Tuesday 13 February 2024

SINDH in history today (14th February). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

ڄ 14 فيبرورئ تي مان ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ دعائن, سلامن ۽ نيڪ تمنائن جا جهول ڀري اوهان جي حضور ۾ حاضر ٿيو آھيان. سنڌ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌ دشمن قوتن جا سنڌ ۽ سنڌين بابت حڪمت عمليون سدائين هڪ جهڙيون رهيون آھن. اهي سنڌي عوام سان سڌي ٽڪر کائڻ بدران, سندن حاڪمن ۽ اڳواڻن کي لٺ يا چٺ ڏيکاري پنهنجا مقصد آسانئ سان حاصل ڪندا آھن. انگريزن ميرن جي دور ۾ به ايئن ڪيو ته پنهنجي حڪمرانئ جي دور ۾ ايئن ڪيو. 1947 کان پوء وري سنڌ جي حڪومتن ڊاهڻ, سنڌ جي سياسي اڳواڻن کي ڪرپشن, ايبڊو, ڊي پي آر ۽ ٻين قلمن جي لٺ سان جاڏي چاهيو اوڏي منھن ڪري بيهاريو. وفاقي سطح ڏنڊي جي زور تي ڪرسئ تي قبضي ڪرڻ وارن پاڻ کي چونڊائڻ جون نئيون روايتون قائم ڪيو. حالتون ايئن ئي هر دور ۾ پير کڻنديون آيون آھن ۽ اسان جي اڳواڻن انھن کي بدلائڻ بدران پاڻ کي حالتن مطابق پئي بدلايو آھي. اهي ان وقت تائين پاڻ نه بدلائيندا, جيسيتائين عوام پاڻ نه ٿو بدلائي. اهي منھنجون سوچيون نه آھن, پر اهو تاريخ ٻڌائي ٿي. تفصيل سان تاريخ کي ٻڌائڻ کان اڳ پنهنجو سلام عرض رکان ٿو: Wish YOU Good Day. With love, respect and regards. Dr. Dur Muhammad Pathan. Founder, Gul Hayat Institute. ڈاکٹر پٹھان بچھڑ جائوںگا تو بہت بکھر جائوںگا، چین تیرے سوا میں کدھر پائوں گا؟ پیار دے نہ سکو تو درد ہی عنایت کر دو، تیرے درد جدائی میں نکھر جائوں گا، ایک بار تو نظر کرم تم ھم پر کردو، دیکھنا تیرے دل میں میں اتر جائوں گا. ************* هاڻي اچو ته تاريخ کي ٻڌون. اچو ته 14 فيبرورئ جي ورق کي پڙھون. ************* غور طلب واقعا ************* 14.2.1835: ايسٽ انڊيا ڪمپنئ کي افغانستان ۾ شاه شجاع کي شطرنج جي مهري طور بادشاه بڻائي رکڻ جي ضرورت انھئ ڊپ ڪري ٿي ته اهو ملڪ ٽپي ڪا ٻاهرين طاقت هنستان تي نه قبضو يا حملو ڪري. ان ڪري فرنگين سنڌ جي ميرن کان لکين روپيا وٺي هن کي خراج طور ڏنو. اڄ شاه شجاع لڏي لمي اچي حيدرآباد پهتو. حيدرآبادي ميرن سندس بادشاه طور آڌرڀاء ڪيو. شاه شجاع کانئن شڪارپور پنهنجي لاء گهري مگر کيس کتو جواب مليو. 14.2.1843: نيپيئر اڄ سعيد آباد مان آئوٽرام کي خط لکي ٿو ته مان ھالا پهچڻ وارو آهيان ۽ اميد ته 17 يا 18 تاريخ تي حيدرآباد ۾ ملاقات ٿيندي. تون ٻه ٽي ڏينھن پنهنجو بچاء ڪجانء. 14.2.1843: آئوٽرام اڄ نيپيئر کي لکيو ته ٻه ڏينھن اڳ تنھنجي خط مان پتو پيو ته جيڪب 25 مري پڪڙيا آھن, جيڪي سندس ڪئمپ تي حملو ڪرڻ آيا هئا. در اصل اهي مير محمد خان جا وفادار آھن. اها خبر عام ٿيندي ته ٻروچ جتان گذرندا, سنڌين کي لتاڙيندا ۽ نقصان ڪندا. ٿلهي ليکي منهنجو رايو هئ آھي ته مير جنگ ڪرڻ لاء تيار ڪونهن. ان ڪري مون ٺٽي ۽ ڪراچئ ۾ مقيم پنهنجئ فوج کي چيو آھي ته اتي ئي هجي ۽ حيدرآباد اچڻ جي ضرورت ڪانھي. مون حيدرآبادي ميرن کي چتاء ڏنو آھي ته ڪنهن به اسان تي حملي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جا اگرا نتيجا اهي ئي ڀوڳيندا. مير رستم علئ جا ماڻھون ايئن ڪري سگهن ٿا ۽ حملن کان پوء ميرپور يا امرڪوٽ ڀڄي ويندا. 14.2.1843: آئوٽرام حيدرآبادي ميرن کي لکيو ته اوهان جيڪڏهن اسان تي حملو ڪيو يا حملو ڪندڙ خيرپوري ميرن جي مدد ڪئي ته پوء اوهان اسان جي قهريلي جنگ کان حيدرآباد بچائي نه ٿا سگهو. آئوٽرام کي مير شھداد خان ماڻھو موڪلي يقين ڏياريو ته مان فرگين جو وفادار دوست آھيان. ان جي موٽ ۾ آئوٽرام چوائي موڪليس ته پنهنجئ زبان تي قائم رهجان. جيڪڏهن تنھنجي هڪ به ماڻھونء اسان سان وڙھڻ جي ڪوشش ڪئي ته سڄو ڳڙو توتي ڪرندو. خابرن آئوٽرام کي خبر ڏني ته مير نصير خان باغ ۾ ٻروچ ميڙي انھن کان قرآن تي هٿ رکرائي پڪ پيو وٺي ته جنگ ٿي ته هو مير نصير خان سان ويڙھ ۾ گڏ هوندا. خابروء اها به خبر ڏنس ته جيڪڏهن جنگ لڳي ته مير صوبدار خان مير نصير خان کان الڳ ٿي ويندو ۽ سندس ساٿ نه ڏيندو. 14.2.1848: اتر سنڌ جي فرنگي فوجي عملدار ڪمشنر کي لکيو ته ڪنڌڪوٽ ۾ فوجي ڇانوڻي ٺاهڻ جي سخت ضرورت آھي ۽ اوهان مير علي مراد کي لکي, هن کان اجازت به وٺي ڏيو ۽ زمين به وٺي ڏيو. 14.2.1853: حيدرآباد جي ڪليڪٽر اڄ ڪمشنر کي خط لکي ٻڌايو ته مير ڪريم علي خان جي وڏي گهر ڌياڻي بيبي بندي گذاري وئي آھي ۽ اسان جي سرڪار طرفان کيس 500 روپيا پينشن ڏني ويندي هئي. ڪليڪٽر گذارش ڪيس ته اها پينشن بند نه ڪئي وڃي پر ٻين گهر ڌياڻن کي ڏجي. 14.2.1971: عوامي ليگ جي سينٽرل ڪميٽئ وري پنهنجئ ڳالھ کي ورجايو ته اسان جون 6 پوائنٽس ۽ شاگردن جون 11 پوائنٽس ئي نئين پاڪستاني آئين جو بنياد ٿينديون. 14.2.1960: بنيادي جمهورت جي 80 هزار ميمبرن اڄ صدر ايوب تي اعتماد ڪرڻ يا نه ڪرڻ تي ووٽ وڌا. ان سان نقلي چونڊن ڪرائڻ جي پاڪستان ۾ روايت قائم ٿي. جنرل ضياء به ساڳي منطق ۽ طريقي سان پنهنجي حق ۾ پوء ايئن رفرينڊم ڪرايو هو. 14.2.1969: ايوب شاهئ خلاف مغربي ۽ مشرقي پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي هنگاما ٿيا. ڪراچئ ۽ لاهور ۾ ھڪ هڪ ماڻھون پوليس فائرنگ ۾ مري ويو. 14.2.1973: سنڌ جي گورنر مير رسول بخش ٽالپور پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏني ۽ بيگم رعنا لياقت علي خان کي سنڌ جو نئون گورنر بڻايو ويو. 14.2.1990: مخالف ڌر جي اتحاد سي.او.پئ مرڪزي سرڪار کان گهر ڪئي ته سنڌ سان گورنر راڄ لاڳو ڪيو وڃي. 14.2.1995: ڪراچئ ۾ دهشتگردن جي قهري ڪارواين ۾ ڪمي ڪانه آئي. اڄ 11 بي گناه انسان موت جو شڪار ٿيا. ************* {14 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 14 فيبروري 1483ع مغل بادشاهه ظهيرالدين بابر جي پيدائش ٿي. 14 فيبروري 1886ع تي هالا سان تعلق رکندڙ بزرگ شاعر مخدوم غلام محمد جنم ورتو۔ 14 فيبروري 1908ع تي سياستدان جعفر خان جمالي جنم ورتو۔ 14 فيبروري 1924ع تي ليکڪ قاضي غلام محمد قريشي (هالا) جنم ورتو۔ 14 فيبروري 1925ع گلوڪار رامچند نارو ڀڳت (لاڙڪاڻو / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي۔ 14 فيبروري 1930ع صحافي سک لال پنجواڻي جو جنم ڏينهن آهي۔ 14 فيبروري 1933ع باليووڊ اداڪاره مڌو بالا جو جنم ڏينهن آهي۔ 14 فيبروري 1946ع تي سياستدان محمد خان گوپانگ (حيات گوپانگ) جنم ورتو۔ 14 فيبروري 1947ع تي رتوديرو سان تعلق رکندڙ شاعر سيد غضنفر راجه جنم ورتو۔ 14 فيبروري 1957ع تي ليکڪ مقبول احمد مارو جنم ورتو۔ 14 فيبروري 1960ع صحافي غلام مصطفى لاشاري (گاجي کهاوڙ) جو جنم ڏينهن آهي۔ 14 فيبروري 1961ع دادو سان واسطو رکندڙ ليکڪ اعظم چنڪو جنم ورتو۔ 14 فيبروري 1981ع ليکڪ اعجاز مهيسر جو جنم ڏينهن آهي۔ [وڇوڙو:] 14 فيبروري 1873ع صوفي درويش بيدل فقير وفات ڪئي . 14 فيبروري 1934ع تي آزادي واري تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ سياسي ليڊر ولي محمد حسن علي آفندي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. 14 فيبروري 1997ع ناليواري راڳي استاد محمد يوسف جو انتقال ٿيو. 14 فيبروري 2005ع لبناني صدر رفيق الحريري بيروت ۾ هڪ بم ڌماڪي ۾ 22 ماڻهن سميت قتل ٿي ويو. SINDH IN HISTORY TODAY (14th February) 14th February BIRTH DATES Makhdoom Ghulam Muhammad ‘Maghmoom’ (Hala/Saint & Poet/1886), Qazi Ghulam Muhammad Qureshi (Hala/Writer/1924), Ramchand Naro Bhagat (Larkano > Ajmir/Singer/1925), Sukhlal Punjwani (Chak > Kota/Journalist/1930), Muhammad Khan Gopang (Hayat Gopang/ Local politician/1946), Syed Ghazanfar ‘Raja’ (Ratodero/Poet & Politician/1947), Maqbool Ahmad ‘Maro’ (Matli/Poet/1957), Azam Chhinko (Dadu/Writer/1961), Aijaz Mahesar (Khondi/Writer/1981). DEATH DATES Syed Hussain Shahmurad Shirazi (Thatto/Saint/1488), ‘Bedil’ Faqir ( Rohri/Saint & Poet/1873), Wali Muhammad Hassan Ali Effendi (Karachi/Politician/1934) EVENTS 1843: Majour Outram, Political Agent writes to Mir Shahdad Khan that ‘Your Munshi Metharam, has brought your message to this effect that you are the friend of the British, and, if it is my wish, will come personally to reside in the Agency for my protection; and that your people shall not join in approaching disturbance, and will not oppose the British. This I have understood, and this is my reply: That if your behave as you say, no blame will upon your Highness; but, if a single follower of yours does join in hostilities against the English, the penalty will be yours,; and if any of your people are implicated, it cannot be concealed from me, for, depend upon it, I will make a thorough investigation.’ 1926: Dr. Annie Besant presides over political conference held at Karachi. Speakers throw light on the importance of the ‘Commonwealth of India Bill’ introduced by Dr. Annie Besant in Assembly. 1933: Haji Mir Muhammad Baloch moves adjournment in the Bombay legislative Assembly to discuss the Government’s policy underlying opening of liquor shops in Karachi and Ahmadabad. The president disallows the motion. 1935: ‘The India Bill’ is debated in the House of Commons. Colonel Wedgwood opposes the separation of Sindh from Bombay Presidency. 1945: The Sindh Muslim League meets at Karachi to discuss the awarding of Party Tickets to candidates. 1947: Sj. L. B. Bhopatkar, President of All-India Hindu Maha Sabha at a press conference in New Delhi says that the Muslim League’s boycott of the Constituent Assembly had made it incumbent on it to vacate its seats in the interim Government and if the Muslim League refuses to do, it was up to Governor- General to compel it to this course of action. 1948: At the annual Darbar at Sibi, the Quaid-i-Azam announces to constitute an ‘Advisory Council’ for Baluchistan. 1969: Complete strike is observed throughout Pakistan and meetings are held demanding acceptance of DAC’s 8-points. Two people are killed in Karachi and Lahore each. 1971: Awami League Central Committee reiterates Party’s 6-points and 11-points of students’ council as the basis of new constitution. 1990: COP Leaders demand of President to impose ‘Governor’s rule in Sindh. It is amazing to note the the Governor’s rule in Sindh was always demanded when PPP is in power. 1995: Eleven people are killed in fresh outburst of violence in Karachi

No comments:

Post a Comment