪرڻ لاء سياسي حڪمت عملي تيار ڪجي, 3). مسلمانن کي سرڪاري ملازمتن وٺڻ ۾ پيش ايندڙ دشوارين تي غور ڪجي ۽ 4). انھن مقصدن ماڻڻ لاء ”آرگنازنگ ڪميٽي" جوڙي وڃي. جيڪا آرگنائيزنگ ڪميٽي جوڙي وئي, اها هئي: سيٺ حاجي عبدالله هارون (صدر), محمد ڪامل شاه (نائب صدر), ڊاڪٽر نور محمد شيخ (سيڪريٽري), حڪيم فتح محمد سيوهاڻي (خزانچي). ڪائونسل ۾ هي ميمبر کنيان ويا: شيخ عبدالمجيد سنڌي, شاهنواز ڀٽو, پير تراب علي شاه, سيٺ طيب علي, مير الله بخش, پير غلام مجدد سرهندي, مير ايوب خان,محمد ايوب کهڙو, حڪيم شمس الدين, انور علي شاه, عبدالجبار وڪيل, ڊاڪٽر غلام حسين قاسم, مير محمد بلوچ, ميران محمد شاه ۽ محمد خان. 10.2.1931: ڪراچئ ۾ ” سنڌ خلافت ڪميٽئ" جون ھن ريت چونڊون ٿيون: مير محمد بلوچ (صدر), مير الله بخش (نائب صدر), شيخ عبدالمجيد سنڌي (سيڪريٽري), مولانا محمد عثمان ۽ مولانا دين محمد وفائي (ٻئي جوائنٽ سيڪريٽري). 10.2.1955: اقتدار تي قابض قوتون اهو نه پيون چاهن ته ڪو پاڪستان جو آئين جڙي ۽ سندن من-مستيون هلي نه سگهن. ان ڪري گورنر جنرل ملڪ جي "آئين ساز اسيمبلي" ٽوڙي. اسيمبلئ جي صدر مولوي تميزالدين اهڙي حڪم نامي کي سنڌ چيف ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڪيس کٽي ورتو.ان تي اڄ ملڪ جي انٽيرئر منسٽر جنرل اسڪندر مرزا بيان ڏنو ته اسان سنڌ چيف ڪورٽ جي فيصلي کي فيڊرل ڪورٽ ۾ چئلينج ڪنداسين. 10.2.1969: صدر ايوب ۽ نوابزادي نصرالله جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ مخالف در جي سياستدانن سان حڪومت جي ڳاله ٻوله شروع ڪرائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪيائون. 10.2.1979: ملڪ جي هاء ڪورٽن ۾ “شريعت بينچون" قائم ڪيون ويون. ************** ڏينهن 10 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون ************** جنم ڏينهن: 10 فيبروري 1906ع سنڌ اسيمبلي جي پهرين عورت ڊپٽي اسپيڪر ڄيٺي سپاهيملاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 فيبروري 1913ع شاعر مينهون مل مينهون جو جنم ڏينهن آهي. 10 فيبروري 1914ع ناليواري قانوندان جسٽس الاهي بخش خميساڻي جو خيرپور ۾ جنم ٿيو. 10 فيبروري 1922ع ليکڪ ريلومل چوڌري (دادو / بيلاس پور) جو جنم ڏينهن آهي۔ 10 فيبروري 1926ع ليکڪ حبيب بخاري (ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي۔ 10 فيبروري 1933ع سياستدان مير اعجاز علي ٽالپور جو جنم ڏينهن آهي. 10 فيبروري 1936ع ليکڪ محمد پناهه جو جنم ڏينهن آهي۔ 10 فيبروري 1938ع تعليمي ماهر ڊاڪٽر محمد صديق ڀٽو جو جنم ڏينهن آهي۔ 10 فيبروري 1938ع مشهور بيوروڪريٽ ۽ ليکڪ انور حسين صديقيجو جنم ڏينهن آهي۔ 10 فيبروري 1942ع سماج سڌارڪ ڏيتارام ولياڻي (ٽنڊو فضل / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي۔ 10 فيبروري 1952ع شاعر قمر قربدار (دادو) جو جنم ڏينهن آهي۔ 10 فيبروري 1965ع سماجي ورڪر عبدالرحمان چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي۔ 10 فيبروري 1966ع ليکڪ عبدالغني مهر (سکر) جو جنم ڏينهن آهي۔ 10 فيبروري 1967ع ليکڪ رياض شاهه جو جنم ڏينهن آهي۔ 10 فيبروري 1971ع صحافي صدرالدين جو جنم ڏينهن آهي۔ 10 فيبروري 1975ع ليکڪ اصغر آڪاش (وارهه) جو جنم ڏينهن آهي۔ 10 فيبروري 1976ع شاعر ۽ ڊرامه نويس ايوب گُل جو جنم ڏينهن آهي. 10 فيبروري 1980ع محقق، ليکڪ ۽ سماجي اڳواڻ خالد ڪنڀار جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 10 فيبروري 1761ع مذهبي اسڪالر مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لاڏاڻو ٿيو. 10 فيبروري 1926ع شاعر ۽ مذهبي اسڪالر سيد اسدالله شاهه جو انتقال ٿيو. 10 فيبروري 1966ع هند ۽ سنڌ جو ناميارو شاعر، نقاد ۽ ڪهاڻيڪار سڳن آهوجا ديهانت ڪري ويو. 10 فيبروري 1987ع ناليواري نقاش ۽ مصور سيد صادقين احمدجو انتقال ٿيو. 10 فيبروري 2001ع سنڌي ادبي سنگت جو باني ۽ ناول نگار گوبند مالهي ديهانت ڪري ويو۔ 10 فيبروري 2015ع سياسي، سماجي شخصيت ۽ ليکڪ عبد الغفور ڀرڳڙي جو انتقال ٿيو. 10 فيبروري 2016ع اردو ٻولي جي نامياري ليکڪا فاطمه ثريا بجياجو انتقال ٿيو. 10 فيبروري 2019ع ڪهاڻيڪاره رشيده حجاب ڪئناڊا ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Dear! It is not mater of today, but, we have remained associated and affiliated to each other since creation of our souls. I don't know how and why you have forgotten our Common Glorious Past? Not now, but in Future you will surely realize that distance and differences terribly damaged our connection and contact. Let us recall our Common Glorious Past and face jointly sorrows & longings of Present so as to save our Common Bright Future. Dear! We are two sides of a same coin.] SINDH IN HISTORY TODAY (10th February) 10th February BIRTH DATES Moulana Muhammad Usman (Qiran/Religious Scholar & Freedom Fighter/1879), Jethi Sipahimalani (Hyderabad > India/Freedom Fighter/1906), Kalyan Adwani (Hyderabad > Mumbai/Scholar/1911), Menhomal ‘Menho’ (Sultankot > Ulhasnagar/Poet & Singer/1913), Relomal Choudhri (dadu > Bilaspur/Writer/1922), Habib Bukhari (Tado Muammad Khan/Writer/1926), Mir aijaz Ali Talpur (Politician/1933), Muhammad Panah Pharro (Bahao Mullan/Writer/1936), Khadim Abro (Gerilo/Social worker/1938), Detaram Walvani (tando Fazul > ajmir/social worker/1942), Qamar ‘Qurbdar’ (Dadu/Poet/1952), Mumtaz Ali ‘Sajid’ (Poet/1958), Abdul Ghani Mahar (Sukkur/Writer/1966), Riaz Shah (Pir Badaruddin/Poet/1967), Sadaruddin (Rahamuddin Umrani/Journalist/1971), Asghar Akash (Warah/Writer/1975), Nasrullah Kolachi (Badah/Social worker/1975). DEATH DATES Makhdoom Muhammad Hashim Thatvi (Religious Scholar/1761), Sufi Asoram (saint & Poet/1941), Sagun Ahuja (Poet/1966), Hadi Bux lark (/1985) EVENTS 1936: Flat - bottomed Boat is provided to Lieutenant Burns for the purpose of the survey of the Indus. The Boat was sent from Bombay. 1924: A meeting of Sindhi Muslims is held at Hyderabad, with Dr. Noor Muhammad in Chair. The agenda consists of: i) Reorganizing of Muslim league in Sindh, 2) Unemployment in Sindh, 3) separation of Sindh from Bombay Presidency, 4) Selection of Organizing Committee. Twenty-five member Committee is constituted for the task of reorganizing Muslim League in Sindh. Office – bearers and members are: Seth Haji Abdullah Haroon (President), Muhammad Kamil Shah (Vice President), Dr. Noor Muhammad Shaikh (Secretary), Hakim Fatih Muhammad sehwani (Treasurer). Council consists of Shaikh Abdul Majeed Sindhi, Shahnawaz Khan Bhutto, Pir Turab Ali Shah, Seth Tayab Ali, Mir Allah Bux Talpur, Pir Ghulam Mujadid Sarhandi, Mir Ayub Khan, Pir Illahi Bux, Muhammad Ayub Khuhro, Hakim Shamisuddin, Ali Anwar Shah, Abdul Jabbar, Dr. Ghulam Hussain Qasim,Haji Mir Muhammad Baloch, Miran Muhammad Shah and Muhammad Khan. 1931: The meeting of the Sindh Khilafat Committee is held at Karachi to elect new office-bearers and members of the Working Committee. Mir Muhammad Baloch (President), Mir Allah Bux (Vice President), Shaikh Abdul Majeed Sindhi (Secretary), Molvi Muhammad Usman and Moulana Din Muhammad Wafai (Joint Secretaries) are elected as office-bearers. It is decided to revive political activities of the party in Sindh. 1947: in reply to a question in the Central Assembly, Pandit Jawaharlal Nehru says that Government is convinced that Sri Subhas Chandra Bose died as a result of injuries sustained in an aircraft crash and it is not true that he was shot dead on the Russio-China border by Allied forces. 1955: The central Government is going to the Federal court against the decision of Sindh Chief Court in favour of Moulvi Tamizuddin, says Major-General Iskandar Mirza, Interior Minister of Pakistan. 1969: The meeting is held between Nawabzada Nasrullah Khan and President Ayub to clarify some points regarding Govt-Opposition talks. 1991: Baghdad Radio reports that Iraq Government has rejected Pakistani Prime Minister, Nawaz Sharif’s plan for truce in the Gulf war.

No comments:

Post a Comment