Monday 12 February 2024

SINDH in history today (13th February). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ اڄ 13 فيبرورئ تي اوهان لاء دعائن سلامن ۽ نيڪ تمنائن جا جهول ڀري ۽ تاريخ جي خزاني مان ٻڪ ڀري حاضر ٿيو آھي. تاريخ جي مطالعي گهٽ ھجڻ ڪري ماڻهون "داخلي غلامئ" جي چڪڻ ۾ ڦاسندو نجو پجو غلام ٿي پوندو آھي. هن کي اصل ۽ نقل خواه ڪوڙ ۽ سچ جي فرق جي خبر نه پوندي آھي. ان ڪري نقلي نظرياتي اڳواڻ ڪوڙن آدرشن کي آڏو آڻي معصوم عوام جو رت ست چوسيندا آھن. ھن دور ۾ اسان انھن ياجوجن ماجوجن جي ور چڙھي ويا آھيون. ان ڪري اسان جي ادارن ۾ اونده لڳي پئي آھي ۽ اڪثر تنظيمن ۾ ڀينگ لڳي پئي. ان ڪري اسان کي پاڻ بدلائڻو آھي. پاڻ بدلائڻ لاء اسان کي تاريخ جو مطالعو ڪرڻو پوندو. تاريخ اسان جي اندر جون اکيون کولي ٿي ۽ اسان ۾ سچ ڪوڙ ۽ پنهنجي پرائي جي تميز پيدا ڪري ٿي. پهريون پنهنجن ويرن کي منھن ڏبو ته پوء ڌارين ويرين سان وڙھي سگهبو. وڌيڪ ڳالهين ڪرڻ کان اڳ مان اوهان جي خدمت ۾ سلام ٿو پيش ڪريان: Dr.Pathan wishes you Good Day [ Do not cry before everybody. Change the narration so as dear can listen you. Keep your sorrows and problems away from everybody, tell your dear with tears in your eyes. Do not bow before everybody, but surrender before beauty and beloved unconditionally. Understand that love requires life and life needs love] دنیا اڳیان تہ اجايو نہ ايئن ليلائجي، پر فقط ٻھگڻ کي پيو روئي ٻڌائجي، گھرندي هن پرین کان نہ گھٻرائجي، سیس سونھن ۽ سچ اڳیان نمائجي،‏ پرچاء لاء پاند ڳچئ ۾ کڻي پائجي،‏ لائجي تہ نڀائجي، ساجن سلام سان. ************ اچو ته هاڻي 13 فيبرورئ جي حوالي سان تاريخ تي نظر رکون. ************ ڌيان طلب واقعا ************* 13.2.1839: پاٽينجر اڄ پنهنجي گورنر کي تفصيلي خط لکيو, جنھن جون خاص ڳالهيون هي آھن:1). ڊسمبر جي 24 تاريخ تي اسان جي فوج سر جان ڪين جي اڳواڻئ ۾ وڪر مان هلي ۽ 28 تاريخ تي ٺٽي پهتي. اتي مير جان خان ٽالپور ۽ نواب احمد خان لغارئ سندن استقبال ڪيو, 2). ميرن کي معاهدي جو متن پهچايو آھي. نواب احمد خان لغاري کين چئي ٿو ته اکيون ٻوٽي معاهدي ۾ انگريزن جون سڀ ڳالهيون نه مڃجن,3). ٺٽي ڪئمپ ۾ ھڪ ٻروچ ڪچو شراب اسان کان چورئ وڪڻڻ آيو. مون سوچيو ته کيس پڪڙي ميرن ڏي موڪليان, پر هو ڀڄي ويو ۽ ڪئمپ ۾ اسان جي سپاهئ هٿان مري پيو, 4). اسان جي فوج جو حصو جهرڪن ۾ ڪئمپ ٺاهي رهڻ لاء نڪتو ته سنڌي ماڻھن مٿن حملو ڪري نقصان پهچايو. مون اھڙي شڪايت ميرن سان ڪئي آھي, 5). مير صوبدار خان جو پٽ مير فتح علي, ان کان سواء مير شھداد, مير حسين ۽ مير محمد سر جان ڪين سان ملڻ آيا ۽ معزت ڪيائون ته هنن ڪن سببن ڪري اچي آڌرڀاء ڪرڻ ۾ دير ڪئي, 6). ميرن شاه شجاع لاء خراج ڏيڻ شروع ڪيو آھي ۽ پهرين قسط ۾ ڏه لک روپيا مون کي ڏئي ويا آھن. 13.2.1843: ميجر آئوٽرام اڄ حيدرآباد مان نيپيئر ڏي هڪ تفصيلي خط لکيو, جنهن جون خاص ڳالهيون هي آھن: 1). اتر سنڌ جي ميرن سواء مير نصير خان خيرپورئ جي سمورن نئين ٺاه تي دستخط به ڪئي ۽ پنهنجي پنهنجي مهر به لڳائي. مير نصير خان سڀاڻي مهر هڻندو, 2). مير رستم خان بيشڪ تو سان ڪيترين ڳالهين ۾ ڪوڙو ثابت ٿيو آھي, پر هن کي هيسائڻ ۽ ڀڄائڻ ۾ مير علي مراد جو هٿ آھي. هن ان مان فائدو ورتو آهي, 3). ميرن جو مجموعي رايو آھي ته ٺاه جي نالي ۾ کين لٽيو ويو آھي. سندن رويئي ۾ آڻ مڃڻ واري تبديلي اچي وئي آھي, 4). مان اوهان کي تڪڙي پيش قدمئ کي روڪڻ جي گذارش ڪريان ٿو. ميرن کي پڪ ڏياري اٿم ته اوهان حيدرآباد بدران آگبوٽ ۾ سڌا ڪراچئ هليا ويندا. پر هنن کي انھئ ڳاله جي پڪ نه ٿي اچي, 5). هاڻي هاڻي خبر پئي آھي ته سنڌي عوام رات اسان کي اڦٽ مارڻ جو رٿيو هو پر ميرن اسان جي ڀرپور حفاظت جو بندوبست ڪري اسان کي بچايو. هو ٻئي خط ۾ لکي ٿو ته ميرن/حڪمرانن ۾ نه پر ٻروچن ۾ وڏو شور آھي. هو قسم قران تي گڏجي جنگ جي حالت ۾ ڇتي ويڙھ ڪرڻ جا پھ پچائي رهيا آھن. اهو به خطرو آھي ته اهي مڇريل ٻروچ اسان تي حملو ڪن, پر اسان پنهنجي بچاء جو بندوبست ڪري ڇڏيو آھي. ميرن وري ضد تي بيٺا آھن ته جيڪو پرڳڻو مير علي مراد پنهنجي ڀاء مير رستم خان جو زورئ قبضي ۾ ورتو آھي, اهو مير رستم خان کي واپس ڪرايو وڃي. مير اها به ڪوشش ڪن ٿا ته مڇريل ۽ گڏ ٿيندڙ ٻروچن کي سمجهائي پنھنجي پنهنجي ڳوٺ واپس ڪن. تون هالا کان اڳتي فوج نه آڻجان. ان سان حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون. 13.2.1843: سڪرنڊ مان نيپيئر اڄ آئوٽرام کي لکي ٿو ته تنهنجي چوڻ تي مان ٻه ٽي ڏينھن رڪيو آھيان. پر خبرون ٿيون پون ته هتان کان حيدرآباد تائين هر ڪنهن شهر ڳوٺ ۾ ھٿياربند ٻروچ چرپر پيا ڪن. مان سڀاڻي سعيدآباد ۽ ٻئي ڏينھن هالا ويندس. وچ تي ٻروچ منھن چڙھيا ته هنن سان ٺاهوڪو حساب ڪتاب ڪندس. 13.2.1969: لاڙڪاڻي واري گهر ۾ قيد ڀٽي اڄ کان امرجنسي هٽائڻ تائين بک هڙتال شروع ڪئي. انھئ دوران اصغر خان هن سان پنج ڪلاڪ ملاقات ڪئي. اصغر خان هن دور ۾ ڀٽي جو شيدائي رهيو. پر جڏهن ڀٽو اقتدار ۾ آيو ته ڦري سندس وڏو سياسي دشمن ٿي پيو. 13.2.1984: سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جون چونڊون سال 1984ع لاءِ مرڪز جي نگراني ۾ ٿيون. جنهن ۾ مالڪ کوسو سيڪريٽري، رحميداد راهي سومرو جوائنٽ سيڪريٽري، خزانچي محمد نواز سومرو ۽ آڊيٽر هاديبخش سومرو کي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو ويو. جوائنٽ سيڪريٽري ۽ خزانچي کان علاوه محسن علي شاهه موسوي کي ڪامياب قرار ڏنو ويو. ان انتخابي سب ڪميٽي ۾ مرڪزي سيڪريٽري جنرل تاج جويو سنڌي ادبي سنگت چڪ جو هارون چنو، چانڊڪا ميڊيڪل جو حفيظ الله حفيظ موجود هئا. آخر ۾ ڪامياب ٿيڻ وارن اميدوارن کي سيڪريٽري جنرل مبارڪباد ڏني. ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو محنت ۽ جذبي سان ڪم ڪندا رهندا. 13.2.1984: سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙيءَ جي گڏجاڻي قمر عباسي جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ اسير ملاح مضمون، گل محمد ترجمو، دين محمد اڪرم نظم، منگل فاني غزل، غلام رسول غرق وائي ۽ قمر عباس غزل پيش ڪيو. تنقيد ۾ مٿين کانسواءِ ميوو، منور چانڊئي، جاويد جوکئي ۽ روشن علي حصو ورتو. 13.2.1984 سنڌي ادبي سنگت ڏهرڪي جو تنظيمي ميڙ الهورايو راڄڙ جي صدارت ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ ڊاڪٽر لياقت ڀٽو، علي حسن جمالي، شمس الدين ڀٽو، راجڪمار، ڊاڪٽر ظفر ڀٽو، پنهل ڏهر،علي انور سومرو، رشيد ۽ شبير بيدار ڀٽو شامل ٿيا. اجلاس ۾ هن ڳالهه تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو ته شهيد هوش محمد شيدي جي قبر تي ڪجهه ماڻهن بئڪري تيار ڪري قبر جي بي حرمتي ڪئي آهي، ۽ سنڌ جي تاريخ سان هٿ چراند ڪئي آهي. تنهن ڪري مطالبو ڪيو ويو ته شهيد جي قبر مٿان اڏيل بئڪري ڊاهي نئين سر قبر ٺاهي وڃي. قبر جي چوڌاري ديوار ڏياري وڃي ۽ اهڙي حرڪت ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. 13.2.1994: بنظير ڀٽو بي.بي.سئ کي انٽرويو ڏيندي مڃيو ته هن سکن واري تحريڪ کي ڪچلڻ ۾ انڊيا جي وزير اعظم راجيو گانڌئ جي مدد ڪئي هئي. 13.2.1995: ڪراچئ ۾ دهشتگردن هٿان هنگامن جي اڄوڪئ لهر ۾ 11 ماڻھون اجل جو شڪار ٿيا. 13.2.1996: سانگهڙ مان گئس جا ذخيرا لڌا ويا. ************* {13 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 13 فيبروري 1911ع اردو ٻولي جي ترقي پسند شاعر فيض احمد فيض جو جنم ڏينهن آهي. 13 فيبروري 1931ع ليکڪ قمر سومرو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13 فيبروري 1933ع ليکڪ هري همٿاڻي (سنڌ / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 13 فيبروري 1942ع سگهڙ پيرل ماڇي جو جنم ڏينهن آهي. 13 فيبروري 1949ع سياستدان مخدوم خليق الزمان (هالا) جو جنم ڏينهن آهي۔ 13 فيبروري 1957ع شاعر، ليکڪ ۽ گلوڪار ٻلديو نند لال ڪالرو(شڪارپور / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي۔ 13 فيبروري 1977ع ليکڪ، شاعر ۽ ڪالم نگار رضوان گُل جو جنم ڏينهن آهي۔ [وڇوڙو:] 13 فيبروري 1865ع بزرگ سيد موسى شاهه ثاني جو لاڏاڻو ٿيو. 13 فيبروري 1947ع مذهبي اسڪالر پير الهيار شاهه جو انتقال ٿيو. سندن عرس هر سال 21 ربيع الثاني تي ملهايو ويندو آهي . 13 فيبروري 1979ع نامياري صحافي قاضي محمد اڪبر جو لاڏاڻو ٿيو. 13 فيبروري 2007ع شاعر الهنواز نواز رڪڻائي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. 13 فيبروري 2008ع شاعر عبدالرئوف منصور ويراڳي(هالا) جو انتقال ٿيو. 13 فيبروري 2016ع برصغير جي نامياري موسيقار روبن گوش جو ڍاڪا ۾ انتقال ٿيو. 13 فيبروري 2018ع صوفي راڳي شير شاهه جي وفات ٿي. SINDH IN HISTORY TODAY (13th February) 13th February BIRTH DATES Hari Himthani (Hesab > Ajmir/Novelist/1930 Piral Machi (Haji Mashori/Folklore Poet/1942), Baldev Kalro(Shikarpur > Mumbai/Singer/ poet/1947), Makhdoom Khaliquzaman (Hala/Politician/1949), Amar Ansari (Badn/Poe/1968), Rizwan Gul (Larkano/ Writer & Poet/1977). DEATH DATES Altf Abbadi (Writer/2007), Nawaz Ruknai (Poet/2007). EVENTS 1928: Muhammad Ayub Khuhro is vested powers of Special Honorary Third Class Magistrate in his area, Larkano. 1931: The branches of Sindh Azad Party are opened at Chak and Deh 22 Nusrat of Tharparkar. For Chak branch K.B.Mir Muhammad Pathan, Pir Bux Khan, Abu Shoukat Hamzo and Allah dino are elected as President, Vice President, Secretary and Treasurer respectively. Whereas in Deh Nusrat Syed Jamal Shah (President), Moulvi Muhammad Moosa (Vice President), Syed Qabool Muhammad (Secretary) and Syed Hussain Shah (Treasure) are elected as office bearers. 1933: Sir Samuel in his statement in the House of common says that there could be no question of release Mr. Gandhi or other Civil Disobedience prisoners until Government had convincing reasons to believe that their release would not be followed by a revival of Civil Disobedience. 1939: a public meeting is held in Khalikdina Hall of Karachi with Haji Abdullah Haroon in chair. Pir Ali Muhammad Shah Rashdi presented the Progress report. Whereas Muhammad Ayub Khuro spoke on the political situation of Sindh. 1969: Chairman PPP Z.A.Bhutto start hunger strike till lifting of emergency from the country. Asghar Khan hold talks with him for five hours in Larkano. 1977: Moulana Jan Muhammad Abbasi’s petition against Z.A.Bhutto’d unopposed election is dismissed by Election Commission of Pakistan for lack of sufficient evidence.1993: Supreme Court of Pakistan summons former COAS General (Rtd) Mirza Aslam Beg on contempt of court charges. 1994: In an interview with BBC Benazir Bhutto admits having helped Indian Prime Minister control Sikh uprising.

No comments:

Post a Comment